زپوريزيا(انگريزي: Zaporizhia ) يا (انگريزي: Zaporizhzhia ) يا (انگريزي: Zaporizhzhya ) يوڪرين جي ڏکڻ-اوڀر ۾ درياء ڊنيپر (آمريڪي انگريزي: نيپر ) جي ڪپ تي واقع ھڪ شھر جو نالو آهي جيڪو يوڪرين جي زپوريژيا اوبلاسٽ جو گاديءَ جو هنڌ آھي.
ھي شھر ڊنيپر ھائڊرو پاور اسٽيشن ۽ خورتيتسيا نالي دريائي ٻيٽ جي ڪري مشهور آهي. ھي شھر فولاد جي صنعت، المونيم، ھوائي جھازن جي انجڻن جي صنعت، گاڏين جي صنعت، ٽرانسفارمرن جي صنعت جو مرڪز آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق ھن شھر جو پراڻو نالو اليڪساندروسڪ شھر ھيو ۽ 1921 م مٽائي موجوده نالو زپوريژيا رکيو ويو. 2001 ۾ شھر جي آدمشماري 815،000 ھئي.
زپوريژيا Zaporizhzhia | |||
---|---|---|---|
شھر | |||
Metalurhiv Avenue, Khortytsya island and Zaporizhstal | |||
| |||
زپوريژيا اوبلاسٽ (پيلي رنگ ) ۾ زپوريژيا شھر (نارنگي رنگ) | |||
يوڪرين ۾ زپوريژيا جو مقام | |||
جاگرافي بيهڪ: 47°50′0″N 35°10′0″E / 47.83333°N 35.16667°E 35°10′0″E / 47.83333°N 35.16667°E | |||
ملڪ | يوڪرين | ||
اوبلاسٽ | زپوريژيا اوبلاسٽ | ||
ميونسپالٽي | زپوريژيا ميونسيپلٽي | ||
قيام | 1770 | ||
شھر جو درجو | 1806 | ||
سرڪاري ۽ انتظامي ورھاست | 7
| ||
حڪومت | |||
• ميئر | ولاديمير بوريئاڪ (آزاد ) | ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 334 ڪ.م2 (129 ميل2) | ||
آبادي (2019) | |||
• ڪل | 738,728 |
1770ع ۾ ھتي حڪومتي ڪنٽرول قائم رکڻ لاءِ اليڪساندروسڪ نالي قلعو ٺھرايو ويو ۽ اھڙي طرح ھتي قلعي لڳ آبادي قائم ٿي جنھن کي 1806ع ۾ شھر جو درجو ڏنو ويو. 1927 کان 1932 تائين ڊنائيپر ھائيڊرو اليڪٽرڪ اسٽيشن (ان وقت جو دنيا جي سڀ کان وڏي ھائڊرو اليڪٽرڪ اسٽيشن) جي ٺھڻ سان شھر ۾ ڪافي واڌ آئي. ٻين جنگ عظيم ۾ ان ڊيم کي تباھ ڪيو ويو پر پوء نئين سر تعمير ڪيو ويو.
زپوريژيا جي سڀ کان وڏي صنعت فولاد جي آھي ۽ ھتي گاڏين جا ڪارخانا پڻ آهن.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article زپوريزيا, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.