آمريڪا جون گڏيل رياستون: اتر آمريڪا کنڊ جو هڪ ملڪ

آمريڪا جون گڏيل رياستون:(انگريزي: United States of America) جنهن کي يونائيٽيڊ اسٽيٽس، يو ايس يا آمريڪا به چيو ويندو آهي، 50 رياستن تي مشتمل هڪ جمهوري ملڪ آهي.

هي ملڪ اتر آمريڪا کنڊ ۾ واقع آهي. هتان جي گادي جو هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۽ سڀ کان وڏو شهر نيويارڪ آهي. 50 مان 48 رياستون هڪ ئي هنڌ ڪئناڊا جي ڏکڻ ۽ ميڪسيڪو جي اتر ۾ واقع آهن، جڏهن ته هڪ رياست الاسڪا باقي ملڪ کان پري ڪئناڊا جي اولھ ۾ ۽ ٻي رياست هوائي باقي ملڪ جي اولھ ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي. آمريڪا جي واشنگٽن رياست اهم رياست آهي آمريڪا جي ڪل آبادي 332 ڪروڙ آهي ۽ هي آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي. هي ملڪ 1776 ۾ قائم ٿيو. ناڻي ۽ فوجي طاقت جي لحاظ کان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي.

يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا

Flag of يونائيٽيڊ اسٽيٽس
{{{coat_alt}}}
جھنڊو وڏي مھر
شُعار: '
"پنھنجو ڀروسو خدا تي آ"
ترانو: "چمڪندڙ تارن وارو بينر"


March: "The Stars and Stripes Forever"

اتر آمريڪا جي کنڊ ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس سائي رنگ ۾ نمايان
يونائٽيڊ اسٽيٽس جنھن ۾ الاسڪا ۽ ھوائي بہ شامل ڏيکاريل آهن
علائقا
گڏيل آمريڪي رياستون ۽ انھن جا علائقا
گادي جو هنڌ واشنگٽن ڊي سي
سڀ کان وڏو شهر نيويارڪ سٽي
40°43′N 74°00′W / 40.717°N 74.000°W / 40.717; -74.000
دفتري ٻوليون وفاقي سطح تي ڪابہ سرڪاري ٻولي ناھي
قومي ٻولي انگريزي [b]
نسلي گروھ * 72.41%: گورا
  • 12.61% :ڪارا
  • 9.11%:گھڻ نسلي
  • 4.75%: ايشيائي
  • 1.12% :ريڊ انڊين
مقامي آبادي آمريڪن يا آمريڪي
حڪومت وفاقيصدارتيآئيني ريپبلڪ
• صدر
ڊونالڊ ٽرمپ
• نائب صدر
مائيڪ پينس
• اسپيڪر آف ھائوس آف ريپريزنٽيٽو
پائل ريئن
• چيف جسٽس
جان رابرٽس
مقننه ڪانگريس
سينيٽ
ھائوس آف ريپريزنٽيٽو
برطانيا کان آزادي
• آمريڪا جي آزادي جو پڌرنامو
4 جولاءِ 1776
• ڪنفيڊريشن جو قيام
پھرين مارچ 1781
• پيرس وارو معاھدو(1783)
3 سيپٽمبر 1783
• آمريڪا جو آئين
21 جون 1788
• اتر مرينا ٻيٽ
24 مارچ 1976
پکيڙ
• جملي پکيڙ
9٬857٬306 km2 (3٬805٬927 sq mi) (3rd/4th)
• پاڻي (%)
7.1
• خشڪي جي پکيڙ
9,158,022 km2
3,535,932 sq mi
آبادي
• 2016 اندازو
322,369,319 (3rd)
• 2010 مردم شماري
309,349,689 (3rd)
•  گھاٽائي
35 /km2 (90.6 /sq mi) (180th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2014 لڳ ڀڳ
• ڪل
$17.419 trillion (2nd)
• في سيڪڙو
$54,629 (10th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2014 لڳ ڀڳ
• ڪل
$17.419 trillion (1st)
آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي
آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي
بالڊ ايگل جيڪو 1782 کان وٺي آمريڪا جو قومي پکي آهي.

تاريخ

1000ع ۾ ليف ايرڪسن نالي هڪ مهم جُو يورپي جهازي اتر آمريڪا جي سامونڊي حدن ۾ اچي داخل ٿيو. 12 آڪٽوبر 1492ع ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس (Christopher Columbus) ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ طوفان جي وڪڙ ۾ اچي آمريڪي ڪناري تي پهتو ۽ سين سلويڊور San Slavador ٻيٽ تي لنگر انداز ٿيو. ڪيليفورنيا جنهن کي گولڊن اسٽيٽ به سڏيو ويندو آهي، تنهنجي ايل ڊوراڊو El Dorado علائقي ۾ سڀني کان پهرين پهچندڙ اسپيني ماڻهن هتي سون جي ڳولا ۾ پهتا. 1607ع ۾ ورجينا رياست جي جيمس ٽائونJames Town شهر ۾ انگريزن جي پهرين ڪالوني قائم ٿي ۽ انگريز سڀ کان پهرين هن شهر ۾ اچي آباد ٿيا.

آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
ڊڪليئريشن آف انڊپنڏنس ( خودمختياري جو اعلان) جو جان ٽرمبول پاران ٺاھيل پينٽنگ

برطانيا جون آمريڪي ڪالونيون 1776 ۾ برطانيا کان الڳ ٿي ويون ۽ انھن کي 1783 ۾ پيرس واري معاھدي ذريعي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي نالي سان ھڪ نئين قوم جي سڃاڻپ ملي. گڏيل رياستن ۾ پھرين 13 رياستون ھيون ۽ 19 کان 20 صدي دوران ٻيون 37 رياستون بہ ان ۾ شامل ٿي ويون.آمريڪا جي تاريخ ۾ ھڪ ڏکيو دور گهرو ويڙهه وارو ھيو جيڪا 1861 کان 1865 تائين ھلي

آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
گهرو ويڙهه دوران گيٽس برگ واري لڙائي (Battle of Gettysburg) جي مصور ٿيوئر ڊي ٿلسٽرپ پاران ٺاھيل پينٽنگ

جنھن ۾ اتر وارين رياستن جي يونين ۽ ڏکڻ وارين رياستن جي ڪنفيڊريشن جي وچ ۾ جنگ ھلي جيڪا اتر وارين رياستن کٽي ھئي. آمريڪا جي تاريخ جو ٻيو ڏکيو دور 1930 واري ڏھاڪي جو معاشي بحران آھي جنھن ۾ آمريڪا جي مزدورن جو چوٿون حصو نوڪريون ختم ٿي وڃڻ جي ڪري بي روزگار ٿي ويو.

آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
1929 کان پوءِ ٿيندڙ معاشي گھوٽالي جي ڪري ماڻھو وال اسٽريٽ ۾ گڏ ٿيندي

پھرين ۽ ٻين جنگ عظيم جي فتح ۽ 1991 ۾ سرد جنگ جي خاتمي آمريڪا کي ھڪ سپر پاور بڻائي ڇڏيو.آمريڪي معيشت ۽ ٽيڪنالاجي۾ بي حد اضافو ٿيو آھي. ھن وقت آمريڪا دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت آھي. 4 -اپريل- 1789ع تي -آمريڪا- جو -آئين- نافذ ٿيو. 30 -اپريل- 1789ع تي -جارج واشنگٽن- -آمريڪا- جو پهريون صدر ٿيو. 1861ع کان 1865ع تائين -آمريڪا- گھرو -جنگ- ۾ مبتلا رهيو، ڇو ته ڏاکڻين رياستن جي ڪارن غلامن -آزادي- پئي گهري. آمريڪي صدر ابراهام لنڪن غلاميءَ جو خاتمو آندو. 30 مارچ 1867ع تي روس الاسڪا جي رياست 7 ملين ڊالرن عيوض -آمريڪا- کي وڪڻي ڇڏي. 17 ڊسمبر 1903ع تي -آمريڪا- جي رائيٽ برادران (ولبرٽ رائيٽ ۽ آرويل رائيٽ) هڪ ننڍي هوائي جهاز ۾، جيڪو مشين سان هلندو هو، -اتر ڪيرولينا جي ڪٽيهاڪ ميدانن -تان- پهرئين -اڏام- ڪئي، ٻئي ڀائر جهاز ۾ موجود هئا. 1906ع ۾ آمريڪي صدر روز ويلٽ کي پهريون ڀيرو امن جو نوبل -انعام- مليو. 06 -اپريل- 1917ع تي -آمريڪا- پهرين عالمي -جنگ- ۾ شامل ٿيو. 13 -اپريل- 1935ع تي دنيا جي پهرئين ايئر سروس جي شروعات ڪيائين. -ٻي عالمي جنگ- ۾ جاپان جي هٿيار ڦٽا نه ڪرڻ سبب -آمريڪا- 6 -آگسٽ- 1945ع تي هيروشيما ۽ 9 -آگسٽ- 1945ع تي ناگاساڪي تي ايٽم -بم- ڪيرايا، جنهن سان بي انداز -جاني- نقصان ٿيو ۽ -آمريڪا- دنيا تي هڪ هٽي قائم ڪري ورتي. 5 مئي 1961ع تي ايلن بي شيپرڊ پهرئين آمريڪي خلاباز جي حيثيت سان خلا ۾ -اڏام- ڪئي. 22 نومبر 1963ع تي صدر جان ايف ڪينيڊيءَ کي قتل ڪيو ويو. 1968ع ۾ ڪارن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ اڳواڻ مارٽن لوٿرڪنگ کي قتل ڪيو ويو. 20 -جولاءِ- 1969ع تي آمريڪي خلائي جهاز اپولو II وسيلي خلاباز نيل آمسٽرانگ، ايڊون ايلڊرن ۽ مائيڪل ڪولينز چنڊ تي لٿا، جنهن کي سڄي دنيا جي عوام ٽي ويءَ تي سڌو سنئون ڏٺو. 26 فيبروري 1991ع تي -آمريڪا- ڪويت کي عراق جي قبضي مان ڇڏايو. 07 نومبر 2000ع جي صدارتي چونڊن ۾ جارج واڪر بش صدر چونڊجي آيو. 11 سيپٽمبر 2001ع تي ٻه مسافرن سان ڀريل جهاز ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ آمريڪي وزارت دفاع جي آفيس پينٽاگون سان ٽڪرائجي ويا ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جا ٻئي ٽاور پٽ اچي پيا. -

