25 اپريل 1945ع کان 26 جون 1945ع تائين سان فرانسسڪو، آمريڪا ۾ پنجاھ ملڪن جي نمائندن جي هڪ ڪانفرس منعقد ٿي.
هن ڪانفرس ۾ هڪ بين الاقوامي اداري جي ٺھراءَ تي غور ڪيو ويو۔. پوءِ گڏيل قومون يا United Nations جو منشور يا چارٽر مرتب ڪيو ويو. پر گڏيل قومون 24 آڪٽوبر 1945ع تي وجود ۾ آئي.
| |||||
گڏيل قومن جون رياستن کي ظاھر ڪندڙ نقشو | |||||
گڏيل قومن جو صدر مقام | نيو يارڪ شهر (international territory) | ||||
سرڪاري ٻوليون | |||||
قسم | بين الحڪومتي تنظيمون | ||||
رڪنیت | 193 رڪن رياستون 2 مبصر رياستون | ||||
حڪومت | |||||
• سيڪريٽري جنرل | انتونيو گتيرس | ||||
• ڊپٽي سيڪريٽري جنرل | آمنہ جي محمد | ||||
• جنرل اسيمبلي جو صدر | ماريہ فرنينڊا اسپنوزا | ||||
• ايڪانامڪ اينڊ سوشل ڪائونسل جو صدر | اگنا رونڊا ڪنگ | ||||
• سڪيورٽي ڪائونسل جو صدر | فرينڪوئس ڊليتري | ||||
قیام | |||||
• گڏيل قومن جو چارٽر- توثيق جي تاريخ | 26 جون 1945 | ||||
• چارٽر عمل ۾ اچڻ جي تاريخ | 24 آڪٽوبر 1945 |
گڏيل قومون يا United Nations Organization جو نالو آمريڪا جي اڳوڻي صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ تجويز ڪيو هيو.
هن جي چارٽر جي تمهيد ۾ لکيل آهي تہ
1۔ اسان گڏيل قومن جي ماڻهن مصمم ارادو ڪيو آهي تہ اچڻ واري نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائينداسين پر عيسائين، يهودين، هندوئن ۽ ٻڌ مت کي اجازت آهي تہ هو مسلمانن جو قتل ڪري سگھن ٿا تہ جيئن جنگ کان بچي سگھجي جيڪا اسان جي زندگي ۾ بني نوع انسان تي ٻه ڀيرا بي انتها مصيبتون آڻي چڪي آهي 2۔ انسانن جي بنيادي حقن تي ٻيهر ايمان آڻينداسين ۽ انساني قدرن جي عزت ۽ قدرومنزلت ڪنداسين پر 3۔ مرد ۽ عورت جا حق برابر هوندا۔ ۽ ننڍين وڏين قومن جا حق برابر هوندا 4۔ اهڙا حالات پيدا ڪنداسين تہ عهد نامن ۽ بين الاقوامي آئين جي عائد ڪيون ذميدارين کي نڀايو وڃي۔ آزادي جي هڪ وسيع فضا ۾ اجتماعي ترقي جي رفتار وڌي ۽ زندگي جو معيار بلند ٿي۔
1۔ هي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ رواداري اختيار ڪريون 2۔ پاڙيسرين سان پر امن زندگي بسر ڪريون 3۔ بين الاقوامي امن ۽ تحفظ ڪي خاطر پنهنجي طاقت متحد ڪريون۔ اصولن ۽ روايتن کي قبول ڪري سگھون هن ڳالھ جو يقين ڏياريون ته گڏيل مفاد کان سوا ڪڏهن به طاقت جو استعمال نہ ڪيو وڃي۔ 4۔ تمام قومون عالم اقتصادي ۽ اجتماعي ترقي جي خاطر بين الاقوامي ذريعا اختيار ڪن۔
گڏيل قومن جي شق نمبر 1 جي تحت گڏيل قومن جا مقصد هيٺ ڏنل آهن۔
1۔ گڏيل مساعي سان بين الاقوامي امن ۽ تحفظ قائم ڪرڻ۔ 2۔ قومن جي وچ ۾ دوستاڻن تعلقن کي وڌائڻ۔ 3۔ بين الاقوامي اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ انسانن جي بهتري سان لاڳاپيل گتھیوں کي سلجھائڻ جي خاطر بين الاقوامي تعاون پيدا ڪرڻ انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ عزت پيدا ڪرڻ۔ 4۔ اهڪ اهڙو مرڪز پيدا ڪرڻ جنهن جي ذريعي قومون رابطه عمل پيدا ڪري انهن گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگھن۔ 5۔آرٽيڪل نمبر 2 جي تحت تمام رڪن ملڪن کي برابري جي مرتبي جي بنياد تي آهي۔
