چين: دنيا ۽ ايشيا جو آبادي۾ سڀ کان وڏو ملڪ

چين(انگريزي: China ) جنھن جو سرڪاري نالو عوامي جمهوريه چين (انگريزي: People's Republic of China ) آھي اوڀر ايشيا ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جيڪو آبادي جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي.

ان جي آبادي ھڪ ارب چاليھ ڪروڙ آھي. روس ، ڪيناڊا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس کان پوءِ دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي . ان جي پکيڙ 95,72,900 چورس ڪلوميٽر آھي.انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق چين پکيڙ ۾ روس ۽ ڪيناڊا کان پوءِ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي جڏهن ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس 95,25,067 چورس ڪلوميٽر جي پکيڙ سان چوٿون نمبر وڏو ملڪ آھي تائيوان پڻ چين جو حصو ھيو پر ٻين جنگ عظيم کان پوء ڪميونسٽ انقلاب بعد اھو چين جي ڪميونسٽ نظام جو حصو نہ ٿيو ۽ جمهوريه چين جي نالي سان الڳ ملڪ طور وجود قائم رکيو. ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو ليز تي يورپي ملڪن جي نگراني ۾ رھيا پر ليز ختم ٿين بعد عوامي جمهوريه چين جي نگراني ۾ اچي ويا. روايتي چيني لکڻي ۾ 中國 لکندا آهن، ۽ آسان چيني لکڻي ۾ 中国 لکندا آهن. ھي ملڪ انتظامي طور تي 23 صوبن (جن مان 23ويھون صوبو تائيوان آھي جيڪو تڪراري علائقو آهي), 5 خودمختيار ريجن ۽ 4 سڌي حڪمراني وارين ميونسپالٽين (بيجنگ، شنگھائي، چِيَانجَين ۽چَانگچِنگ ) ۽ ٻن خاص انتظامي ريجن (هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو) ۾ ورھايل آھي.
جي ملڪ آمريڪا بعد دنيا جي ٻين وڏي معيشت آھي.

عوامي جمھوريا چين

  • 中华人民共和国
  • Zhōnghuá Rénmín Gònghéguó
Flag of China
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
ترانو: 
ايشيا جي نقشي ۾ چين تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل. ھلڪي سائي رنگ وارا علائقا چين جي اختيار ۾ ناھن پر چين انھن جو دعويدار آهي
ايشيا جي نقشي ۾ چين تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل. ھلڪي سائي رنگ وارا علائقا چين جي اختيار ۾ ناھن پر چين انھن جو دعويدار آهي
گادي جو هنڌ بيجنگ
39°55′N 116°23′E / 39.917°N 116.383°E / 39.917; 116.383
سڀ کان وڏو شهر شنگھائي
دفتري ٻوليون معياري چيني
دفتري لپي آسان چيني
تسليم شدہ مقامي ٻوليون
  • منگوليائي ،
    ييگر
    سليس تبت
    شوانگ
    ۽ ٻيون زبانون
نسلي گروھ
  • 91.51% ھان چيني
مذهب ڏسو» چين ۾ مذھب
مقامي آبادي چائنيز يا چيني
حڪومت وحداني مارڪسسٽ ليننسٽ ھڪ جماعتي سوشلسٽ ريپبلڪ
• ڪميونسٽ پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري، ملڪ جو صدر ۽ فوجي سربراھ
شِي جَنپِنگ
•  پريميئر
لِي ڪَيچِيَانگ
• نائب صدر
وانگ ڪيشن
• نيشنل پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين
لِي زَنشُو
• سياسي صلاحڪاري ڪانفرنس جو چيئرمين
وانگ يانگ
مقننه نيشنل پيپلز ڪانگريس
چين جي قيام جي تاريخ
• شيئا خاندان جي بادشاهي
ت. 2070 ق م
• پھريون شھنشاھي انضمام
221 ق م
• ريپبلڪ جو قيام
1 جنوري 1912
• خانہ جنگي بعد پيپلز ريپبلڪ جو اعلان
21 سيپٽمبر 1949
• ڪميونسٽ انقلاب
1 آڪٽوبر 1949
• موجودہ آئين
4 ڊسمبر 1982
• ميڪائو تي اختيار جي چين جي حق ۾ منتقلي
2 ڊسمبر 1999
پکيڙ
• جملي
9٬596٬961 km2 (3٬705٬407 sq mi) (3rd)
• پاڻي (%)
2.8%
آبادي
• 2016 اندازو
1,403,500,365 چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام (1st)
• 2010 مردم شماري
1,339,724,852 (1st)
•  گھاٽائي
[اوزا تبديل: invalid number] (83rd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$23.122 ٽرلين ڊالر (1st)
• في سيڪڙو
$16,624 (77th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$11.938 ٽرلين ڊالر (2nd)