ورلڊ ٽريڊ سينٽر 11 سيپٽمبر 2001 ۾ القاعده جي دھشتگرد حملي دوران
ون ورلڊ سينٽر جي نئين ٺاھيل بلڊنگ

آمريڪا- -ان- دهشت گرديءَ جو ذميوار اسامه بن لادن کي قرار ڏنو، جيڪو -افغانستان- ۾ طالبان جو مهمان هو. انهيءَ الزام هيٺ -افغانستان- تي حملو ڪري طالبان جي حڪومت جو خاتمو آندو ويو. اها لڙائي اڃا به -جاري- آهي، 2003ع جي سياري ۾ -آمريڪا- عراق تي حملو ڪري صدام حسين کي گرفتار ڪري، کيس عدالت ذريعي ڦاهي ڏياري. عراق ۾ هينئر به نيٽو فورسز ويڙهاڪن کي منهن ڏيئي رهي آهي. -آمريڪا- 51 رياستن جو وفاق آهي، -جتي- صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ سربراهه (هيڊ آف اسٽيٽ)، حڪومت جو اڳواڻ، سڀني آئيني ۽ انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوجن جو سپريم ڪمانڊر آهي. صدر عوام جي ووٽن سان چئن سالن لاءِ چونڊبو آهي. ڪابينا ۽ رياستي گورنرن جي چونڊ صدر پاڻ ڪندو آهي. هن وقت آمريڪا جو صدر ڊونالڊ ٽرمپ آهي آمريڪا جو اڳوڻو صدر بارڪ حسين اوباما ھو جيڪو -تاريخ- جو پهريون سربراهه ھيو، جنهن جو تعلق ڪاري نسل سان ھيو. هن کي 2009ع جو امن جو نوبل -انعام- به مليو . -آمريڪا- جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 04 -جولاءِ- 1776ع آهي، ۽ کيس گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 -آڪٽوبر- 1945ع کان حاصل آهي.

آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
نيويارڪ سٽي ۾اسٽيچو آف لبرٽي جيڪو 1886 ۾ آمريڪا جيڪو آمريڪا جي نشان طور سڃاتو وڃي ٿو پر ان سان آمريڪي جمھوريت، آزادي ۽ موقعي جي بہ سڃاڻپ طور مشھور آھي

جاگرافي

آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
آمريڪا جي گڏيل رياستن جي سيٽلائيٽ ذريعي نڪتل تصوير جنھن ۾ ان جي پسگردائي پڻ ڏيکاريل آهي
آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
ڪوپن واري آبهوا جي درجہ بندي

