محمد علي جناح: پاڪستان جو باني

محمد علي جناح يا محمد علي جيڻا عرف قائداعظم (انگريزي ٻولي: Muhammad Ali Jinnah) پاڪستان جو باني، برطانوي هندستان ۾ 25 ڊسمبر 1876ع تي سنڌ جي هاڻوڪي ٺٽي ضلعي جي شهر جھرڪ ۾ ڄائو.

هن جي والد جو نالو جناح پونجا هو. جيڪو راجڪوٽ ڪاٺياواڙ جو رهاڪو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ چمڙي جو ڪاروبار ڪندو هو. قائداعظم جي پيدائش تي ٻي راء اھا آھي تہ ڪراچي وزير مينشن ۾ پيدا ٿيو ھو.

قائداعظم
بابائي قوم

محمد علي جناح
Muhammad Ali Jinnah
جناح جو آخري دؤر ۾ نڪتل ڦوٽو
جناح 1945 ۾
پاڪستان جو پھريون گورنر جنرل
عهدو سنڀاليو
14 August 1947 – 11 September 1948
شاهي حڪمران جارج ڇھون
وزير اعظم لياقت علي خان
پيشرو عھدو پھريون دفعو قائم ڪيو ويو
جانشين خواجہ ناظم الدين
اسپيڪر نيشنل اسيمبلي
عهدو سنڀاليو
11 August 1947 – 11 September 1948
ڊپٽي مولوي تميز الدين
پيشرو نئون عھدو قائم ڪيو ويو
جانشين مولوي تميز الدين
آئين ساز اسيمبلي جو صدر
عهدو سنڀاليو
11 August 1947 – 11 September 1948
ڊپٽي لياقت علي خان
پيشرو عھدو نئون قائم ڪيو ويو
جانشين لياقت علي خان
ذاتي تفصيل
پيدائش محمد علي
25 ڊسمبر 1876(1876-12-25)
جھرڪ، سنڌ
وفات

11 سيپٽمبر 1948 (عمر 71 سال)
ڪراچي، فيڊرل ڪيپيٽل ٽيريٽري، ڊومينين آف پاڪستان

سنڌ، پاڪستان.
آخري آرامگاهه مزار قائد
قوميت سانچو:Country data برٽش انڊيا (1876–1947)
محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست پاڪستان (1947–1948)
سياسي جماعت
جيون ساٿي
  • ايمي ٻائي يا ايمي بائي (1892–93)
  • رتنا ٻائي يا رتنا بائي (1918–29)
محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست
لاڳاپا جناح جو خاندان
ٻار ٻچا دينا واڊيا رتنا بائي مان
ماءُپيءُ
محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست
جناح ڀائي پونجا جي تصوير
جناح ڀائي پونجا (پيءُ)
مٺي بائي (ماء)
مادر علمي دي آنربل سوسائٽي آف لنڪنس ان
پيشو
  • بيريسٽر
  • سياستدان
دستخط محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست
محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست
ڪراچي ۾ وزير مينشن

سنڌ جي درسي ڪتابن ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ان جي جاء پيدائش جھرڪ ظاھر ڪئي وئي بعد ۾ نصاب ۾ تبديلي آڻي ڪراچي ظاھر ڪئي وئي.

ابتدائي زندگي

جناح ابتدائي تعليم جھرڪ جي سرڪاري اسڪول مان ۽ پوءِ سنڌ مدرسته الاسلام مان پرائي. اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ويو لنڊن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1892 ۾ روانو ٿيو جتان 1894 ۾ آنربل سوسائٽي آف لنڪنس ان (Lincoln's Inn) مان بئريسٽري جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1896 ۾ ڪراچي موٽي آيو.

قائدِ اعظم جي پيدائش جي جاءِ جهرڪ هاڻي هڪ ننڍڙي ڦٽل وسندي آهي. ڏيڍ ٻه صديون پهرين هتي ننڍڙو بندر هو، جتان سنڌوءَ نديءَ مان ننڍڙا بادباني جهاز توڙي اسٽيمر اچي لنگرانداز ٿيندا هئا. سنڌ مدرسته السلام جو باني خان بهادر حسن علي آفندي به پهريان جهرڪن جي بندر تي انهن اسٽيمرن ۽ جهازن جي اچ وڃ جو حساب رکندڙ منشي هو، اتان پوءِ انگريز سرڪار کيس مئجسٽريٽ ڪري رکيو هو.