چين جو ظھور دنيا جي شروعاتي تھذيب طور اتر چيني ميدان ۾ پيلي ندي جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ٿيو ھو. ھتي ھزارين سال لاڳيتو شاھي گھراڻن جون حڪومتون قائم رھيون جن سڀ کان پھريون گھراڻو شيئا ھيو جنھن جي بادشاھي جي شروعات 21ھين صدي ق م ۾ ٿي. ٽين صدي ق م ۾ چِن گھراڻي جي بادشاھي دوران ھي ملڪ متحد ٿي پھرين چيني ايمپائر بڻيو. ان بعد ھان گھراڻي جي 220ق م کان 206ق م تائين حڪومت قائم ٿي جنھن دور ۾ ھتي ڪاغذ ٺاھڻ جي شروعات ٿي ۽ قطب نما ايجاد ٿيو ۽ زراعت ۽ طب ۾ سڌارا آيا. اھو قديم چين جو ٽيڪنالاجي جي ترقي وارو دؤر ھيو. چينگ گھراڻي جي دؤر (618ع کان 907ع تائين) ۾ بارود ۽ منقوله ٽائيپ جون ايجادون ٿيون ۽ اتر واري سانگ گھراڻي جي دؤر (960ع کان 1127ع تائين) ۾ بارود، قطب نما، ڪاغذ سازي ۽ پرنٽنگ پريس جي ايجادن جي تڪميل عمل ۾ آئي. چينگ واري تھذيب ۾ شاھراھ ريشم واري لنگھ جو آغاز ٿيو جنھن ذريعي ميسوپوٽاميا ۽ آفريڪا کان واپارين جي آمد جي شروعات ٿي. چنگ ايمپائر ۾ چين جون حدون لڳ ڀڳ ساڳيون موجوده دؤر واريون رھيون. 1911 واري انقلاب کان پوء 1912ع ۾ چين ۾ شاھي گھراڻي واري راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ جمھوريه چين وجود ۾ آيو. ٻين جنگ عظيم ۾ چين تي جاپان قبضو ڪيو. بعد ۾ چيني گھرو ويڙھ بعد 1949ع م ھتي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سربراھي ۾ مائوزي تنگ عوامي جمهوريه چين جي قيام جو اعلان ڪيو. ڪومنتانگ پارٽي جي حڪومت شڪست کاڌي ۽ تائيوان تائين محدود ٿي وئي. چين ھڪ وحداني سوشلسٽ ۽ ھڪ جماعتي نظام واري ريپبلڪ آھي. ھي ملڪ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو دائمي رڪن ملڪ آھي.

تاريخ

آڳاٽو دور

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
زيانرين غار مان ڏھ ھزار سال اڳ جا برآمد ٿيل مٽي جا ٿانوَ

قديم آثارن وارين شھادتن مان ھتي ساڍا ٻاويھ لک سال اڳ ھومني بن مانسن جي رھائش جو پتو پوي ٿو. بيجنگ کان ڪجهه فاصلي تي زھوڪاڊيئن لڳ ھڪ غار مان پوڻا اٺ کان پوڻا ست لک سال اڳ جا ھتي ھومواريڪٽس انسان جا پنڊ پھڻ پڻ مليا آهن جنھن کي پيڪنگ واري ماڻھو جو نالو ڏنو ويو. ھومواريڪٽس انسانن سڀ کان اڳ باھ ٻارڻ سکي ھئي ھونان صوبي جي ڊائو ڪائونٽي ۾ واقع فيان غار مان سوا لک سال کان اسي ھزار سالن تائين پراڻي ھوموسيپيئن انسانن جي ڏندن جا پنڊ پهڻ مليا آهن جيئھو مان ست ھزار سال ق م واري چيني نشانين واري لکڻي جا نشان مليا آهن ڊيمائيڊي لڳ ڇھ ھزار سال ق م پراڻا چيني نشانين واري لکڻي جا آثار مليا آهن

شروعاتي شاھي خاندان

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
چوڏھين صدي ق م واري شينگ گھراڻي جي پوئين دور ۾ ينچو نالي گادي واري شھر جا آثار

چين جو پھريون شاھي گھراڻو شيئا ھيو جيڪو 2100 ق م ۾ ظھور ۾ آيو ان بعد شينگ گھراڻي جي راڄ جو پتو پوي ٿو جنھن جو راڄ اوڀر چين ۾ پيلي ندي واري ميداني علائقي ۾ سترھين کان يارھين صدي ق م تائين رھيو انھن جي دور جي اوراڪل ھڏين واري لپي چيني ٻولي جي قديم ترين لپي آهي ۽ جديد چيني اکري نشان ان لپي جي اکري نشانن مان نڪتل آھن شينگ گھراڻي جو راڄ جئو گھراڻي فتح ڪيو جنھن يارھين صدي ق م کان پنجين صدي ق م تائين راڄ ڪيو پر انھن جي اختيارن جي مرڪزيت فوجي جاگيرن ۾ ورھائجي وئي جنھن سان ڪجهه پرنسپلٽين جنم ورتو جن انھن جي اطاعت کان انڪار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٽي سؤ سالن تائين جنگ جوٽيندا رھيا جنھن بعد اتي ست طاقتور رياستون باقي بچيون.

چيني ايمپائر

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
چين جي پھرين شھنشاھ چن شي ھوانگ جنگ جوٽيندڙ رياستن کي ديوار چين ٺاھڻ لاء ھڪ راڄ ۾ متحد ڪيو. ان ديوار جو وڏو حصو منگ گھراڻي جي دؤر سان تعلق رکندڙ آهي

