سنڌي وڪيپيڊيا: کليل ڄاڻ چيڪلي جو سنڌي نسخو

سنڌي وڪيپيڊيا انگريزي ٻولي: Sindhi Wikipedia، کليل ڄاڻ چيڪلو وڪيپيڊيا جو سنڌي نسخو آھي، جنھن جي شروعات 6 فيبروري، 2006ع تي ٿي.

سنڌي وڪيپيڊيا جو بنياد مھراڻ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر احسان احمد عرساڻيءَ رکيو. ھن وقت سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 16,811 مضمون موجود آھن ۽ انهن مضمون ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا بلحاظ تعداد مضمون 139 هين درجي تي آھي۔ هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي رُڪنن جو تعداد 18,460 آهي جنهن مان 4منتظمين آهن.

سنڌي وڪيپيڊيا: 2016 کان 2017, رڪن ۽ ترميمون, سنگ ميل
Favicon of Wiki سنڌي وڪيپيڊيا سنڌي وڪيپيڊيا
سنڌي وڪيپيڊيا: 2016 کان 2017, رڪن ۽ ترميمون, سنگ ميل
سنڌي وڪيپيڊيا جو نشان
سائيٽ جو قِسمُ
آن لائين ڄاڻ چيڪلو
۾ موجود سنڌي
مکيه دفتر
ڌڻي وڪيميڊيا فائونڊيشن
جي رچنا جمي ولزس, ليري سنگر
يوآرايل sd.wikipedia.org
تجارتي نه
رجسٽريشن اختياري
يوزرز 18,460
موجوده حيثيت سرگرم

2016 کان 2017

هنن سالن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي گهڻو ڪم ٿيو آهي، ٽيڪنيڪي بنيادن ۽ ذمري بندي يا ڏَس بندي طور پڻ، جنهن ۾ وڌيڪ ڀاڱيدار ڪجهه وڪيپيڊيا واهپيدار (يوزرس) آهن. سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 2015 کان سٺو واڌارو آيو آهي۔ تازو 2017ع ۾ وڪيميڊيا فائونڊيشن ۽ سنڌ ثقافت ٽوئرزم ائنڊ اينٽيڪيوٽيز ڊپارٽمنٽ جي سهڪار سان پاڪستان ۾ پهريون سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ ڪيو ويو، جيڪو ممتاز مرزا آڊيٽوريم، ڪراچيءَ ۾ مئي 24، 2017ع تي ٿي گذريو. ان ورڪشاپ ۾ اردو ڊڪشنري بورڊ جو سربراھ عقيل عباس جعفري خصوصي مهمان، جڏنهن ته وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو ان وقت چيئرمين ۽ سنڌي اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اعزازي خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيو. ان ورڪشاپ جو مقصد پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌي ماڻهن ۾ وڪيپيڊيا خاص ڪري سنڌي وڪيپيڊيا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ هيو. ان ورڪشاپ ۾ پاڪستان جي ٻين ٻولين جي وڪيپيڊيا جهڙوڪ اردو وڪيپيڊيا، پنجابي وڪيپيڊيا، پشتو وڪيپيڊيا، ڪشميري وڪيپيڊيا ۽ انهن ٻولين ۾ وڪشنري (وڪي لُغت) جو تعارف پڻ پيش ڪيو ويو. ان ورڪشاپ جي منتظمن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جو منتظم جوڳي اسد راڄپر، اردو وڪيپيڊيا جو منتظم محمد عارف سومرو، ويجهڙ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي سڀ کان وڌيڪ ڀاڱيداريون ڏيندڙ مهتاب احمد سولنگي ۽ ناميارو سنڌي ڊراما نويس ۽ سنڌي وڪيپيڊئن پروفيسر عزيز ڪنگراڻي شامل هيا۔ ورڪشاپ جي آرگنائيزر جوڳي اسد راڄپر ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي وڪي پيڊيا تي پنهنجيون ڀاڱيداريون شامل ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ وڪيپيڊيا تي ڪم ڪيئن ڪجي جو طريقيڪار پڻ ٻڌايو۔

رڪن ۽ ترميمون

سنڌي وڪيپيڊيا انگ اکر
تعداد يوزر تعداد مقالا تعداد عڪس تعداد منتظمين

18,460

16,811

35

4 منتظمين

سنگ ميل

  • 15 مارچ، 2015ع تي 1،000 مضمون مڪمل ٿيا۔
  • 2 جون، 2018ع تي 10،000 مضمون مڪمل ٿيا.

حوالا

خارجي ڳنڍڻا

Tags:

سنڌي وڪيپيڊيا 2016 کان 2017سنڌي وڪيپيڊيا رڪن ۽ ترميمونسنڌي وڪيپيڊيا سنگ ميلسنڌي وڪيپيڊيا حوالاسنڌي وڪيپيڊيا خارجي ڳنڍڻاسنڌي وڪيپيڊيا2006ع6 فيبروريانگريزيخاص:انگ اکرسنڌي ٻوليوڪيپيڊيا

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

چنڊفلمپيرسمحمد سومار شيخعرب اسرائيل جنگ 1948لوڪ ادبذهني دٻاءُفطروگڏيل جنسي تعليماوٽاوانبي بخش بلوچلطيفياتوادي سنڌ جي تهذيبمٿيون ایوانعظيم برطانياڊونلڊ ٽرمپطھر جي رسمپيٽ ۾ سورفيس بڪوي بيڪ مشينچاروسنڌ جي تاريخسنڌ سلامت ڪتاب گھرارلپاڪستان جو جهنڊوڪارونجھر جبل جو سلسلوتجارتي نشانغسان بن عبادتوانائيگورک هل اسٽيشنبحري جھازشيعہجُبيري ميمڻآنڌرا پرديشلاھورجبلبالغن جي تعليمچيروليInternational Standard Book Numberپراڻي انگريزيسوڊانزڪامدلستي (هندو ديوي)پولينڊمشڪوناٺ پکيڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرتائيوان صوبويوڪرينسرووڪيميڊيا فائونڊيشنموريشسملائڪڪتابغزني صوبوپاٽسيف سميجوجاڙيجازڪواتسگريٽ نوشيوحيويب صفحو🡆 More