مور: پکي

مور (انگريزي ٻولي: Peacock) هڪ خوبصورت پکي آهي جيڪو ايشيائي ۽ آفريڪي اڏرڻ وارو پکي آهي، نر جنس جي مٿي تي کنڀن جو هڪ تاج هوندو  آهي،هنن ۾ جيڪا بالغ مادي هوندي آهي اها اڪثر گري يا ڀوري رنگ جي هوندي آهي جڏهن ته انهن جا ننڍا ٻچا پيلا يا هيڊا ۽ تاواني رنگ جا هوندا آهن۔

مور
مور: مور جون ٻوليون, قسم, تصويرون
Male (peacock) displaying
مور: مور جون ٻوليون, قسم, تصويرون
Female (peahen)
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Pavo
جنس: Template:Taxonomy/Pavo{. cristatus
حياتياتي نالو
Pavo cristatus
Linnaeus, 1758
مور: مور جون ٻوليون, قسم, تصويرون
Map showing native range
مور: مور جون ٻوليون, قسم, تصويرون
انڊيا جو مور


مور جو آواز Pavo crista
مور: مور جون ٻوليون, قسم, تصويرون

حياتيات ۾ هن جي درجه بندي جي مطابق genus جنس Pavo ۽ خاندان en:pheasant , Phasianidae سان تعلق رکن ٿا. انگريزي ۾ نر مور کي peacock, مادي کي peahen, ۽ ٻچن کي peachicks چيو ويندو آهي.

هنن جا رنگ مختلف هوندا آهن. جاگرافيائي حساب سان ڏٺو وڃي ته مختلف علائقن ۾ مختلف رنگن ۾ ملن ٿا.

هي پکي ڀارت جو قومي پکي آهي.

مور جون ٻوليون

مور پکي ڪيترين ئي قسمن جون ٻوليون ٻولي سگهي ٿو، جن ۾ ڪجهه ٻوليون وڻندڙ ۽ ڪجهه اڻوڻندڙ ۽ ڀوائتيون هونديو آهن. مور پکي جيڪڏهن رات جو مٺڙيون ۽ وڻندڙ ٻوليون ڪري ۽ ٻيا مور به گڏجي مٺڙيون ٻوليون ڪري وڻندڙ سرگم ڇيڙين، ته ٿر ۾ اهو سڪار جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو.پر جيڪڏهن مور گڏجي خوفناڪ اڻ وڻندڙ آواز ڪڍن ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.

سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، مور پکي خوبصورت هئڻ سان گڏ ڏاڍو حساس پکي پڻ آهي. هن پکي جي نر کي مور ۽ مادي کي ڊيل سڏيو وڃي ٿو. مور، نانگ، بلائون، جيت گاهه ۽ سنهو ان کائيندو آهي. هي پکي پنهنجي حفاظت جي معاملي ۾ به ڏاڍو حساس آهي. هي پکي انساني آبادين جي ويجهو رهڻ جي باوجود به آزاد رهڻ پسند ڪري ٿو.

مور وڌيڪ حساس هئڻ سبب پنهنجي آسپاس جي ماحول ۽ موسمن جي ڦير گهير کان به وڌيڪ باخبر رهندو آهي. موسمن جي گرمي سردي جا اثر به مٿس وڌيڪ پون ٿا. انهن موسمن جي ڦير گهير سبب هو مختلف ٻوليون به ڪندو رهندو آهي.