ھڪ رياست جي حاڪم چن شي ھوانگ باقي ڇھ رياستون فتح ڪري 221ق م ۾ جنگن جو خاتمو آڻي چيني ايمپائر جو بنياد وڌو ۽ چن گھراڻي جي جئنگ بادشاھ پاڻ کي شھنشاھ سڏائڻ شروع ڪيو. ھن ايمپائر ۾ قانوني سڌارا نفاذ ڪيا. چيني ٻولي جي اکري نشانن، ماپ جي ايڪن ۽ ڪرنسي جي معيار ۾ اضافو آندو. گاڏن جي سرائين جي ڊيگھ کي وڌرايو ۽ روڊن جي ويڪر ۾ پڻ اضافو ڪرايو. ھن گئانگشي، گوئينگڊانگ ۽ ويٽنام جي يو قبيلن کي فتح ڪيو چن گھراڻي جو دؤر پندرهن سال ھليو ۽ جيئنگ جي وفات بعد سخت پاليسين جي ڪري بغاوتن جنم ورتو گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي جنھن ۾ سيئنگيينگ ۾ شاھي لائبريري کي ساڙيو ويو 206 ق م ۾ ھان گھراڻي جو راڄ شروع ٿيو جيڪو 220ع تائين جاري رھيو ھن ايمپائر جو راڄ فوجي مھمن ذريعي وچ ايشيا ، منگوليا ڏکڻ ڪوريا، چيني يونان، گوئينگڊانگ ۽ اتر ويٽنام تائين ڦھليو. وچ ايشيا ۽ سوگديا تي پھچڻ ڪري ھن ايمپائر شاھراھ ريشم جي ھماليہ جبلن واري انڊيا مان گذرندڙ گس جي بدران وچ ايشيا وارو گس شروع ڪيو ۽ ھان ايمپائر جلد ئي دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بڻجي وئي

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
ھان گھراڻي جي دؤر ۾ ٻين صدي ق م ۾ ايمپائر جي توسيع وارو نقشو

ھان گھراڻي جي خاتمي سان ھتي ٽن بادشاھتن جنم ورتو سائو وئي واري رياست تي شين گھراڻي (265ع کان 420ع) قبضو ڪيو ۽ ھوئي نالي حاڪم جي بطور ھڪ ڪمزور شھنشاھ جي تاجپوشي تي ٻين رياستن سان گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. اتر چين وارن قبيلن سورھن بادشاھتون قائم ڪري ڇڏيون. زاينبي قبيلي وارن انھن سڀني جو اترئين وئي جي نالي سان انضمام ڪرايو جنھن جي شھنشاھ زاياوين قبائلي نفرتن واري پراڻين پاليسين جو خاتمو آڻي قبيلن کي چيني ثقافت ۾ ضم ڪيو. ڏکڻ چين ۾ جنرل لئيو يو لئيو سانگ گھراڻو کي چن گھراڻي جي جاء تي مضبوط ڪيو. چين اھڙي طرح اترئين ۽ ڏاکڻي ايمپائرن ۾ ورھايل رھيو ۽ اتي انھن ٻنھي گھراڻن جي کوڙ حاڪمن راڄ ڪيو. 581ع ۾ سوئي گھراڻي انھن ٻنھي راڄن کي گڏائي ھڪ ايمپائر ۾ تبديل ڪيو. سوئي گھراڻي جي دؤر ۾ ھان ماڻھن پوري چين ۾ زور ورتو. ھن دؤر ۾ زراعت ۽ معيشت ۾ سڌارا آيا، آبپاشي نظام کي بھتر ڪرڻ لاء چين جو وڏو ڪينال کوٽايو ويو ۽ ٻڌ ڌرم جي سرپرستي ڪئي وئي. سوئي گھراڻي جو راڄ گھڻو نہ ھلي سگھيو . اتر ڪوريا واري جنگ ھارائڻ ۽ عوامي ڪمن لاء عام ماڻھن کان بيگار ۾ ڪم وٺڻ ڪري ماڻھو انھن مان بيزار ٿي پيا. ان بعد چئنگ گھراڻي ۽ وري پوء سانگ گھراڻي جو راڄ شروع ٿيو ۽ چين جي معيشت، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي سونھري دؤر جو آغاز ٿيو چئنگ ايمپائر اولھ وارن علائقن ۽ شاھراھ ريشم جو ڪنٽرول حاصل ڪيو جنھن سان چيني واپارين جي ميسوپوٽاميا ۽ آفريڪا تائين رسد آسان ٿي ايمپائر جي گادي وارو شھر شانگن دنيا جي وڏن شھري مرڪزن ۾ شمار ٿيڻ لڳو پر پوء اٺين صدي عيسويءَ ۾ بغاوت ٿيڻ جي ڪري تباھي جي ور چڙهي ويو 907ع ۾ چئنگ ايمپائر ڪمزور ٿي ٽٽڻ شروع ڪيو. ان جا فوجي گورنر چوڻ کان نڪري ويا. اڳتي ھلي سانگ گھراڻي وري ايمپائر کي متحد ڪيو. سانگ ايمپائر دنيا جي پھرين رياست ھئي جنھن ڪاغذ واري ڪرنسي ۽ دنيا جي پھرين باقاعده مستقل نيوي فوج جي شروعات ڪئي. ان سامونڊي واپار ۽ جھازسازي جي صنعت کي ھٿي ڏني

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
ٻارھين صديءَ جي ھڪ پينٽنگ جنھن ۾ سانگ گھراڻي جي ايمپائر جو گاديءَ جو هنڌ بيجنگ (موجوده ڪائيفنگ شھر) ڏيکاريل

