ٻارن جا حق (انگريزي: Children's Rights) انساني حقن جي فھرست ۾ سڀ کان وڌيڪ اھميت رکن ٿا.
ٻارن جي صحيح پرگھور، پالنا، تعليم ۽ صحت ھر مائٽ جو اولين فرض آھي. جھڙيءَ طرح وڏن کي حياتيءَ جو حق حاصل آھي تھڙيءَ طرح ٻارن کي بہ صاف سٿري ماحول ۾ جيئڻ ۽ پروان چڙھڻ جو پوروپورو حق حاصل آھي. 1989ع ۾ گڏيل قومن جي عالمي اداري پاران ٻارن جي حقن بابت ٿيل اجلاس (Convention on the Rights of the Child) ۾ ٺھراءُ منظور ٿيو تہ ”ارڙھن سالن کان ننڍي ڄمار جو ھر انسان ٻار آھي“.
ھر انسان لاءِ ٻار قدرت جو ھڪ انمول تحفو آھي. ٻارن جي منھن تي مرڪ پکيڙڻ ۽ کين معاشري جي ھڪ معتبر شخصيت بنائڻ اسان سڀني جي پھرين ذميداري آھي. ھر انسان کي ياد رکڻ گھرجي تہ ٻارن کي ھيٺيان بنيادي حق حاصل آھن:
برطانيہ جي مشھور قانوندان سر وليم بليڪ اسٽون (Sir William Blackstone) جي چوڻ مطابق مائٽن جون ٽي بنيادي جوابداريون آھن:
1924ع ۾ جنيوا ۾ ٻارن جي حقن جو پڌرنامون جاري ٿيو. انھيءَ پڌرنامي ۾ ٻارن جي ھيٺين حقن تي زور ڏنو ويو:
1948ع ۾ گڏيل قومن جي عالمي اداري پاران ٻارن جي حقن بابت ھڪ عالمي گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ ماءُ ۽ ٻار جي خصوصي تحفظ ۽ مدد تي زور ڏنو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ ٻار جي معاشرتي تحفظ کي سندس بنيادي حق قرار ڏنو ويو.
اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ 1959ع ۾ ٻارن جي حقن جو پڌرنامون جاري ڪيو جيڪو ھيٺين نڪتن تي مبني آھي:
جيتوڻيڪ گذريل پنجاھ سالن ۾ ٻارن جي حقن تي گھڻو ڪم ٿيو آھي ۽ مختلف ادارن ۽ رياستن پاڻ ۾ انھن حقن بابت اتفاق بہ ڪري ورتو آھي پر ماھرن جي چوڻ مطابق انھيءَ ڏس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي اڃا گنجائش موجود آھي.
ٻارن جي حقن کي ٻن قمسن ۾ ورھائي سگھجي ٿو: ھڪڙا عام انساني حق آھن جيڪي ٻارن ۽ بالغن لاءِ يڪسان آھن. ٻيا اھي حق آھن جيڪي فقط ٻارن سان واسطو رکن ٿا. جيڪي حق ٻارن توڙي بالغن لاِءِ يڪسان آھن تن ۾ جيئڻ جو حق، ظلم، زيادتي ۽ غيرانساني سلوڪ کان بچاءُ جو حق، راند روند ۽ تفريح جو حق ۽ ٻيا اھڙي قسم جا حق شامل آھي. ڪجهه اھڙا انساني حق بہ آھن جيڪي ٻارن سان لاڳو نٿا ٿين مثال طور شادي ڪرڻ جو حق وغيرہ وغيرہ. ڪجهه اھڙا بہ حق آھن جيڪي بالغن تي لاڳو نٿا ٿين ۽ فقط ٻارن لاءِ آھن. مثال طور ٻار جڏھن ڄمي ٿو تہ ان جو حق آھي تہ ان تي ڪو چـڱو نالو رکيو وڃي. تعليم حاصل ڪرڻ جو حق بہ ٻارن لاءِ لازمي آھي. بالغن کي اھو اختيار آھي تہ ھو وڌيڪ پڙھن يا نہ پر ٻار جي تعليم لازمي آھي. ننڍڙن ٻارن جو حق آھي تہ ھو پنھنجي ماءُ سان گڏجي رھن پر بالغن لاءِ اھو ضروري ناھي.
گڏيل قومن جي عالمي اداري پاران ٻارن جي تعليم لاءِ جيڪي ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن تن ۾ ٻارن جي حقن کي ھيٺين ٽن قسمن ۾ ورھايو ويو آھي:
ٻارن جي حقن جو عالمي نيٽ ورڪ (Child Rights International Network) ٻارن جي حقن کي ھيٺين ٻن قسمن ۾ ورھائي ٿو:
ايمنيسٽي انٽرنيشنل ٻارن جي ھيٺين چئن حقن لاءِ آواز اٿاريندي رھي آھي:
انساني حقن تي نظر رکندڙ عالمي تنظيم ھيومن رائيٽس واچ (Human Rights Watch) ٻارن کان پورھيو نہ ڪرائڻ، ننڍي عمر جي ڏوھارين کي انصاف ڏيارڻ، يتيم، بي يارومددگار ٻارن جي مدد ڪرڻ ۽ پرڏيھ مان ھجرت ڪري آيل ماڻھن جي ٻارن جي حقن جي حفاظت جھڙن معاملن لاءِ جدوجھد ڪري ٿي.
ٻارن جي حقن تي تحقيق ڪندڙ ماھر ٻارن جي صحتمند اوسر لاءِ ھيٺين حقن کي ضروري سمجهھن ٿا:
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ٻارن جا حق, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.