آل انڊيا مسلم ليگ

آل انڊيا مسلم ليگ(انگريزي: All-India Muslim League), جيڪا مسلم ليگ جي نالي سان مشھور ھئي، ھڪ سياسي پارٽي ھئي جنھن جو بنياد نواب وقار الملڪ ۽ سر آغا خان ٽيون 30 ڊسمبر 1906 ۾ ڊاڪا ۾ رکيو.

ھن جماعت ھندوستان ۾ مسلمانن لاءِ علحده ملڪ قائم ڪرڻ لاءِ سخت موقف رکيو ۽ ان م ڪامياب ٿي وئي . اھڙي طرح مسلمانن لاءِ پاڪستان جو بنياد پيو. ھن پارٽيءَ جو بنياد سر سيد احمد جي علي ڳڙھ تحريڪ جي نتيجي ۾ پيو. 1912 تائين ھن تنظيم برطانوي راڄ جي حمايت ڪئي پر ان سال خودمختياري جو مطالبو ڪيو. 1913 ۾ محمد علي جناح انڊين نيشنل ڪانگريس ڇڏي ھن جماعت ۾ شامل ٿيو. پھرين جنگ عظيم ۾ ھن تنظيم انڊين نيشنل ڪانگريس وانگر وري برطانوي راڄ جي حمايت ڪئي ۽ ٻنھي جماعتن گڏجي ڪم ڪيو ۽ 1916 ۾ لکنو پيڪٽ ذريعي انڊيا جي سڀني ماڻھن کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ ڪائونسل ۽ علائقائي حڪومتن ۾ وڏي پيماني تي نمائندگيءَ جو حق ، مسلمانن کي جدا گانه چونڊن جو حق آهي ڏيڻ جو گڏيل مطالبو ڪيو. 1920 ۾ جناح جي گانڌي سان اختلافن سبب ھيء پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس کان اتحاد مان علحده ٿي وئي. 1935 جي اليڪشن ۾ ھن پارٽي کي ڪٿي بہ نمايان ڪاميابي نہ ملي سگھي جنھن بعد محمد علي جناح پاڻ مسلمانن جو واحد ترجمان بڻجي مسلمانن جي ووٽ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. 1940 ۾ لکنو جي پارٽي اجلاس ۾ مسلمانن لاء علحده وطن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ان جي کيس زبردست موٽ بينگال ۽ پنجاب جي مسلمانن کان ملڻ شروع ٿي جن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو. نتيجي ۾ 1945 جي عام چونڊن ۾ ھن پارٽي کي وڏي ڪاميابي ملي جنھن مطابق 533 مان 460 مسلمان ليجسليٽو اسيمبليء وارين سيٽن تي چونڊجي آيا. اھڙي طرح ھندوستان جي تقسيم جي لاء راھ ھموار ٿي وئي ۽ 1947 ۾ ورھاڱو عمل ۾ آيو جنھن سان ھي پارٽي جو خاتمو عمل ۾ آيو ۽ پاڪستان ۽ انڊيا ۾ مسلم ليگ نالي نيون پارٽيون ٺھيون. اھي نيون پارٽيون پنھنجي حيثيت برقرار رکي نہ سگھيون..

آل انڊيا مسلم ليگ
پارٽي جا صدر ٿيندڙ اڳواڻ محمد علي جناح، لياقت علي خان،اي ڪي فضل الحق، آغا خان ٽيون، حسين شھيد سھروردي، فيروز خان نون، خواجه ناظم الدين، چوڌري خليق الزمان، محمد علي بوگرہ
باني نواب وقار الملڪ
بنياد 30 ڊسمبر 1906 (1906-12-30) ڊاڪا، برٽش انڊيا، (موجوده: بنگلاديش)
خاتمو 15 آگسٽ 1947
جانشين مسلم ليگ پاڪستان ۽ انڊين يونين آف مسلم ليگ(انڊيا ۾)
صدر مقام لکنو
اخبار ڊان اخبار
شاگردن واري شاخ آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
پارلياماني ونگ خاڪسار
نظريو پين اسلام ازم ، ٻہ قومي نظريو
مذهبي وابستگي اسلام
بين الاقوامي وابستگي آل انڊيا مسلم ليگ لنڊن چيپٽر
چونڊن لاءِ نشان
ھلالي چنڊ ۽ ستارو

حوالا

Tags:

انگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

عباسي خلافت910عحرف جرعبدالله بن عبدالعزيزاولمپڪ رانديونسوويت-افغان جنگاليگزينڊر پشڪنغلام علي الاناڪولمبياڳُئي جڀاتر ڪورياڍنڍ بيڪلپي ڪي-50 (صوابي-2)اسمائلساشتراڪيتانٽرنيٽپکيڙ جي لحاظ کان ملڪن جي فهرستبحرينجنگ1195عبرائنسڪ آبلاسٽيادگيريونٻٽي زندگي گذاريندڙنواز شريف2020عمٽيتاجڪستانارتقاهيري پوٽرپي ڪي-51 (صوابي-3)ٽائيٽنريڪجاويڪپانسنڌي ادب1987عافغانستانرڍجوزف اسٽالنمليرياپاناما دستاويزوننازيتنيپولينبل گيٽس1197ع2000عايڊزڪرشنڪوٽيشن مارڪايلزبٿ ٻين (برطانيا)ڪويلاستنبولٽوڪيونار واري جنگتمنا ڀاٽياڏکڻ آفريڪاانجنيئرڱتحريڪ اصلاحتاثريتزرتشتزحل25 ڊسمبراٽليشاهه اسماعيلبينڪاڪڪرشن چندرايرانھوائي گدلاڻمدي جو تپ🡆 More