ڏھين ۽ يارھين صدي عيسويءَ ۾ چين جي آدمشماري ٻيڻي ٿي چڪي هئي جيڪا لڳ ڀڳ ڏھ ڪروڙ ھئي. گھڻي ڀاڱي وڌڻ جو سبب وچ چين ۽ ڏکڻ چين ۾ چانورن جي فصل ۾ واڌ ھيو جنھن سان چانورن جي پيداوار م وڏو اضافو آيو ۽ کاڌي جي فراواني ٿي وئي. سانگ گھراڻي جي دؤر ۾ ٻڌازم جي ڀيٽ ۾ نئين ڪنفيوشسزم کي فروغ مليو، فن ۽ فلسفي ترقي ڪئي سانگ گھراڻي جي فوجي ڪمزوري جو فائدو جرچن ماڻهن جي شين گھراڻي ورتو جنھن بيئنجنگ شھر تي قبضو ڪيو. شين گھراڻي جو راڄ 1115ع کان 1234ع تائين ھليو. 1271ع ۾ منگولن چين فتح ڪيو ۽ منگول سردار قبلائي خان يوئن گھراڻي جي ايمپائر جو بنياد وڌو. 1297ع تائين يوئن گھراڻي سانگ گھراڻي جا آخري بچيل علائقا فتح ڪري ورتا. منگولن جي آمد کان اڳ سانگ گھراڻي جي ايمپائر ۾ چين جي آبادي 12 ڪروڙ تائين ٿي چڪي هئي پر منگولن جي دور 1300ع ۾ گھٽجي ڇھ ڪروڙ تائين ٿي وئي. ژيو يوئنژانگ نالي ھڪ ھاري يوئن گھراڻي جو 1368ع ۾ خاتمو آندو ۽ منگ گھراڻي جو بنياد رکيو اھڙي طرح ان گھراڻي جو شھنشاھ ھنگوو گادي تي ويٺو. منگ گھراڻي جو دؤر سان چين جو ھڪ دفعو ٻيھر سونھري دؤر شروع ٿيو. معيشت مضبوط ٿي ۽ بحري فوج دنيا جي مضبوط ترين بحريه بڻجي وئي. فن ۽ ثقافت کي فروغ مليو. ان گھراڻي جي دؤر ۾ ايڊمرل ژينگ ھي ھندي سمنڊ جا اوڀر آفريڪا تائين سفر ڪيا

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
منگ ايمپائر جي توسيع

منگ گھراڻي جي شروعاتي دؤر ۾ ايمپائر جي گادي جو هنڌ نانچنگ شھر کان بيجنگ منتقل ڪيو ويو 1644ع ۾ لي زيچانگ جي اڳواڻي م ھارين جي باغي ويڙھاڪن بيجنگ تي قبضو ڪيو. شڪست وقت شھنشاھ چاگجين خودڪشي ڪري ڇڏي. لي زيچانگ جي شن گھراڻي جو جلد ئي چنگ گھراڻي جي مانچو منگ گھراڻي جي جنرل وو سانگوئي جي مدد سان خاتمو آندو ۽ بيجنگ جو ڪنٽرول سنڀاليو. اھڙي طرح بيجنگ ۾ چنگ گھراڻي جي راڄ جي شروعات ٿي.

آخري چنگ گھراڻي جي ايمپائر

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
اوڻويھون صدي ۾ ٿيل تائيپنگ بغاوت (1850–1864)

چنگ گھراڻي جي ايمپائر 1644ع کان 1912ع تائين قائم رهي. اھو چين جو آخري شاھي خاندان ھيو. منگ گھراڻي کان چنگ گھراڻي وٽ ايمپائر جي منتقلي واري گھرو ويڙھ (1618–1683) ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻھو ھلاڪ ٿيا ۽ چين جي معيشت تباھ ٿي ھڪ ننڍڙي معيشت ۾ تبديل ٿي وئي ڏکڻ چين ۾ منگ جي خاتمي بعد منگوليا، تبت ۽ چنگجيانگ ۽ زنگار خانيٽ فتح ڪري ايمپائر ۾ شامل ڪيا ويا چنگ مخالف جذبات کي ڪچلڻ لاءِ مرڪزي آپيشاهي قائم ڪئي وئي. زراعت کي فروغ ۽ واپار کي روڪيو ويو اوڻويھين صدي ۾ چنگ ايمپائر جون برطانيا ۽ فرانس سان آفيم واريون جنگون لڳيون. ھانگ ڪانگ ان کان کسي برطانيا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ چين کي معاوضي ادا ڪرڻ لاء مجبور ڪيو ويو ۽ معاھدن ھيٺ بندرگاھون ورتيون ويون 1842ع ۾ نانڪنگ وارو معاھدو ڪيو ويو. 1894 ۽ 1895ع ۾ جاپان جنگ شروع ڪري ڪوريائي اپٻيٽ ۽ تائيوان وارو ٻيٽ چيني ايمپائر کان کسي ورتا. 1876 کان 1879ع ۾ اتر چين ۾ ڏڪار آيو جنھن ۾90 لکن کان 130 لکن تائين ماڻھو فوت ٿي ويا. 1898ع ۾ شھنشاھ گئانگشو ملڪ ۾ جديد آئيني بادشاهت جي قيام لاء سڌارا شروع ڪيا پر ملڪه ڊويجر سڪسي انھن ۾ رڪاوٽون وڌيون. باڪسر واري بغاوت (1899–1901) ايمپائر کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو. 1911- 1912ع واري چنھائي انقلاب چنگ گھراڻي جي راڄ جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ ريپبلڪ جو قيام عمل ۾ آيو. جمھوريه چين 1912ع کان 1949ع تائين قائم رھيو.

