صحارا ريگستان

صحارا ريگستان (Sahara Desert) ڌرتيءَ تي موجود سڀ کان وڏو رڻ پٽ سڏيو وڃي ٿو.

صحارا آفريڪا کنڊ جي اترئين پاسي 30 لک چورس ميلن جي ايراضي تي پکڙيل آهي. ايٽلانٽڪ کان ليبيا جي رڻ پٽ تائين هن جي سراسري ويڪر 1440 ڪلوميٽر ٿئي ٿي، جيڪا نيل ندي تائين آهي. صحرا ۾ آباديءَ ۽ وسنديءَ جا مک مرڪز اُهي نخلستان آهن جن ۾ جَرَ جو مٺو پاڻي ملي ٿو. گهڻي ڀاڱي نخلستان صحرا جي اترئين ۽ ڏاکڻين ڀاڱي ۽ وچ صحرا جي جابلو علائقن ۾ آهن، جتي پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو آهي.تحقيق مان ڄاڻ ملي ٿي تہ هن علائقي جا ماڻهو جا هئا، جيڪي ڏکڻ پاسي کان آيا ۽ اچي نخلستان آباد ڪيائون. هتان جي رهواسين جا ڪارٿيجن، فونيقي ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ماڻهن سان ڪاروبار ۽ رابطا هئا. تنھن کانپوءِ هن صحرا کي اوڀر کان ايندڙ مسلمانن ۽ بربرن فتح ڪيو. مسلمان پاڻ سان گڏ هن صحرا ۾ کجيءَ جو وڻ ۽ اُٺ کڻي آيا، جنھن ڪري هن علائقي جي طرزِ زندگي ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي. کجيءَ جي پيداوار ڪري باغن جي انگ ۾ واڌارو آيو ۽ اُٺن جي ڪري سون ۽ ٻين معدنيات جي واپار کي ڏکڻ جي علائقي ۾ هٿي ملي. هن صحرا جي اُڀرندي حصي ۾ 50 ميلن جي مفاصلي تي تاسلي ديس احبر نالي ماڳ وٽ نرم وارياسي پٿر جي هڪڙي بٺي اڪيچار صدين جي ڊگهي عرصي دوران وارياسي تيز طوفانن جي زد ۾ رهندي واريءَ جي ذرڙن وسيلي گسندي ڪٽجندي اهڙي نموني تراشجي وئي آهي ڄڻ اها ڪنھن هٿ سان جوڙي آهي. الجيريا ۾ تيل ملڻ سان صحرا جي معيشت ۾ هڪ نئين دور جي شروعات بہ ٿي وئي آهي. پوءِ بہ هن صحرا جي ماڻهن جو دارومدار گهڻي ڀاڱي پوکيءَ تي آهي. هتان جي سڀ کان اهم اُپت کارڪون آهن. ان کان سواءِ هتي ميوا، ڀاڄيون، چانور، ڪڻڪ، ٻاجهري ۽ جَوَ بہ گهڻي مقدار ۾ پوکيا وڃن ٿا.

صحارا ريگستان
صحارا ريگستان جو ھڪ ڏيک

حوالا

Tags:

آفريڪاالجزائرايٽلانٽڪ سمنڊاٺبربرتيلرومي (ڀونوچ) سمنڊريگستانسونلبيامسلماننيلکجي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

روشن آرابيت المڪرم مسجد، ڪراچي1985عاخلاقآرٽ نوئووگڏيل بادشاھتسنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلابرازيلپورچوگيزي ٻوليشي جنپنگخاصخيليابن خلدونانٽرنيٽلاڙڪاڻوپروفيسرآبدوزسنڌي ٻوليسسئي پليجوڪريٽو ڪامنزسيڪيولرازمنگر ڪوٽشاعريشيخ ڀرڪيو, بزرگمارچشاستا ڪائونٽي، ڪيليفورنيارياضييهوديتدبئيآمريڪا کنڊمحمد علي جناحعبدالرحيم گرهوڙيسونڪريئيٽيو ڪامنز اجازت ناموويرا واھشهيد فاضل راهوعلم عروضڪل ديسي پيداوارسنڌي شاعريپاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئشننيوزيلينڊشمارياتآئينسرنھن(وڻ)وڪي لغتسيد بلاول شاھ نورانيپيءُانتخاب سنڌي ڪلام سچل سرمستارتقاادبي تنقيدڪتوچنڊانڊونيشياايلون مسڪاصطخري1869عاسپينپاڪستان جي پارليامينٽانساني حقنمسعودي عرب جا صوباسنڌي وڪيپيڊياسنڌي لئنگئيج اٿارٽيبرنارڊ آرنالٽٽالپر شاهي خاندان🡆 More