ان زماني ۾ جهرڪن جي آبادي به گھڻو ڪري اسماعيلي فرقي جي ماڻهن جي هئي، جيڪي ڪجهه صديون اڳ مصر مان تڙجي ايران آيا پوءِ سنڌ ، هند توڙي افغانستان ۾ اچي آباد ٿيا. وڻج واپار ۾ ماهر هئا، جنهن ڪري هيءُ شهر ان زماني جي سکر يا سَرنديءَ وارن ماڻهن جو شهر سمجهيو ويندو هو. سنڌي شاعريءَ جي شروعات به اسماعيلي داعين جي بيتن جن کي ”گنان“ (Ginaan) چئبو آهي وٽان ٿي.

اسماعيلي فرقي جو روحاني پيشوا آغا خان اول ايران مان لڏي افغانستان جي شهر هرات ۾ اچي آباد ٿيو. سگهو ئي 1839ع ۾ افغانن ۽ انگريزن وچ ۾ جنگ لڳي، هرات ۾ انگريزن افغان امير دوست محمد ّجي پٽ اڪبر خان هٿان شڪست کاڌي ته آغا خان پهريون به اچي سنڌ جي شهر جهرڪن ۾ آباد ٿيو، جتي سندس پوئلڳ اڳ ۾ ئي آباد ٿيل هئا. جهرڪ ان زماني ۾ بندرگاھ ۽ خوشحال ماڻهن جو هڪ وسيل شهر هو آغا خان اول هتي پنهنجي رهائش لاءِ هڪ خوبصورت محل پڻ جوڙايو، جيڪو اڃا تائين سٺي حالت ۾ موجود آهي، پوءِ دريا شاھ پنهنجو رخ موڙيو جنهن ڪري وڻج واپار تي اثر پيو ماڻهو لڏڻ لڳا، جنهنڪري جهرڪن جو جوڀن ساڳيو نه رهيو.

عام طور تي پاڪستان جي درسي ڪتابن ۾ اھو ڄاڻايل آهي ته پاڪستان جو باني محمد علي جناح ڪراچي ۾ ڄائو هو پر حقيقت اھا آهي ته قائد اعظم مسٽر پونجا جيڻا جي گھر 1875ع ۾ جهرڪن ۾ ڄائو هو ۽ پوءِ تاريخ کي مسخ ڪندي درسي ڪتابن ۾ سندس جاءِ پيدائش ڪراچيءَ جي وزير مينشن ٻڌائي ويئي.انجو هڪ سبب اسماعيلي ۽ اثنا عشري کوجن جو اندروني جھيڙو ٻڌايو ويو ته قائدِ اعظم اسماعيلي فرقو ڇڏي کوجه اثنا عشري فرقو اختيار ڪيو.

ڪنهن زماني ۾ جھرڪن ۾ محمد علي جيڻا جي پيدائش وارو گھر به موجود هو. پر اتي يادگار طور هڪ ميوزيم جوڙائڻ بدران ضياءِ دور ۾ ان کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ڀر ۾ ئي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جهرڪ آهي، جيڪو 1870ع ۾ قائم ٿيو ۽ جتي قائدِ اعظم شروعاتي تعليم حاصل ڪئي هئي.

جهمپير ڏانهن نيشنل هاءِ وي کان ويندڙ ڪچي روڊ کان ويندي اڳيان هڪ وسنديءَ آهي. جيڪا ڪينجهر جي پرين ڪنڌيءَ تي آهي. جتي قائد اعظم جي اڳوڻين پيڙهي جي اسماعيلي فرقي سان لاڳاپيل هڪ بزرگ امير پير جي مزار پڻ ڪينجهر جي بلڪل ڪنڌيءَ تي آهي. اصل ۾ اها سڄي وسندي هڪ مذهبي تهوار يا ميلي جي وقت تي آباد ٿيندي آهي. جنهن کي ڪراچي ۽ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ اسماعيلي پانڌيئڙا اچي آباد ڪن ٿا نه ته سڀني گھٽين جي گھرن کي تالا ئي لڳل هوندا آهن. مزار يا پير امير جو آستانو سنگ مرمر سان جوڙيل هڪ خوبصورت غار آهي.

محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
لنڪنس ان 2006 ۾
محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
جناح بيريسٽر ٿيڻ کانپوءِ

ذاتي زندگي

محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
جناح جو پاسپورٽ

وڪالت ۽ سياست

ڪراچي ۾ وڪالت شروع ڪيائين پر اتي ھن جي پريڪٽس ڪاميابي سان نہ ھلي سگھي جنھن ڪري 1896 ۾ بمبئي منتقل ٿي ويو جتي آل انڊيا ڪانگريس ۾ شرڪت اختيار ڪيائين. ڇهن مهينن لاءِ بمبئي جو پريزيڊينسي ميجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. اها نوڪري سندس طبيعت مطابق نه هئي تنهنڪري ان کان عليحدگي اختيار ڪري بيرسٽري اختيار ڪيائين.

محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
بيريسٽر جناح

ھن بعد ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شرڪت اختيار ڪئي ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جو بہ ساڳي وقت رڪن ٿيو. 1911 ۾ الھہ آباد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين.1912 ۾مسلم ليگ جي ڪلڪتي واري سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين. 1916 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جا اجلاس لکنو ۾ ٿيا جتي ٻنھي جو پاڻ ۾ معاھدو ٿيو جيڪو لکنو پيڪٽ جي نالي سان مشهور ٿيو.ٻنھي پارٽين جي ان اتحاد جي ڪاميابي تي جناح کي "امن جي سفير" جو خطاب مليو. 1920 ۾ قائداعظم انڊين نيشنل ڪانگريس کان علحده ٿي آل انڊيا مسلم ليگ جو قائد ٿي ويو.1927 ۾ ڪلڪتي جي اجلاس ۾ پنھنجي سياسي جدوجھد جو آغاز ڪيائين.1929 ۾ محمد علي جوهر سان گڏجي 14 نڪتا پيش ڪيائين.1930 ۾ لنڊن جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ مسلمانن طرفان موقف واضح ڪيائين.چار سال لنڊن ۾ قيام بعد 1936 ۾ بمبئي ۾ مسلم ليگ جي اجلاس۾شرڪت ڪيائين.

محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
right جناح (اڳيان کاٻي پاسي) مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن سان لکنو واري ميٽنگ کان پوءِ (آڪٽوبر1937 ۾)
محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
گانڌيءَ سان 1939 ۾ ڳالھائيندي
محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
مسلم ليگ جا اڳواڻ جناح سان گڏ لاھور ۾ 1940 ۾

1937 ۾ مسلم ليگ کي اليڪشن ۾ شرڪت جو مشورو ڏنائين ۽ انھيءَ سال لکنو جي اجلاس ۾ شريڪ ٿي علحده ملڪ جو خيال ڏنائين

محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
جناح 1938۾ مسلم ليگ جي پٽنا واري اجلاس ۾ خطاب ڪندي
محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
دھليءَ ۾ 1943 ۾ تقرير ڪندي

23 مارچ 1940 لاھور ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ مسلمانن لاء علحدہ ملڪ ٺھڻ لاء قرارداد پاس ٿي.

محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
بمبئيءَ ۾ 1944 ۾ گانڌيءَ سان
محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
شملا ۾ 1946 ۾ نھرو سان گڏ

1945 ۾ شملہ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين.1946 ۾ لنڊن روانو ٿيو.اپريل 1947 ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن سان مذاڪرات ڪيائين.

محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
جناح 3 جون 1947 ۾ آل انڊيا ريڊيو تان پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو اعلان ڪندي

3 جون 1947 تي ھندوستان جي تقسيم جو اعلان ڪيو ويو. 7 آگسٽ 1947 ۾ بطور گورنر جنرل پاڪستان آيو.

[[فائل:Mountbatten Jinnah.jpg|thumb|250px|left|لارڊ لوئيس مائونٽ بيٽن ۽ ان جي زال ايڊوينا (Edwina) سان گڏ 1947 ۾ 9 آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي جو افتتاح ٿيو ۽14 آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان جو قيام ٿيو.

محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
آئين ساز اسيمبلي ۾ 14 آگسٽ 1947 تي خطاب ڪندي

پاڪستان جي تحريڪ ۾ مسلمانن جي قيادت ڪيائين ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ڪيائين. سندس تحريڪ رنگ لاتو ۽ هن جي ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جدوجهد جي سان 14هين آگسٽ 1947ع تي هڪ آزاد ملڪ پاڪستان دنيا جي نقشي نروار ٿيو.

