جنيوا: سوئٽزرلينڊ ۾ شهر ۽ ان جي هڪ پرڳڻو (ڪينٽن) جي گاديءَ جو شهر

جنيوا (انگريزي ٻولي: Geneva)، فرانسيسي ٻولي: Genève، جرمن ٻولي: Genf، (اطالوي ٻولي: Ginevra) سويٽزرلينڊ جو (زيورخ زيورک کانپوءِ) آباديءَ جي لحاظ کان ٻيون سڀ کان وڏو شهر آهي.

هي سويٽزرلينڊ جي فرانسيسي ڳالهائيندڙ علائقي روماندي جو سڀ کان گهڻي آباديءَ وارو شهر پڻ آهي. هي ان هنڌ واقع آهي جتان جنيوا ڍنڍ درياهہ رهون ۾ وهندي آهي. هي جنيوا ضلعو (Canton of Geneva) جو گاديءَ جو هنڌ آهي. سال 2007 مطابق شهري حدن اندر آبادي هِڪُ لَک 85 هزار 726 آهي. ڪيترن ئي عالمگير تنظيمن جا دفتر هن شهر ۾ هئڻ سبب جينيوا کي عالمي شهر عالمگير شهر مَڇِيو ويندو آهي. انهن دفترن (آفيسن) ۾ گڏيل قومن جي يورپي صدر دفتر پڻ شامل آهن. سال 2006 ۾ ورتل هڪ جائزي مطابق جنيوا (زيورخ زيورک کانپوءِ) دنيا ۾ سڀَ کان سُٺي (اعليٰ) معيار زندگي رکڻ وارو شهر آهي.

جنيوا
جنيوا جا مختلف منظر، مٿي کاٻي پاسي کان: قصر قومون، وچ کاٻو: CERN تجربي گاهہ، سڄي پاسي: Jet d'Eau، هيٺ: ڍنڍ ۽ شهر جو منظر
جنيوا جا مختلف منظر، مٿي کاٻي پاسي کان: قصر قومون، وچ کاٻو: CERN تجربي گاهہ،
سڄي پاسي: Jet d'Eau، هيٺ: ڍنڍ ۽ شهر جو منظر
جنيوا
مھر
پکيڙ
 • ڪل 15.86 ڪ.م2 (6.12 ميل2)
بلندي 375 ميل (1,230 ft)
آبادي (2007ء)
 • ڪل 185,726


تعليم

دنيا جي آڳاٽي يونيورسٽين منجهان هِڪ يونيورسٽي هتي موجود آهي جنهنکي جنيوا يونيورسٽي سڏيو ويندو آهي، هيءَ يونيورسٽي سال 1559 ۾ جون ڪيلون قائم ڪئي هئي.

عالمگير تنظيمن جا دفتر

هتي صيحت جو عالمي ادارو(WHO)، عالمي ادارو محنت (ILO)، گڏيل قومن جو مهاجرن لاءِ اعليٰ ڪمشنر (UNHCR)، گڏيل قومن جو انساني حقن لاءِ اعليٰ ڪمشنر (UNHCHR)، ورلڊ انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن (WIPO)، انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين (ITU)، ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن (WMO)، عالمي تجارتي تنظيم (ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (WTO)) ۽ بين الپارليماني اتحاد (IPU)، ائٽمي تحقيق لاءِ يورپي تنظيم (CERN)، ورلڊ اڪنامڪ فورم (WEF)، اسڪائوٽ تحريڪ جي عالمي تنظيم (WOSM)، ۽ عالمي ريڊڪراس ڪاميٽي (ICRC) جا دفتر هن شهر ۾ موجود آهن.

انهن عالمي تنظيمن کانسواءِ ڪيترا ئي گُهڻ قومي (ملٽي نيشنل) ادارن جا صدر دفتر پڻ هن سهر ۾ موجود آهن، جِن ۾ سيرونو، ايس ٽي مائيڪرو اليڪٽرانڪس، سوسائت جنرال، ميڊيرينين شپنگ ڪمپني ۽ سيٽا شامل آهن. انهن کانسواءِ پروڪٽر اينڊ گيمبل، ڊيوپونٽ، انوسٽا، هيولٽ-پيڪارڊ، جي ٽي انٽرنيشنل، اليڪٽرانڪ آرٽس ۽ سن مائيڪروسسٽمز جهڙيون مشهورو گهڻ قوميائي ڪارپوريشنون (ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز) يورپي صدر دفتر پڻ هتي ئي آهن.

گهڙيال ٺاهڻ جي آڳاٽي روايت سبب هي شهر سموري دنيا ۾ مشهور آهي ۽ روليڪس، ريمنڊ ويل، اوميگا، پيٽڪ فلپ ۽ فرينڪ ميولر جهڙيون معروف ڪمپينون گهڙي سازي (واچ ميڪنگ) سان لاڳاپيل آهن.

نوٽس ۽ حوالا

ببلوگرافي

  • سانچو:HDS
  • Joëlle Kuntz, Geneva and the call of internationalism. A history, éditions Zoé, 2011, 96 pages (ISBN 978-2-88182-855-3).

ٻاهريان ڳنڍڻا

جنيوا: تعليم, عالمگير تنظيمن جا دفتر, نوٽس ۽ حوالا  جنيوا سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

Tags:

جنيوا تعليمجنيوا عالمگير تنظيمن جا دفترجنيوا نوٽس ۽ حوالاجنيوا ببلوگرافيجنيوا ٻاهريان ڳنڍڻاجنيواانگريزيجرمن ٻوليسوئٽزرلينڊفرانسيسي ٻوليگاديءَ جو هنڌگڏيل قومون

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

1985عجاگرافيائي بيھڪ نظاملاس اينجلسجپسيعيدي امينآسٽريليا جا شاھي سربراھآمريڪا جون گڏيل رياستونيهوديتآئين اڪبري (ڪتاب)وحي1496عپدرشاھيسرشٽياڇي پيٽ وارو چمڙوايجادڏياري1296عمارڪيٽ (جڳھ)624عويرا واھايڪڙڌاڻاسنڌي ادبسرنھن(وڻ)مارڪسي فلسفولويف716عابن خلدون1869عسنڌو ماٿري جي تهذيبعام ابلاغقطعوآغا نورمحمد پٺاڻ1406عڊي اين ايڀڳوت گيتاهٽلراجميرالاسڪاڪوالالمپورلبرل ازمائنٿراپالاجيمي ڊيسائنوبئڪٽيرياسعودي عربساموااولمپڪ رانديونهفتوجيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشنمـحمـد ايوب کهڙوعبدالرحيم گرهوڙيڪارو مادوماتا (بيماري)ٻارڻيوم پاڪستانبرازيل1969عپهرين مهاڀاري جنگطارق قريشي🡆 More