جمھوریه چين

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
سن يات سين 1912ع ۾ ريپبلڪ آف چين جو اعلان ڪندي

پھرين جنوري 1912ع ۾ چين ريپبلڪ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ڪومنتانگ پارٽي (نيشنل پارٽي) جو اڳواڻ سن يات سين چين جو عارضي صدر مقرر ٿيو صدارت پعد ۾ اڳوڻي چنگ ايمپائر جي جنرل يوئان شڪائي جي حوالي ڪئي وئي جنھن 1915ع ۾ پاڻ کي چين جو شھنشاھ قرار ڏئي ڇڏيو. چين ۾ ان جي سخت مذمت ڪئي وئي، خود سندس پارٽي بيئينگ آرمي ان جي مخالفت ڪئي. ھن کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ ٻيھر ريپبلڪ جو قيام عمل ۾ آيو 1916ع ۾ يوئان شڪائي جي وفات بعد چين سياسي طور تي ورھائجي ويو هو. بيجنگ درحقيقت بي اختيار ٿي وئي ھئي علائقائي فوجي سردارن چين جي وڏي حصي تي ڪنٽرول رکيون ويٺا هئا 1920ع واري ڏھاڪي ۾ جمھوريه چين جي ملٽري اڪيڊمي جي پرنسيپال چيانگ ڪائي شيڪ جي سربراهي ۾ ڪومنتانگ ملڪ کي متحد رکيو ڪومنتانگ حڪومت ملڪ جي گادي جي ھنڌ کي بيجنگ کان نانچنگ منتقل ڪيو ۽ سياسي عمل جي سن يات سين جي ڏنل خيالن مطابق نگھباني ڪندي چين جي رياست کي ھڪ جديد جمھوري رياست ۾ تبديل ڪيو چيني فوجي اڳواڻن ۾ نفاق جي ڪري چيانگ ڪائي شيڪ لاء چيني ڪميونسٽن جي پيپلز لبريشن آرمي سان ويڙھ مشڪل ٿي پئي. اھا ويڙھ ڪومنتانگ 1927 کان جاري رکندي پئي آئي. 1936ع ۾ جاپاني حملي کان اڳ ڪومنتانگ پيپلز لبريشن آرمي جي لانگ مارچ کي شڪست ڏيندي پئي آئي

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
چيانگ ڪائي شيڪ ۽ مائوزي تنگ ٻين جنگ عظيم جي خاتمي تي جام لھرائيندي

ٻين چين جاپان جنگ 1937ع کان 1945 تائين جاري رھي. ان جنگ ۾ چين جي دفاع لاء ڪومنتانگ ۽ پيپلز لبريشن آرمي پاڻ ۾ اتحاد ڪري گڏجي جنگ وڙھي. ان جنگ ۾ ٻہ ڪروڙ چيني مارجي ويا جاپاني قبضي دوران لڳ ڀڳ 40000 کان 300000 چيني رڳو نانڪنگ واري قتل عام ۾ ھلاڪ ٿيا ٻين جنگ عظيم دوران چين جو شمار اتحادين ۾ ھيو گڏيل قومن جي پڌرنامي ۾ پڻ ان کي چئن وڏين طاقتن سان گڏ ھڪ طاقتور ملڪ طور تسليم ڪيو ويو ان کي جنگ جي اھم فاتح ملڪن ۾ شمار ڪيو ويو 1945 ۾ جاپان جي پيش پوڻ بعد تائيوان ۽ پيسڪيڊورس واري ٻيٽن جي جھرمٽ کي واپس چين اختيار حوالي ڪيو ويو. جنگ پوري چين کي تباھ ڪري ڇڏيو هو. ٻين جنگ عظيم جي خاتمي بعد وري ڪومنتانگ ۽ پيپلز لبريشن آرمي وچ ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. 1947 ۾ آئين جي حڪمراني بحال ڪئي وئي

عوامي جمهوريه چين جو قيام

فائل:Mao proclaiming the establishment of the PRC in 1949.jpg
1949ع ۾ چيئرمين مائوزي تنگ عوامي جمهوريه چين جي قيام جو اعلان ڪندي

1949ع ۾ چين جو لڳ ڀڳ سمورو علائقو ڪميونسٽ پارٽي جي اختيار ۾ اچي چڪو هو. ڪومنتانگ شڪست کائيندي تائيوان ۽ ٻين ٻيٽن تائين محدود ٿي وئي. 21 سيپٽمبر 1949ع تي چيئرمين مائوزي تنگ عوامي جمهوريه چين جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو تيان مين اسڪوائر تي ان جو جشن ملهايو ويو 1950ع ۾ پيپلز لبريشن آرمي ھائنان ٻيٽ تائيوان واري جمھوريه چين جي حڪومت کان کسي ورتو ۽ تبت کي عوامي جمھوريه چين ۾ ضم ڪري ڇڏيو اولھ چين ۾ ڪومنتانگ جي مسلمانن طرفان بغاوت 1950 کان 1958ع تائين جاري رهندي آئي

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
1979ع ۾ عوامي جمهوريه چين جو ڊينگ شيائوپنگ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر سان گڏ