ھي ملڪ اتر کان ڏکڻ ۾ ڪيناڊا ۽ ميڪسيڪو ۽ اوڀر کان اولھ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ پيسفڪ سمنڊ جي وچ ۾ واقع آهي. ھن ملڪ جو جاگرافيائي محل وقوع 38 00 N, 97 00 W آھي.ملڪ جي ايراضي 9,833,517 چورس ڪلوميٽر جن مان 9,147,593 چورس ڪلوميٽر خشڪي 685,924 چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي. ھن ملڪ ۾ 50 رياستون ۽ ھڪ وفاقي ٽيريٽري جنھن جو نالو ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا آهي جنھن ۾ وفاقي گاديءَ جو هنڌ واشنگٽن واقع آهي. ھي دنيا جو پکيڙ ۾ چوٿون وڏو ملڪ آهي.ھن جي زمين واري سرحد جملي 12,048 ڪلوميٽر آهي جنھن مان ڪيناڊا سان اتر واري پاسي 8,893 ڪ.م. ۽ الاسڪا واري پاسي کان ڪيناڊا سان 2,477 ڪ.م. اٿس باقي ميڪسيڪو سان زميني سرحد 3,155 ڪ.م. آهي.ھن ملڪ جي گوانٽانامو بي ۾ فوجي اڏي واري زمين ڪيوبا جو حصو آهي ۽ اھا ڪيوبا کان ليز تي ورتل آھي ان جي زميني سرحد 28.5 ڪ.م. آهي. ھن ملڪ جي ساحلي سرحد 19,924 ڪ. م. آھي ۽ ان جي سرحدي حد سمنڊ طرف 12 ناٽيڪل ميل آھي. ملڪ جو ساحلي معاشي زون سمنڊ طرف 200 ناٽيڪل ميل آھي.آمريڪا جي سمند جي سطح کان سراسري بلندي 720 ميٽر آھي. ان جو سڀ کان اونھو مقام موت جي وادي (Death Valley)آھي جيڪا سمند جي سطح کان 86 ميٽر اونھي آھي. سڀ کان اوچو مقام مائونٽ ميڪ ڪنلي(McKinley) ۾ ڊينالي(Denali) آهي جيڪو 6,190 ميٽر اوچو آهي.قدرتي وسيلن ۾ ھتي ڪوئلو ،ٽامو، شيھو، موليبيڊنيم، فاسفيٽ، يورينيم، باڪسائيٽ، سون، لوھ، پارو، نڪل، پوٽاش، چاندي , ٽنگسٽن، جست، پيٽرول عمارتي ڪاٺ جي دولت سان ڀريل آهي. دنيا م ڪوئلي جا سڀ کان گھڻا ذخيرا ھن ملڪ اھن جيڪي 491 ارب ٽن آھن جيڪي سڄي دنيا جي ڪوئلي جو 27 سيڪڙو آھن. ھن ملڪ جي 44.5 سيڪڙو زمين زرخيز آهي جنھن جو 16.8 سيڪڙو زمين تي پوک ٿيندي آهي جنھن مان 3 سيڪڙو تي مستقل پوک ٿيندي آهي، 27.4 سيڪڙو زمين تي چراگاھون آھن ۽ 33.3 سيڪڙو تي ٻيلا آھن.2012 ۾ ھن ملڪ جي آبپاشي واري زمين 264,000 چورس ڪلوميٽر ھئي هن ملڪ جي گڏيل رياستن جو سرڪاري نالو “United States of America” آهي.”-آمريڪا-“ نالو، هڪ اٽالين جهازي امريگو وسپوسي جي نالي تي رکيو ويو، جيڪو 1497ع ۾ هتي آيو هو. -آمريڪا- جي -اتر- ۾ ڪيناڊا، -اوڀر- ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو ۽ ميڪسيڪو نار ۽ اولهه ۾ پيسفِڪ سمنڊ آهن. گڏيل رياستن تي ٻڌل -آمريڪا-، ڪيناڊا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ آهي. هن جي هڪ رياست هوائي ٻيٽ سان فرانسسڪو کان 3870 ڪلوميٽر (2400 ميل) ڏکڻ اولهه طرف آهي. اڀرندي ۽ الهندي وارن علائقن ۾ ڊگھا جابلو سلسلا آهن. -آمريڪا- جي ڪل پکيڙ 9،160،454 چورس ڪلوميٽر (3،535،935 چورس ميل) ۽ آبادي 28 ڪروڙ آهي، گاديءَ جو هنڌ واشنگٽن (Washington) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ ميڪنلي (6194 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري -ٻولي- -انگريزي- ۽ ڪرنسي يو -ايس- ڊالر آهي، جيڪا دنيا جي وڌيڪ هلندڙ ۽ اهم ڪرنسي آهي. -آمريڪا- جي موسم، مختلف علائقن جي آبهوا جي حوالي سان مختلف آهي. گھڻي قدر موسم -ٿڌي- ۽ خوشگوار رهندي آهي. -آمريڪا- جي زرعي پيداوار ۾ ڪپهه، ڪڻڪ، جؤ، مڪئي، پٽاٽا، سويابين، داليون، ميوا ۽ ڀاڄيون آهن. مکيه صنعتن ۾ جهاز سازي، هٿيار، ميزائيل وغيره، پيٽروليم جون شيون، ڀاڻ، لوهه، موٽر گاڏيون، سيمنٽ، ڪپڙو، اليڪٽرانڪ -اوزار-، ڪيميائي شيون، دوائون، ڪمپيوٽر، پلاسٽڪ شامل آهن ۽ مکيه معدنيات ۾ -تيل-، ڪوئلو، -ٽامو-، موليڊنيم، فاسفيٽ، يورينيم، باڪسائٽ، سون، لوهه، پارو، نقل، پوٽاش ۽ -ٽنگسٽن شامل آهن.

آبادي ۽ ڊيموگرافي

جولائي 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 326,625,791 ھئي جنھن مطابق ھي ملڪ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي.جستان جي ماڻهن کي آمريڪي يا امريڪن سڏيو ويندو آهي.ھتسم جا 72.4 سيڪڙو ماڻهو گورا، 12.6 سيڪڙو ڪارا، 4.8 سيڪڙو ايشيائي، 0.9 سيڪڙو ريڊ انڊين ۽ الاسڪا جا اصلي رھاڪو،0.2 سيڪڙو ھوائين ۽ٻياپئسفڪ ٻيٽن جا رھاڪو، ۽ باقي 6.2 سيڪڙو ٻيا.

آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
آمريڪي رياستن ۾ غالب نسل
     جرمن      آمريڪي نسل       ميڪسيڪن      آئرش      آفريڪي      اطالوي      انگريز      جپاني      پورٽوريڪي

انگريزي ڳالهائيندڙن جو تعداد ھن ملڪ ۾ 79 سيڪڙو آھي، اسپيني 13 سيڪڙو، انڊو يورپين ٻوليون ڳالھائيندڙ 3.7 سيڪڙو ، ايشيا ۽ پيسفڪ جون ٻوليون ڳالھائيندڙ 3.4 سيڪڙو، باقي ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ 1 سيڪڙو. آمريڪا جي وفاق جي ڪابہ سرڪاري ٻولي ناھي پر انگريزي 50 مان 32 رياستن جي سرڪاري ٻولي بڻجي وئي آھي. ھوائين بہ ھوائي رياست جي سرڪاري ٻولي آھي. ھتان جي 46.5 سيڪڙو آبادي پروٽيسٽنٽ آھي، رومن ڪيٿولڪ ھتي 20.8 سيڪڙو ،يھودي 1.9 سيڪڙو، مورمن (Mormon)1.6 سيڪڙو، ٻيا عيسائي 0.9 سيڪڙو، 0.9 سيڪڙو مسلمان، 0.8 سيڪڙو يھوا جا شاھد، 0.7سيڪڙو ٻڌ، 0.7 سيڪڙو ھندو، ۽ 1.8 سيڪڙو ٻيا مذھب ۽ 22.8 سيڪڙو لامذھب آھن 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي جي واڌ جي شرح 0.81 سيڪڙو ھئي. 2018 ۾ ھن ملڪ جي شھري آبادي ملڪ جي آبادي جو 82.3 سيڪڙو ھئي.واشينگٽن جي آبادي 2015 ۾ 4.955 ملين ھئي.

سانچو:US Census population

سياسي انتظام ۽ حڪومت

آمريڪا جو نالو

آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
امیریگو وسپوچی جی خیالی تصویر

آمريڪا جو نالو اٽلي جي کوجنا ڪندڙ جھازران ۽ ڪارٽوگرافر(نقشن ٺاھڻ جو ماھر) اميريگو وسپوچي(Amerigo VESPUCCI) (جنم: 1454؛وفات:1512) جي نالي مان نڪتل آهي جيڪو لاطيني اچار ۾ آمريڪس سڏبو هو جنھن مان وري بدلجي آمريڪا ٿي ويو

وفاق ۽ رياستون

حڪومت جو قسم آئيني وفاقي ريپبلڪ آهي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ واشنگٽن ڊي.سي. آهي جنھن جو محل وقوع 38 53 N, 77 02 W آھي.ملڪ جي وفاق ۾ 50 رياستون آھن جيڪي ڇھن ثائيم زونن ۾ اچن ٿيون.ام کان علاوه ھڪ ضلعو ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا آھي جيڪو انھن رياستن کان علاوه آھي جنھن ۾ واشنگٽن شھر واقع آهي.رياستن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. الاباما(Alabama)
  2. الاسڪا(Alaska)
  3. ايرزونا(Arizona)
  4. ارڪنسا(Arkansas)
  5. ڪيليفورنيا(California)
  6. ڪولراڊو(Colorado)
  7. ڪونيڪٽيڪٽ(Connecticut)
  8. ڊيلويئر(Delaware)
  9. فلوريڊا(Florida)
  10. جارجيا(Georgia)
  11. ھوائي(Hawaii)
  12. آئيڊاھو(Idaho)
  13. النوئيس(Illinois)
  14. انڊيانا(Indiana)
  15. آيووا(Iowa)
  16. ڪئنساس(Kansas)
  17. ڪنٽاڪي(Kentucky)
  18. لئوزيانا(Louisiana)
  19. مئن(Maine)
  20. ميري لينڊ(Maryland)
  21. مئسچوسٽس(Massachusetts)
  22. مشيگن(Michigan)
  23. منيسوٽا(Minnesota)
  24. مسيسيپي(Mississippi)
  25. مسوري(Missouri)
  26. مونٽانا(Montana)
  27. نبراسڪا(Nebraska)
  28. نويڊا(Nevada)
  29. نيو ھئمپشائر(New Hampshire)
  30. نيو جرسي(New Jersey)
  31. نيو ميڪسيڪو(New Mexico)
  32. نيو يارڪ(New York)
  33. نارٿ ڪيرولينا(North Carolina)
  34. نارٿ ڊڪوٽا(North Dakota)
  35. اوھيو(Ohio)
  36. اوڪلاھاما(Oklahoma)
  37. اوريگان(Oregon)
  38. پينسلوانيا(Pennsylvania)
  39. رھوڊ آئلينڊ( Rhode Island )
  40. سائوٿ ڪيرولينا(South Carolina)
  41. سائوٿ ڊڪوٽا(South Dakota)
  42. ٽنيسي(Tennessee)
  43. ٽيڪساس(Texas)
  44. يوٽا(Utah)
  45. ورمونٽ(Vermont)
  46. ورجينيا(Virginia)
  47. واشنگٽن(Washington)
  48. ويسٽ ورجينيا(West Virginia)
  49. وسڪانسن(Wisconsin)
  50. ويومنگ(Wyoming)
گاديءَ جو هنڌ
جتي ڪانگريس واقع آهي
کاٻي پاسي سينيٽ ۽ساڄي پاسي ھائوس آف ريپريزنٽيٽو
وائيٽ ھائوس: آمريڪا جي صدر جو گھر ۽ آفيس
سپريم ڪورٽ بلڊنگ
آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
آمريڪي رياستن جي قيام جي ٽائيم لائين
آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
آمريڪي رياستن جي قيام جي ٽائيم لائين