چرچل ڀارت جو مخلف پر قائد اعظم ۽ پاڪستان ٺاهڻ جو حمايتي هو

برطانيا جو وزير اعظم سمجھندو هو ته سيڪيولرازم ۽ ڪميونزم جي طرف وڌندڙ ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستان سان لاڳاپا ٺاهڻ ۽ هلائڻ سولو هوندو. هو قائد اعظم جي نظريئي، سوچ ۽ خيال کي اولھ جي ويجھو سمجھندو هيو ۽ سوشلسٽ ڀارت سان لاڳاپا وڌاڻ جي حق ۾ نه هو.

قائد اعظم محمد علي جناح جو لاڙڪاڻي اچڻ

18 آڪٽوبر 1938ع تي قائد اعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي آيو هو. ان موقعي تي ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جي صدر امير علي لاھوري آجياڻو ڏيندي تقرير ڪئي هئي، ان وقت نائب صدر پرتاب راءِ واسومل ھيو. لاڙڪاڻو

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ جو پهريون گورنر جنرل مقرر ٿيو ۽ موت تائين ان عهدي تي قائم رهيو. پاڪستان جهڙي ملڪ جو تحفو ڏيڻ تي وطن واسين کيس قائد اعظم جو لقب ڏنو.

آخري ڏينهن

محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
زيارت ريزيڊنسي جتي بيماري واري آخري ڏينھن ۾ رھيو

سندس زندگي جا آخري بيماريءَ وارا ڏينهن بلوچستان جي شهر زيارت ۾ گذريا. 11 سيپٽمبر 1948ع تي وفات ڪيائين. سندس مقبرو ڪراچيءَ ۾ آهي جيڪو پڻ ڏسڻ وٽان آهي.

محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
جناح جو ڪراچي ۾ مقبرو
محمد علي جناح: ابتدائي زندگي, ذاتي زندگي, وڪالت ۽ سياست 
محمد علي جناح ۽ فاطمہ جناح جا پاڪستان مانيومينٽ جي ميوزيم ۾ رکيل ميڻ جا ٺھيل مجسما

ھن کي به ڏسندا

حوالا

Tags:

محمد علي جناح ابتدائي زندگيمحمد علي جناح ذاتي زندگيمحمد علي جناح وڪالت ۽ سياستمحمد علي جناح چرچل ڀارت جو مخلف پر قائد اعظم ۽ پاڪستان ٺاهڻ جو حمايتي هومحمد علي جناح قائد اعظم جو لاڙڪاڻي اچڻمحمد علي جناح پاڪستان ٺھڻ کان پوءِمحمد علي جناح آخري ڏينهنمحمد علي جناح ھن کي به ڏسندامحمد علي جناح حوالامحمد علي جناح1876عانگريزيبرطانوي هندستانجھرڪسنڌوزير مينشنٺٽو ضلعوپاڪستانڊسمبرڪراچي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

دادو ضلعوبنگلاديشآمريڪي ڊالر385عدي ٽائمز آف انڊيا9 ڊسمبراسڪولميڊياوڪيسنڌ جا شھربيلجيمسمن سرڪارراجا ڏاهرسلوڪ26 سيپٽمبرقدرتي ماحولقمبر تعلقوآزاد نظمآغا سراج درانيعبدالسلام ٿهيم (اديب)ادبي لاڙودم (ساھ جي بيماري)سنڪيونان1999عڀنڀورسائنسمارشل آئلينڊزمورانگريزيموهن جو دڙوٻولين جي فهرست ڳالهائڻ جي حساب سانمسلماناُرڙيانگريزي وڪيپيڊياسکر بئراجمجاز مرسلفارسيجرنل (رسالو)ھندستان جو ورھاڱومرثيوبند گوبياسرائيلٻارن جا حقڀارتطھر جي رسمسج گرهڻ1967عڪرشندھشتگرديالبرٽ آئنسٽائنسنڌو ديشداعش1792ععوامي کاتولفظحيدرآباد شهر تعلقولقبآفريڪا جا ملڪويب صفحوپروٽانلينڪس1978ع🡆 More