سرنھنوڻ

سرِنهِن وڻ مشهور آهي.

هي به ٻٻر واري اڪيشيا جي جماعت ۾ داخل ڪيو اٿن. انگريزيءَ ۾ سرِس ٽري چونس ٿا. هندستاني ماڻهو به سرس چونس ٿا. مگر جنهن کي سنڌيءَ ۾ سريس ٿا چون، سو ٻيو وڻ آهي؛ جو جبلن ۾ ٿو ٿئي ۽ اڇي ڪاٺي ٿيندي اٿس، جنهن مان لڪڻ جوڙيندا آهن. ڪي هن وڻ کي آلبزيا جي جماعت ۾ داخل ڪن ٿا. هن جا گل وڏا ڦندڻ جهڙا ساوا پيلا ٿيندا آهن. خوشبوءِ به اهڙي اٿن جو آسپاس کي واسي ڇڏيندا آهن. ڦريون به ٿينديون اٿن، جن ۾ ٻج رهندو آهي. القاهره ۾ هي وڻ تمام گهڻا ٿا ٿين.هي وڻ ٿر ۾ عام نه آهي، پر شهرن ۾ جيئن ته ڇاڇري، چيلهار ۽ مٺيءَ ۾ ڪي وڻ آهن. اُن جو ڇوڏو اڇي رنگ جو، پن ڪنڊي جي پنن جهڙا، ڇر وڏا ۽ گهاٽا ٿيندا آهن، جنهنڪري ڇانوَ لاءِ سٺو آهي. هن جو قلم لڳندو آهي، تنهنڪري ماڻهو پنهنجن گهرن، کوهن ۽ وٿاڻن تي پوکيندا آهن. اُن ۾ ڪمان وانگر ٿورو وريل چپٿريون ڦريون ٿينديون آهن، جي پچڻ بعد پيلي رنگ جون ٿينديون آهن، منجهن داڻا ٿيندا آهن.

سرنھنوڻ
سرنهن جو وڻ
سرنھنوڻ
سرنھن جا ڇوڏا

سرنھن(وڻ)
سرنھنوڻ
اڻجانچيل انگ اکر (IUCN 3.1)
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽو
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): Rosids
ترتيب: Fabales
خاندان: Fabaceae
نسل: Albizia
جنس: A. lebbeck
حياتياتي نالو
Albizia lebbeck
(L.) Benth.
هم معنيٰ

Many, see text

طب

سرنھن جي وڻ کي عربي ۾ سلطان الاشجار، فارسي ۾ درخت ذڪريا، هندي ۾ سرس ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ ڊاڙي گڊ، اسرس ۽ سرسيون چوندا آھن. طب ۾ ان جو اثر سرد خشڪ آھي ھي وڏو وڻ ٿئي ٿو، جنهن جا پن گدامڙيءَ جي پنن جي نموني تي، پر اُنهيءَ کان ڪجهه وڏا ۽ ويڪرا ٿين ٿا. هنن جو گل اڇو ۽ خوشبودار ٿئي ٿو. هن ۾ ڦريون ٿينديون آهن. هن جا پن ۽ ڇوڏا ڪاڙهي گرڙيون ڪرائجن ته ڏندن جي سور کي لاهي، ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪن ٿا.هن جي گلن جو عرق دماغ کي خوش ڪري ٿو، رت چڱو پيدا ڪري ٿو، معدي جي ڪيڙن کي مارڻ، ڦٽن ۽ ڦرڙين کي ڇٽائڻ لاءِ مفيد آهي. هن گل جي سنگهڻ سان مٿي جي سور کي فائدو ٿيندو. هن جو ٻج ڪٽي مٿي جي سور، نزلي ۽ زڪام لاءِ ناس ڪرائجي.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ايڪڙڪشنچندسنڌي نثرطالب الموليٰشنگرفشيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلويرت جي دوري جو سرشتومائي خيريٽالپرسلطان باھوڳجهارتاپريلنبي بخش بلوچلڌڙوجاسوسيپهاڪوعالمي ٻوليديويا دتاماهتاب محبوبپکو (قمبر)25 جُولاءِبھارمارڪسي فلسفوڊي فيڪٽوفهرست تاريخي ڏينهنروسي سوويت وفاقي سوشلسٽ جمهوريهفھميده حسين1876عابو سلمہ عبد الله مخزوميعالمگيريتسنڌي وڪيپيڊياٽوڪبازينيوزيلينڊڳُئي جڀيجرويدحاجي محمي قائمجروارچارلس نيپئرمعين الدين چشتينيو يارڪ سٽيٻين مھاڀاري جنگآسامي ٻولي1981عشھر جو ناظمسکمرد1817عسري لنڪاپنجابايشياقائم علي شاههپاڪستان جي پارليامينٽسعودي عربسھراب فقيرفوبوس ۽ ڊيموسشاھ عبدالرحمان سنڌي لکنويٻہڊيڪارٽابن الجوزي2019–20 ڪوروناوائرس مها وباقدرتي رٻڙ🡆 More