آمريڪي اختيار وارا علائقا

آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
آمريڪا جو معاشي زون وارو نقشو جنھن ۾ سامونڊي حد ۽ قبضي وارا علائقا ڏيکاريل آهن.

ھيٺين علائقن ۾ آمريڪي حڪومت جو اختيار آهي.

  • امريڪن ساموا(American Samoa)
  • بيڪر آئلينڊ(Baker Island)
  • گئام(Guam)
  • ھائو لينڊ آئلينڊ(Howland Island)
  • جاروس آئلينڊ(Jarvis Island)
  • جانسٽن ايٽول(Johnston Atoll)
  • ناواسا آئلينڊ(Navassa Island)
  • نادرن مرينا آئلينڊس(Northern Mariana Islands)
  • پيلمائرا ايٽول(Palmyra Atoll)
  • پورٽو ريڪو(Puerto Rico)
  • ورجن آئلينڊس(Virgin Islands)
  • ويڪ آئلينڊ(Wake Island)

خودمختياري

ھن ملڪ 4 جولائي 1776 برطانيا بڻ کان خودمختياري حاصل ڪئي ان ڪري اھو ڏينھن آمريڪا ۾ قومي ڏينھن ۽ موڪل جو ڏينهن آھي .3 سيپٽمبر 1783 ۾ برطانيا ان جي خودمختياري کي تسليم ڪيو.

قانوني سسٽم

آمريڪا جي وفاق ۾ سڀني رياستن ۾ سواءِ ھڪ جي ڪامن لا سسٽم آھي. رڳو ھڪ رياست لئوزيانا ۾ نيپولينڪ سول ڪوڊ لاڳو آھي

معيشت

ھن ملڪ جي معيشت دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ طاقتور معيشت آھي جنھن جي في ڪس جي ڊي پي 59500 يو.ايس.ڊالر آھي. ھن ملڪ جون ڪمپنيون ڪمپيوٽر, دوائن، ايئرواسپيس ۽ فوجي سازوسامان جي ٽيڪنالاجي ۾ دنيا اندر ھراول آهن. فوجي ٽيڪنالاجي جي دنيا اندر اھميت گھٽجڻ ڪري پرچيزنگ پاور پئرٽي مطابق 2014 ۾ ھن جي معيشت 2014 ۾ ٻئي نمبر تي اچي وئي جو پھرين نمبر تي چين اچي ويو.آمريڪا جي معيشت اڌ کان وڌيڪ ٻاھران درآمد ڪيل تيل تي ھلي ٿي جنھن ڪري تيل جي قيمتن ۾ واڌ معيشت کي گھڻو متاثر ڪري ٿي. پرچيزنگ پاور پئرٽي يا قوت خريد جي ڀيٽ ۾ آمريڪا جي جي ڊي پي 2017 ۾ 19.36 ٽرلين جو ايس ڊالر ھئي.آفيشل ايڪسچينج ريٽ يا مٽاسٽا واري شرح مطابق بہ 19.36 ٽرلين يو.ايس.ڊالر ھئي. 2017 ۾ ملڪ جي مجموعي قومي بچت (Gross national saving) 17.5 سيڪڙو ھئي. ھن ملڪ جي زرعي پيداوار ۾ ڪڻڪ، مڪئي، ٻيا اناج، ميوا، وڏو گوشت، سوئر جو گوشت، سبزيون، ڪپھ، پولٽري، کير جون شيون، مڇي شامل آهن. آمريڪا جي صنعت پيداوار جي لحاظ کان دنيا جي ٻيون نمبر وڏي صنعت آھي. صنعتي پيداوار ۾ پيٽروليم واريون شيون، گاڏيون، ايئرواسپيس، ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪيميڪل , اليڪٽرانڪس، فوڊ پروسيسنگ، صارفن واريون شيون (consumer goods), عمارتي ڪاٺ وارو سامان، کاڻين واري صنعت شامل آهن . آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙن يا مزدوري جي سگھ (Labour power) 2017 ۾ 160400000 مزدورن تي مشتمل ھئي ان سگھ م ان سال ھي ملڪ دنيا ۾ چوٿين نمبر تي ھيو. ان تعداد ۾ پيشي جي لحاظ کان 0.7 سيڪڙو فارمنگ، فشنگ ۽ فاريسٽري م، 20.3 سيڪڙو مينيوفيڪچرنگ، ٽرانسپورٽ، وغيره ۾ ، 37.3 سيڪڙو مينيجمينٽ، پيشورانہ ۽ فني شعبن ۾، 24.2 سيڪڙو وڪري ۽ آفيس ورڪ ۾،17.6 سيڪڙو ٻين خدمتن ۾ ان سگھ ۾ بي روزگار شامل ناھن. 2015 ۾ ملڪ جي 15.1 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاريندڙ ھئي.