ڳهر امن پسند ملڪ جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جون شرطون تسليم ڪري ۽ اداري جي نظر ۾ اهو ملڪ انهن شرطن کي پورو ڪري سگھي ۽ گڏيل قومن جي ذميدارين کي ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار هجي برابري جي بنياد تي گڏيل قومن جو رڪن بڻجي سگھي ٿو۔ شروع شروع ۾ هن جا صرف 51 ميمبر هيا۔ بعد ۾ وڌندا ويا۔ سڪيورٽي ڪائونسل يا سلامتی ڪائونسل جي سفارش تي جنرل اسيمبلي رڪنن کي معطل يا خارج ڪري سگھي ٿي۔ ۽ جيڪڏهن ڪو رڪن چارٽر جي مسلسل خلاف ورزي ڪري انکي خارج ڪري سگھجي ٿو۔ سلامتی ڪائونسل معطل شده رڪنن جي رڪنيت جي حقن کي بحال ڪري سگھي ٿي۔هن وقت هن جي رڪن ملڪن جي تعداد 193آهي۔ تفصيلي فهرست جي لاءِ ڏسو: گڏيل قومن جا رڪن ملڪ۔
گڏيل قومن جا 6 عضوا آهن
جنرل اسيمبلي تمام رڪن ملڪن تي مشتمل هوندي آهي۔ هر رڪن ملڪ اسيمبلي ۾ وڌ ۾ وڌ پنج نمائندا موڪلي سگھي ٿو۔ اهڙن نمائندن جي چونڊ ملڪ خود ڪندو آهي۔ هر رڪن ملڪ کي صرف هڪ ووٽ جو حق حاصل هوندو آهي۔
جنرل اسيمبلي جو معمول جو اجلاس سال ۾ هڪ دفعو سيپٽمبر مهيبي جي ٽين اڱاري تي شروع ٿيندو آهي، پر اگر سلامتي ڪائونسل چاهي يا گڏيل قومن جي رڪنن جي اڪثريت چئي ته جنرل اسيمبلي جو خاص اجلاس ڪنهن ٻي وقت ۾ به ڪوٺائي سگھجي ٿو۔
جنرل اسيمبلي جو ڪم سر انجام ڏيڻ جي لاءِ ڇھ ڪميٽيون بڻايون ويون آهن۔ انهن ڪميٽين ۾ نمائندگي جو حق هر ميمبر ملڪ کي حاصل آهي۔
ان کان علاوه هڪ جنرل اسيمبلي جي پريذيڊنٽ، 17 وائس پريذيڊنٽ ۽ وڏي ڪميٽي جي 6 ميمبرن تي مشتمل آهي جن جي چونڊ جنرل اسيمبلي ڪندي آهي۔ جنرل ڪميٽي جو اجلاس اسيمبلي جي ڪم جو جائزو وٺڻ ۽ انکي بخوبي سر انجام ڏيڻ جي لاءِ اڪثر منعقد ٿيندو آهي۔ جنرل اسيمبلي جي امداد جي لاءِ وڌيڪ ڪيتريون ئي ڪميٽيون به آهن۔ جنرل اسيمبلي اڪثر اوقات ضرورت جي وقت هنگامي ڪميٽيون به مقرر ڪندي آهي۔ مثلاً اسيمبلي ڊسمبر 1948ء ۾ ڪوريا جي لاءِ گڏيل قومن جو ڪميشن مقرر ڪيو۔ گڏيل قومن مصالحتي ڪميشن براءِ فلسطين مقرر ڪيو۔ تمام ڪميٽِن جون سفارشون جنرل اسيمبلي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وينديون آهن۔
جنرل اسيمبلي جا اختيار ۽ فرض وسيع آهن۔ جهڙوڪ
سلامتي ڪائونسل يا سڪيورٽي ڪائونسل گڏيل قومن جو سڀ کان اهم عضوو آهي ان جا ڪل پندرهن رڪن هوندا آهن، جن مان پنج مستقل رڪن جيڪي فرانس، روس، برطانيہ، چين ۽ آمريڪا آهن ۽ انهن وٽ ڪنهن به معاملي ۾ راءِ شماري کي اڪيلي رد يعني ويٽو ڪرڻ جو حق حاصل آهي۔
ان کان علاوه ان جا ڏھ غير مستقل رڪن به آهن جن کي جنرل اسيمبلي ٻه ٻه سالن جي لاءِ منتخب ڪندي آهي۔ انهن کي فوري طور تي ٻيهر منتخب نٿو ڪري سگھجي۔
1- ملٽري اسٽاف ڪميٽي۔ 2-تخفيف اسلحو ڪميٽي۔ 3-داخلہ ڪميٽي۔ 4-ماهرن جي ڪميٽي۔ 5-اجتماعي تدبيرون ڪميٽي۔
ان جا 54 رڪن آهن جن مان 18 ميمبرن کي جنرل اسيمبلي هر ڀيري واري واري 3 ، 3 سالن جي لاءِ چونڊيندي آهي۔ جنرل اسيمبلي جي زير انتظام هي ڪائونسل گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي سرگرمين جي ذميدار آهي۔
