صيحت جو عالمي ڏينھن (انگريزي: World Health Day) گڏيل قومن جي ذيلي اداري عالمي ادارو صيحت جي تعاون سان 1950ع کان ھر سال سڄي دنيا ۾ 7 اپريل تي صيحت جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي، جنھن جو مقصد سڄي دُنيا ۾ صيحت ۽ بيمارين کان بچاءَ جي شعور اُجاڳر ڪرڻ آھي. 1948ع ۾ اھوئي ڏينھن ھيو جنھن ڏينھن عالمي ادارو صيحت جو قيام عمل ۾ آيو ھيو. ھر سال صيحت جي ڪنھن خاص موضوع جي تحت سڄي دنیا جا مُلڪ ھِن ڏينھن کي مَلھائيندا آھن.
صيحت جو عالمي ڏينھن | |
---|---|
سرڪاري نالو | World Health Day |
ملهائڻ وارا | صيحت جي عالمي ادارو جا سڀئي رڪن مُلڪ عالمی |
تقريبون | صيحت جو عالمي ادارو |
شروعات | 7 اپريل 1950ء |
تاريخ | 7 اپريل |
دورانيو | 1 ڏينھن |
تقرر | ساليانو |
ان ڏينهن کي ملهائڻ جو ڪارڻ عوام ۾ صحت جي اهميت کي اجاگر ڪري انھن ۾ آگاهي ڏني وڃي
گڏيل قومن جي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ٺھڻ کانپوءِ ست 7 اپريل 1948ع کي صيحت جو پھريون عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو هي ڏينھن گڏيل قومن جي اداري صحت WHO ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي هيٺ پوري دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي
هر سال صحت جي عالمي ڏهاڙي کي ڪنھن پليٽ فارم يا پيغام سان گڏ ملهايو ويندو آهي 2019ع ۾ هي ڏينھن
”صحت جي مڪمل سهولتون هر هڪ جي لاءِ هر جڳھ“ جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي
1948ع ۾ پھريون دفعو پھرين ورلڊ هيلٿ اسيمبلي جوڙي وئي جنھن ۾ اسيمبلي فيصلو ڪيو هو تہ 1950ع کان هر سال ست 7 اپريل جو ڏينھن ورلڊ هيلٿ ڊي جي حيثيت سان ملهايو ويندو
ورلڊ هيلٿ ڊي جي موقعي تي ڊبليو ايڇ او حڪومتن بين الاقوامي ادارن مقامي سماجي ۽ فلاحي اداره عوامي صحت جي حوالي سان مختلف سرگرميون ڪندا آهن
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article صحت جو عالمي ڏهاڙو, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.