چوماسي جي مند ۾ گُهٽ، آڙنگ، هوا ۾ آبي بخارن ۽ ماحول ۾ پيدا ٿيل گئسن جي خاص خوسبوءِ يا مهڪ مان مور پکي کي به برسات اچڻ جي اڳواٽ اندازو ٿي وڃي ٿو. ان ڪري برسات کان اڳ ۾ ئي هن جي چرپر ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي. برسات جي مند ۾ هن ۾ جنسي هارمونن جي گردش پڻ وڌي ويندي آهي، انڪري مستي ۾ اچي مٺڙيون ٻوليون به ڪندو آهي. برسات جي موسم مور جي لڳ ڪرڻ جي موسم پڻ آهي . ان ڪري هن موسم ۾ هي مستي ۾ اچي خوشي مان رقص ۽ ناچ به ڪندو آهي. برسات جي مند ۾ مينهن جي نه وسڻ سبب ۽ خاص ڪري سيپٽمبر جي مهيني ۾ مينهن نه وسڻ جي صورت ۾، هن جي ٻولين ۾ ڀوائتو رنگ شامل ٿي ويندو آهي. مور جون مٺڙيون ٻوليون برسات ۽ سڪار جو اهڃاڻ سمجهيون وڃن ٿيون ۽ ڀوائتيون ٻوليون مايوسي، محرومي ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهيون وڃن ٿيون. ٿر جا ماڻهو مور جي ٻولين مان ئي ايندڙ موسم بابت سمجهي ويندا آهن ته ڇا ٿيڻو آهي. انهي ڪري هي مور پکي سان وڌيڪ محبت پڻ ڪن ٿا. قداور، رنگين کنڀن سان پيارو ۽ سهڻو پکي ٿيندو آهي. مٿي تي ڪلنگي ٿيندي اٿس، اُن جا کنڀ ڊگها ٿيندا آهن، جن سان ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ ۾ اچڻ وقت سهڻو ڇَترو (ڇَٽ) ڪندو آهي. اهي کنڀ سياري جي شروعات ۾ کُسي ويندا آهن ۽ بعد ۾ نوان ڄمندا آهن. نانگ بلا جو سخت دشمن، ڏسڻ سان ئي ماري ڇڏيندو آهي. برسات وقت گوڙ ٻڌي دانهون ڪندو آهي. رات جو وڻن تي ويهندو آهي. ڳوٺن ۾ ۽ ڀرسات رهندو آهي، جتي وڻن جي گهاٽن ٻُٿن ۾ هيٺ پٽ تي زمين ۾ پاکولي ٺاهي مادي آنا لاهيندي آهي. ڪي ماڻهو مور جا ننڍا ٻچا جهلي پاليندا آهن.


قسم

مور ۾ به ڪافي قسم هوندا آهن، ڪجهه هيٺ ڏنل آهن:

ڪانگو مور

مور: مور جون ٻوليون, قسم, تصويرون 
هڪ ڪانگو مور جو جوڙو (نر ۽ مادي)۔
مور: مور جون ٻوليون, قسم, تصويرون 
نر مور جي ڳيچي

  سائو مور

مور: مور جون ٻوليون, قسم, تصويرون 
هڪ خوبصورت سائو مور

هندستاني مور

مور: مور جون ٻوليون, قسم, تصويرون 
هڪ سفيد هندستاني مور

تصويرون

حوالا

خارجي ڳنڍڻا

Tags:

مور جون ٻوليونمور قسممور تصويرونمور حوالامور خارجي ڳنڍڻامور

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

بيجنگٽنڊو آدم تعلقوآڪسيجننيپال زلزلو 2015عڪارٿيجڀيرو مل مهرچند آڏواڻيارشميدسالف ليليٰسفرناموفرانسيسي انقلابلائبيریاجائوتري1668عگني13 جنورينوشهرو فيروز تعلقوارتقاوڪيپيڊياجمشيد ڪواٽرز سب ڊويزنڪوالالمپورجوننارايڻ شيامروشنينبضترڪي ٻوليٺلهه ڳوٺ ڪنگراڻيٽرانس نسٽرياريلوي آمدورفتنيٺ گونگي ڳالهايوناولعوامي کاتوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو1981عتاروملاويجنسي سنگفارين ايڪسچينج مارڪيٽتاجڪستانبدين ضلعوھائيڪوشيشمجمھوريا آئرلينڊوقتگلزار ھجري سب ڊويزنجستکُنڀِِيگوگلانتظاميا1917عچاڊاسلامياتجرنل (رسالو)تاڪانڊونيشياڪرينا ڪپورسلطنت خمير2024عالعوذليخانپور، سنڌپھرين مھاڀاري جنگمنڊيقرآنحرف جربيتاصل وڏو قصو شھزادو ممتاز ۽ دمساز (ڪتاب)🡆 More