بجيٽ

ھن ملڪ جي 2017 واري بجيٽ ۾ ملڪ جي آمدني 3.336 ٽرلين ڊالر، خرچ 3.991 ٽرلين ڊالر ھيو. ملڪ جي 17.2 سيڪڙو آمدني ٽيڪس ۽ ٻين محصولن مان حاصل ٿي جيڪڏهنان ۾ سوشل سڪيورٽي وغيره کي بہ شامل ڪجي تہ پوءِ ٽيڪس ۽ محصولن جي آمدني 22 سيڪڙو ھئي.2017 ۾ بجيٽ جو خسارو 3.4 سيڪڙو ھيو.ملڪ جو 2017 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس 462 بلين ڊالر ھيو . ملڪ جون برآمدات 1.576 ٽرلين ڊالر ۽ درامدات 2.352 ٽرلين ڊالر ھيون . پرڏيهي مٽاسٽا لاء ذخيرو ۽ سون 117.3 بلين ڊالر ھيو.

توانائي

آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
آمريڪا جون بجلي جي ٽرانسميشن جون گرڊ اسٽيشنون جن جون 300٬000 km (190٬000 mi) 500 ڪمپنيون ھلائڻ ٿيون ۽نارٿ آمريڪن اليڪٽرڪ رلائبلٽي ڪارپوريشن انھن سڀني جي نگراني ڪندڙ آھي

ھن ملڪ جي 100 سيڪڙو آبادي بجلي سان مستفيد آھي.2015 ۾ ھن ملڪ جي بجلي جي پيداوار 4.088 کرب ڪلو واٽ ھئي.ان ڀيٽ سان ھي دنيا جو بجلي پيدا ڪندڙ ٻيون نمبر وڏو ملڪ ھيو. ساڳي سال بجلي جي کپت ھن ملڪ ۾ 3.911 کرب ڪلو واٽ ھئي. 2016 ۾ ھن ملڪ 9.695 ارب ڪلو واٽ بجلي برآمد ڪئي ۽ 80.66 ارب ڪلو واٽ بجلي درآمد ڪئي. ھن ملڪ جي بجلي جي پيداوار 2015 ۾ 70.6 سيڪڙو تيل تي ،9.2 سيڪڙو نيوڪليئر، 7.4 سيڪڙو ھائڊرل يا پاڻي واري توانائيءَ تي ۽ 10.7 سيڪڙو ٻي توانائي تي ٿيندي آهي.2016 ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزاني پيداوار 8.853 ملين بيرل جي ھئي.ڪچي تيل جي برآمد ساڳي سال روزانو 590900 بيرل ھئي ۽ درآمد روزانو 7.85 ملين بيرل ھئي.

مواصلات

ملڪ ۾ ٽيلفو جا لڳل ڪنيڪشن 121.53 ملين آھن.جولاء2016 جي صورتحال مطابق ملڪ 100 سيڪڙو آبادي انھن جو استعمال ڪندڙ آھي ۽ ان لحاظ کان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ھي ملڪ ٽڪ ٽئين نمبر تي آهي.جولاء 2016 ۾ ملڪ ۾ موبائل فون جا 395.881 ڪنيڪشن ھيا۽ملڪجي 100 سيڪڙو آبادي انھن کان مستفيد ھئي ۽ ان ڀيٽ ۾ ھي دنيا جو چوٿون نمبر وڏو ملڪ هيو.ملڪ جو فون جو مواصلاتي نظام جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ وارو آھي جنھن ۾ فائبر آپٽڪ ڪيبل، مائڪرو ويو ريڊيو رلي(microwave radio relay),ڪوايڪسل ڪيبل(coaxial cable) ۽ ڊوميسٽڪ سيٽلائيٽ سسٽم شامل آھن. ھن ملڪ جو انٽرنيشنل ڪنٽري ڪوڊ نمبر 1 آھي. ملڪ جو انٽرنيٽ ڪنٽري ڪوڊ .us آھي. جولائي 2016 ۾ انٽرنيٽ جي استعمال ڪندڙن جو تعداد246,809,221 ھيو جيڪو ڪل آبادي جو 76.2 سيڪڙو ھيو ۽ ان ڀيٽ ۾ جي دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ هيو.