هن ڪائونسل ۾ هر فيصلو صرف ڪثرت راءِ سان ڪيو ويندو آهي۔ هر رڪن جو هڪ ووٽ هوندو آهي۔ هي ڪائونسل ڪميشنن ۽ ڪميٽين جي ذريعي ڪم ڪندي آهي۔
هن ڪائونسل جي ڪميشنن ۾ هيٺ ڏنل ڪميشن شامل آهن۔
گڏيل قومن هڪ بين الاقوامي توليتي نظام قائم ڪيو تہ جيئن انهن علائقن جي نگراني ۽ بندوبست جو انتظام ڪري جيڪي جداگانہ توليتي معاهدن جي ذريعي گڏيل قومن جي زير نگرانی اچي ويا۔
توليتي نظام جو مقصد بين الاقوامي امن و امان ۽ حفاظت کي ترويض ڪرڻ۔ توليتي علاقن جي رهاڪن جي ترقي جو خيال رکڻ ته جيئن اهي خود مختياري ۽ آزادي حاصل ڪري سگھن۔
توليتي ڪانفرس جو فرض آهي تہ توليتي علاقن جي رهاڪن جي سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ تعليمي ترقي جي باري م استفسار نامو مرتب ڪري جنهن جي بنا تي انتظام ڪرڻ واريون حڪومتون سالانہ رپورٽ تيار ڪن۔ ان جي ميمبرن ۾ سلامتی ڪائونسل جي پنج مستقل رڪنن کان علاوه ٽرسٽ علائقن جو انتظام ڪرڻ وارا ملڪ شامل هوندا آهن۔
بين الاقوامي عدالت جو صدر مقام شهر هيگ واقع نيدرلينڊز (هالينڊ)آهي۔ هي عدالت گڏيل قومن جو سڀ کان وڏو قانوني ادارو آهي۔ تمام ملڪ جن آئين عدالت جي منشور تي دستخط ڪيا، جنهن مقدمي کي چاهن هن عدالت ۾ پيش ڪري سگھن ٿا۔ ان کان علاوه خود به سلامتی ڪائونسل قانوني تنازعا عدالت موڪلي سگھي ٿي۔
بين الا قوامي عدالت 15 ججن تي مشتمل آهي۔ عدالت جي انهن ميمبرن کي جنرل اسيمبلی ۽ سلامتي ڪائونسل آزاد راءِ شماري جي ذريعي نو سالن جي لاءِ منتخب ڪندي آهي۔ جج پنهنجي ذاتي قابليت جي بنا تي منتخب ٿيندو آهي۔ پر هي خيال ريو ويندو آهي تہ اهم قانوني نظام جي نمائندگی ٿي وڃي۔ ياد رهي تہ هڪ ئي ملڪ جي ٻح جج هڪئي وقت منتخب نٿا ٿي سگھن۔
گڏيل قومن (اقوام متحدہ) جي جنرل اسيمبليء جي ٺھراءَ (قرارداد) نمبر 1803 مطابق قدرتي وسيلن (گئس, تيل, ڪوئلو, پٿر, ڌاتو ۽ سامونڊي توڙي دريائي پاڻيء) جي ڪمائيء تي حق مقامي ماڻھن جو آھي.
1911ع جو ميڊرڊ ڪنوينشن, 1966ع جو ھيلسنڪي رولز ۽ 1997ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليء جو اجلاس واضع ڪري ٿو تہ وھندڙ ندين تي قومن جي رضامنديء کان سواء ڪينال ڪڍڻ يا ڊيم ٺاھڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آھي.
گڏيل قومن (اقوام متحده) جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٺھراءَ (قرارداد) نمبر 446 (22 مارچ 1979 ۾ پاس ٿيل) ۾ لکيل آهي ته ڪنهن به خطي ۾ موجود ڪنهن به نسل، ٻولي يا قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سڀ کان وڏي ناظم امور جي حيثيت سان ڪم ڪندو آهي۔ سلامتي ڪائونسل جي سفارش تي جنرل اسيمبلي سيڪريٽري جنرل چونڊيندي آهي۔ سيڪريٽري جنرل اسيمبلي کي هڪ سالانہ رپورٽ پيش ڪندو آهي ۽ انکي حق حاصل تہ پنهنجو عملو خود نامزد ڪري۔
گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ ۾ هيٺ ڏنل دفتر شامل آهن۔
هيٺ ڏنل امدادي ادارن ۾ به گڏيل قومن جو عملو ڪم ڪري ٿو۔
اهي ادارا جنکي جنرل اسيمبلي يا اقتصادي ڪائونسل قائم ڪري
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article گڏيل قومن جو عالمي ادارو, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.