انقلابي حڪومت زرعي سڌارا آڻي ھارين ۾ پنھنجي مقبوليت کي مستحڪم ڪيو. ان دوران ڏھ کان ويھ لک زميندارن کي ماريو ويو چين ھڪ الڳ صنعتي نظام جوڙيو ۽ پنھنجا ايٽمي ھٿيار ٺاھڻ شروع ڪيا 1950 ۾ چين جي آبادي 55 ڪروڙ ھئي جيڪا 1974 ۾ وڌي 90 ڪروڙ ٿي وئي 1966ع ۾ مائوزي تنگ ۽ ان جي حامين ثقافتي انقلاب شروع ڪيو جيڪو مائوزي تنگ جي 1976ع ۾ وفات تائين جاري رهيو. 1971 ۾ عوامي جمهوريه چين گڏيل قومن ۾ تائيوان واري جمھوريه چين جي جاء ورتي ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جو دائمي رڪنيت پڻ حاصل ڪئي. 1978۾ عوامي جمهوريه چين سوشلسٽ نظام ۾ گڏيل معيشت جو آغاز شروع ڪيو 4 ڊسمبر 1982 تي چين ۾ موجوده آئين نافذ ٿيو. 1989ع ۾ تيان مين اسڪوائر تي احتجاج ڪندڙ شاگردن جي قتل عام جو واقعو پيش آيو. 2081ع ۾ ھن ملڪ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۾ شموليت اختيار ڪئي. 2012 کان وٺي ھن ملڪ تي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري شي جنپنگ اقتدار ۾ آھي. ان ھڪ ٻار واري پاليسي ۾ تبديلي آندي، جيلن کي سڌاريو ۽ ڪرپشن جي خلاف عملي قدم کنيا. 2019 ۾ ھن ملڪ ۾ ڪووڊ 19 وائرس واري وبا شروع ٿي.

جاگرافي

چين اوڀر پاسي سمنڊن سان لڳي ٿو جن ۾ اوڀر چائنا سمنڊ، ڪوريا جو نار (Bay), پيلو سمنڊ، ۽ ڏکڻ چائنا سمنڊ جيڪو ڪوريا کان ويٽ نام تائين ڦھليل آھي. چين جو محل وقوع اتر ۾ 35 00 ڊگري ۽ اوڀر ۾ 105 00 تي آهي. پکيڙ 9,596,960 چورس ڪلوميٽر، جنھن ۾ 9,326,410 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 270,550 چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي. زمين سان ملندڙ ھن جي سرحد 22,457 ڪلوميٽر آهي جيڪا چوڏھن ملڪن سان مليس ٿي جن ۾ افغانستان 91 ڪلوميٽر، ڀوٽان 477 ڪلوميٽر، برما 2,129 ڪلوميٽر، انڊيا 2,659 ڪلوميٽر، قزاخستان 1,765 ڪلوميٽر، اتر ڪوريا 1,352 ڪلوميٽر، ڪرغزستان 1,063 ڪلوميٽر، لائوس 475 ڪلوميٽر، منگوليا سان 4,630 ڪلوميٽر، نيپال 1,389 ڪلوميٽر ، پاڪستان 438 ڪلوميٽر، روس اتر ۽ اوڀر پاسي کان 4,133، روس اتر اولھ 46 ڪلوميٽر، تاجڪستان 477 ڪلو ميٽر ويٽنام 1,297 ڪلوميٽر، علائقائي سرحد ۾ ھانگ ڪانگ 33 ڪلوميٽر، ميڪائو 3 ڪلوميٽر. چين جي 14,500 ڪلوميٽر سرحد مٿي ڄاڻايل سمنڊن سان لڳي ٿي . سندس سمنڊن ۾ پنھنجي سرحد کان 12 ناٽيڪل ميل تائين جو دعويدار آهي. سامونڊي سطح کان سراسري بلندي 1,840 ميٽر آهي. سڀ کان اونھو مقام ڪرپشن پينڊي جو 154 ميٽر سمند جي سطح کان ھيٺ آھي. اوچو مقام مائونٽ ايوريسٽ آھي جيڪو 8,848 ميٽر بلند آهي . چين جا قدرتي وسيلا ڪوئلو، ڪچو لوھ، پيٽروليم، قدرتي گيس، پارو، ٽين، ٽنگسٽين، سرمو، مينگنيز، موليبڊينم، وينيڊيم، ميگنيٽائيٽ، اليومنيم، شيھو، جست، يورينيم. چين جي 54.7 سيڪڙو زمين زرعي آھي. جنھن مان 11.3 سيڪڙو تي مستقل فصلن جي پوکي ٿيندي آهي،41.8 چراگاھون، 22.3 ٻيلا اٿس.آبپاشي واري زمين ڪل 690,070 چورس ڪلوميٽر اٿس. ايشيا جو مڪمل ملڪن ۾ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آهي

سياسي نظام

گريٽ ھال آف پيپلز
جتي نئشنل پيپلز ڪانگريس ويھندي آھي
چيني ڪميونسٽ پارٽي جو ۽ چيني حڪومت جي رياستي ڪائونسل جو صدر مقام زونگنانھاء

موجوده آئين مطابق عوامي جمهوريه چين ھڪ سوشلسٽ رياست آھي جنھن جي حڪومت عوامي جمھوري آمريت تحت ڪم ڪندي جنھن جي اڳواڻي مزدور ۽ ھاري اتحاد ذريعي ڪئي ويندي ۽ رياستي ادارا جمھوري مرڪزيت جي اصول تحت ڪم ڪندا

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
چيني ڪميونسٽ پارٽي ملڪ جي باني ۽ حاڪم پارٽي آھي
شي جنپنگ
چيني ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ عوامي جمهوريه چين جو صدر
لي ڪيچيانگ
عوامي جمهوريه چين جو پريميئر
لي زنشو
نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين

چين ھڪ جماعتي نظام واري رياست آھي جنھن تي ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي حڪمران آهي. 2018 ۾ نيشنل پيپلز ڪانگريس آئين ۾ تبديلي ڪري صدر لاء ٻن مدن واري حد جو شرط ختم ڪري ڇڏيو جنھن ڪري زي جنپنگ ٽيون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊيو ويو صدر رياستي سربراھ ھوندو آھي جنھن کي نيشنل پيپلز ڪانگريس چونڊيندي آھي. حڪومت جو سربراھ پريميئر سڏبو آهي جيڪو رياستي ڪائونسل جي صدرات ڪندو آهي جنھن جا رڪن چار وائيس پريميئر، وزارتن جا سربراھ ۽ ڪميشنن جا سربراھ ھوندا آھن

تائيوان وارو تنازعو

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
چين جا پاڙيسري ملڪن سان سرحدي تنازعن جو نقشو.