ٽرانسپورٽ

آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
بين الرياستي روڊن جو ڄار جنھن جي ڊيگھ جملي 46٬876 ميل (75٬440 km).
آمريڪا جون گڏيل رياستون: تاريخ, جاگرافي, آبادي ۽ ڊيموگرافي 
اندروني ملڪئ جو ريلوي نظام جو نقشو

2016 ۾ سرڪاري ھوائي ٽرانسپورٽ ۾ ھن ملڪ جي رجسٽرڊ جھازن جو تعداد 92 آھي. غيرسرڪاري ٽرانسپورٽ جو رجسٽرڊ تعداد 6817 آهي.ساليانو 798.23 ملين ماڻھو جھازن ۾ سفر ڪن ٿا.2013 ۾ ملڪ ۾ ھوائي اڏن جو تعداد 13513 ھيو ۽ ان ڀيٽ ۾ ھي ملڪ دنيا ۾ پھرين نمبر تي آهي. ملڪ ۾ پيوڊ رن وي(paved runway ) وارا ايئر پورٽ 5054 آھن. ان پيوڊ رن وي (unpaved runway) وارا ھوئي اڏا 8459 آھن.2013 ۾ ملڪ ۾ ھيليڪاپٽرن جا اڏا يا ھيلي پورٽ (Heliports) جو تعداد 5287 آھي. ملڪ ۾ 2013 ۾ قدرتي گيس جي پائيپن جي ڪل ڊيگھ 1984321 ڪلوميٽر ۽ پيٽرول جي پائيپ لائين جي ڊيگھ 240711 ڪلوميٽر ھئي. ريلوي لائين جي ڊيگھ ساڳي سال 293564.2 ڪلوميٽر ھئي. ملڪ ۾ روڊن جي ڊيگھ 6586610 ڪلوميٽر جنھن ۾ پيوڊ روڊن (paved road) جي ڊيگھ 4304715 ڪلوميٽر، ايڪسپريس وي ۾ 76334 ڪلوميٽر ۽ ان پيوڊ روڊن (unpaved roads) جا 281895 ڪلوميٽر شامل آهن. روڊن جي ڊيگھ ۾ ھي ملڪ دنيا ۾ پھريون نمبر آھي.ملڪ جي واپاري بحري جهازن، ٻيڙن ۽ ٽينڪرن جو تعداد 3611 آهي.

ملڪ جو دفاع

ملڪ ۾ دفاع جو خرچ 2012 ۾ جي.ڊي.پي.جو 4.24 سيڪڙو ھيو جيڪو 2016 ۾ گھٽجي 3.29 تي پھتو. 2016 ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ آمريڪا دفاع جي خرچ ۾ 25 نمبر تي ھيو. ملڪ ۾ فوج يو ايس آرمي، يو ايس نيوي، يو ايس ايئر فورس۽ يو ايس ڪوسٽ گارڊ تي مشتمل آهي. ڪوسٽ گارڊ امن واري حالت ۾ ھوم لينڊ سڪيورٽي جي ماتحت ڪم ڪندا آهن ۽ جنگ جي حالت ۾ نيوي جي شعبي ۾ رپورٽ ڪندا آهن. فوج ۾ ڀرتي جي عمر 18 سال آهي پر جي والدين مرضي ڏيکارين تہ سترھن سال ۾ ڀرتي ٿي سگھي ٿي

حوالا

Tags:

آمريڪا جون گڏيل رياستون تاريخآمريڪا جون گڏيل رياستون جاگرافيآمريڪا جون گڏيل رياستون آبادي ۽ ڊيموگرافيآمريڪا جون گڏيل رياستون سياسي انتظام ۽ حڪومتآمريڪا جون گڏيل رياستون معيشتآمريڪا جون گڏيل رياستون توانائيآمريڪا جون گڏيل رياستون مواصلاتآمريڪا جون گڏيل رياستون ٽرانسپورٽآمريڪا جون گڏيل رياستون ملڪ جو دفاعآمريڪا جون گڏيل رياستون حوالاآمريڪا جون گڏيل رياستونانگريزيميڪسيڪونيويارڪواشنگٽن رياستواشنگٽن ڊي سيپيسفڪ سمنڊڪئناڊا

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

تصوفڪرپشنلنڊنبھار1947عڪوروناوائرس روڳ 2019مسلم اسپينمولانا محمد قاسم نانوتويبابلسلطنت بيننآڪاش منڊلڪارگل جنگمسلمان2020عانڊونيشياهرب گوبند ڳورانا1744عقديم آثارسهڻي ميهارسون جو معياربني اسرائيلاستنبولآزاد سياستدانوي بيڪ مشينڀارت2006ع11 نومبرسنڌي ادبمرتضيٰ ڀٽو1772عابن بطوطا1962عڊرونليڊي ڊفرن اسپتالچيئرگلابانڪوائري آفيسر (ناول)23 آگسٽگھرقديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهوتهرانهيروڊوٽسنيڪٽاءِسعودي عرب جا صوباپيرسڏکڻ ڪورياڊونلڊ ٽرمپتھرانشڪاگونيوٽن جي حرڪت جا قانون3 آڪٽوبرڳجهارتبادشاهي مسجدنثرپي پي-83 (خوشاب-3)سامي (شاعر)آمريڪا جون گڏيل رياستون498عپلاسٽڪاسپنگرھوائي گدلاڻمادواوڙاھ ( ناول)آصف مٺياڻويوڪيپيڊيا🡆 More