عوامي جمھوريه چين جي قيام واري ڏينهن کان ھي ملڪ تائيوان ۽ ڀرواري ٻيٽن جو دعويدار آھي. ھي ملڪ تائيوان کي پنھنجو صوبو قرار ڏئي ٿو ڪنمين ۽ ماتسيو کي چين پنھنجي صوبي فوجيئن جو حصو قرار ڏئي ٿو. پر اھي ٻيٽ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ تائيوان وارو جمھوريه چين پنھجن صوبن ھائنان ۽ گوئينگڊانگ جو حصو قرار ڏئي ٿو

سرحدي تڪرار

چين پنھنجا سرحدي تڪرار 14 مان 12 ملڪن سان نبيري ڇڏيا آهن باقي ڀن ملڪن ۾ انڊيا ۽ ڀوٽان اچي وڃن ٿا.

انتظامي ورهاست

عوامي جمھوريه چين ۾ 22 صوبا آھن ۽ 23ويھون صوبو تائيوان کي قرار ڏئي ٿو جيڪو اڃثا سندس اختيار ۾ ناھي. ان کان سواءِ ھي ملڪ پنج خودمختيار ريجن ۽ چاري سڌي اختيار وارين ميونسپالٽين ۽ ٻن خاص خطن ھرھڪ ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو ۾ ورھايل آھي.

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام سين‌ڪيانگعلائقو خودمختيار تبتچينگهائيگانسوسيچوآنيون‌ناننينگ‌شيامغولستان داخليشاآنشيچونگ‌ڪينگگوئيزوگوانگشيشانشياستان هنانهوبئيهونانگوانگ‌دونگهاينانهبئيهيلونگ‌جيانگجي‌لينليائونينگپڪنتيانجينشاندونگجيانگسوآن‌هوئيشنگهائيچجيانگجيانگشيفوجيانهنگ ڪنگماڪائواستان تائيوان
صوبا () صوبائي دعویٰ
خودمختيار ريجن (自治区) ميونسپالٽيون(直辖市) خاص انتظامي خطا (特别行政区)

معيشيت

چين: تاريخ, جاگرافي, سياسي نظام 
چين ۽ ٻين وڏين ترقي پذير معيشتن جي جي ڊي پي في ڪس مساوي قوت خريد جي بنياد تي 1990–2013 چين جي تيز معاشي واڌ نيري رنگ سان ڏيکاريل

ناليوار جي ڊي پي جي شرح مطابق 2010 کان وٺي چين دنيا جي ٻين وڏي معيشت آھي ان جي ڪل جي ڊي پي 2018 جي انگن اکرن مطابق 13.5 ٽرلين ڊالر يا 90 ٽرلين يوئان ھئي عالمي بينڪ جي انگن اکرن مطابق مساوي قوت خريد واري جي ڊي پي مطابق 2014 کان چين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت آھي عالمي بينڪ مطابق چين جي جي ڊي پي 1978ع ۾ 150 ارب ڊالر ھئي جيڪا 2018ع ۾ وڌي 13.6 ٽرلين ڊالرن تي پھتي 1978ع ۾ چين اندر معاشي اصلاحن واري وقت کان ان جي معيشت جي واڌ جي شرح 6 سيڪڙو رھي چين برآمدات ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ درآمدات ۾ دنيا جو ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي 2010ع کان 2019ع تائين عالمي جي ڊي پي ۾ چين جو حصو 25 سيڪڙو کان 39 سيڪڙو تائين رھيو. دنيا جي سڀ کان وڏي ڏھ اسٽاڪ ايڪسچينجن مان 3 چين ۾ واقع آھن.انھن ۾ شنگھائي اسٽاڪ ايڪسچينج، ھانگ ڪانگ اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ شينجن اسٽاڪ ايڪسچينج شامل آهن.2020, جي عالمي مالياتي مرڪزن جي اشاريي مطابق دنيا جي سڀ کان وڌيڪَ مقابلي وارن ڏھن ماليتي مرڪزن ۾ چين اندر چار مرڪز: شنگھائي، شينجن، ھانگ ڪانگ ۽ بيجنگ آھن. آڪسفورڊ معاشيات جي ھڪ رپورٽ مطابق 2035 ۾ ناليوار جي ڊي پي جي لحاظ کان دنيا جي ڏھ سڀ کان وڏن شھرن ۾ چين جا چار شھر شامل ھوندا جن ۾ شنگھائي، شينجن، بيجنگ ۽ گوانگجو شامل ھوندا. 2010 کان وٺي چين دنيا جو سڀ کان وڏو مينيوفيڪچرنگ ڪندڙ ملڪ آهي. ان کان اڳ اھو درجو ھڪ سؤ سالن کان آمريڪا جو ھيو. 2012ع کان چين ھاء ٽيڪ مينيوفيڪچرنگ ۾ دنيا جو ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي آمريڪا کان پوء دنيا ۾ چين ٻيون نمبر وڏي ريزڪي منڊي آھي. 2016 ۾ دنيا اندر اِي ڪامرس ۽ اڪائونٽنگ ۾ دنيا جي مارڪيٽ م 40 سيڪڙو حصو رکندڙ هو ۽ 2019 ۾ اھو حصو وڌي 50 سيڪڙو ٿي ويو چين دنيا ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي واپار ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي. 2018ع ۾ انھن گاڏين جي مينيوفيڪچرنگ ۽ خريداري ۾ اڌو اڌ حصيدار رھيو ڪارن جي بيٽرين ۽ انھن جي ڪچي مال جي پيداوار ۾ بہ پوري دنيا ۾ اڳڀرو آهي 2018 ۾ دنيا ۾ شمسي توانائي جي گنجائش ۾ چين ڪل پيداوار جي گنجائش جو 40 سيڪڙو رکندڙ ھيو.

آبادي

جولائي 2017 ۾ چين جي آبادي.1,379,302,771 ھئي. ھتان جا رھاڪو چيني يا چائنيز سڏبا آهن.آبادي جو 91.6 سيڪڙو ھان نسل جا ماڻهو آھن ، باقي آبادي ۾ 1.3 سيڪڙو جئانگ (Zhuang)، 1.3 سيڪڙو ھئي (Hui)۽ 7.1 سيڪڙو منچو (Manchu), ائيگر (Uighur), ميئائو (Miao)، يي (Yi), توجيا ( Tujia), تبتي (Tibetan), منگول، دونگ (Dong), بوييئي (Buyei),يائو (Yao), بائي (Bai), ڪوريائي (Korean),ھاني (Hani),لي،قزاخ، دائي، وغيره شامل آهن. چيني حڪومت مطابق چين ۾ 56 تسليم شده نسلن جا ماڻهو رهن ٿا.

ٻوليون

چين ۾ سرڪاري ٻولي معياري چيني آھي جنھن کي ماندر (Mandar) چوندا آهن. ان جو لھجو بيجنگ وارو آھي.ٻيون ٻوليون اقليتن جون آھن جن ۾ يئو (Yue) ڪينٽن وارن جي ٻولي، وو (Wu) شنگھائيء وارن جي، منبيئي (Minbei ) فوجائو (Fuzhou) وارن جي، منان (Minnan) تائيواني ھوڪئين (Hokkien-Taiwanese), جئانگ (Xiang), گين (Gan),ھاڪا لھجو ( Hakka dialects) اقليتي گروھن جون ٻوليون آھن.

مذهب

ھتي 18.2 سيڪڙو آبادي ٻڌازم ، 5.1 سيڪڙو عيسائيت، 1.8 سيڪڙو مسلمان، 21.9 سيڪڙو روايتي لوڪ مذھب ، 0.1 سيڪڙو ھندو، 0.1 سيڪڙو يھودي، 0.7 سيڪڙو ٻيا جن ۾ تائو ازم وارا اچي وڃن ٿا.

پڻ ڏسندا

خارجي ڳنڍڻا


سارڪ
افغانستان | بنگلاديش | ڀوٽان | هندستان | پاڪستان | سريلنڪا | نيپال | مالديپ

مبصر: چين | جاپان | آمريڪا | ڏکڻ ڪوريا

حوالا

Tags:

چين تاريخچين جاگرافيچين سياسي نظامچين تائيوان وارو تنازعوچين سرحدي تڪرارچين انتظامي ورهاستچين معيشيتچين آباديچين ٻوليونچين مذهبچين پڻ ڏسنداچين خارجي ڳنڍڻاچين حوالاچين

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

پي پي-6 (مري)اسپينچوڪنڊي قبرستانڪانگريس ڪنٽرول نمبر لائبريرياين اي-251 (شيراني۔زوب۔قلعو سيف الله)وڪيميڊيا ڪامنزروسسامسنگاين اي-22 (مردان-2)2020عکيرائين واٽ ڪهڪشانڪمپيوٽرجمهوريا ڪانگوشاھ جا سراوديساپوڇڙ تاراھٿرادو ذھانتفھرست سنڌ جون ذاتيونمعين الدين چشتي332عروزويوناني ٻوليهائوس آف ڪامنز يونائيٽيڊ ڪنگڊمعربي ٻوليٽالپرضلعو لاڙڪاڻوآرمينيائي ٻوليبادشاهي مسجدڪوروناوائرس روڳ 2019يجرويدميري ڪيوريظفر الله خان جماليهوتچند مولچند گربخشاڻي22 نومبربيت المڪرم مسجد، ڪراچي ڪريٽو ڪامنزابوبڪر صديقسنڌي ڀيل ٻوليسنڌي شاعريبيلاروسوڪيميڊيا فائونڊيشنڳُئي جڀواشنگٽن ڊي سي2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملوگڏيل بادشاھتمُک صفحوٽالپر شاهي خاندانوڪي لوز مونيومينٽس1953عآپريشن طوفان الاقصيلسانياتبينظير انڪم سپورٽ پروگرامپاڪستاني عام چونڊون، 2002لبرل ازمسنڌ جا شھرراجا ڏاهرسنڌڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرعيسائي14 سيپٽمبراين اي-40 (اتر وزيرستان)2014عڪارو مادووڪي مينياآية الڪرسيسگريٽ🡆 More