شاعري

شاعري (Poetry) کي سنڌيءَ ۾ ’ڪويتا‘ بہ چئبو آهي.

شاعري جذبن جي اظهار جو نالو آهي، جيڪا بي ساختہ ڪئي ويندي آهي. وليم وزڊس ورٿ چيو هو تہ ”شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساختہ اظھار آهي.“ شاعري قدرتي ڏات هوندي آهي، جنھن سان اندر جي ترجماني ٿئي ٿي. شاعر جي ھڪ اھڙي تخليق جيڪا انسان جي جذبن ۽ احساسن سان واسطو رکي ٿي. پر ان ۾ خيال جي پرواز بہ اعليٰ هوندي آهي. شاعري انساني زندگيءَ جي تصوير ۽ اندروني ڪيفيتن جو اظھار آھي. شاعري قدرت جي دلفريب ۽ دلڪش منظرن جو عڪس بہ ڪري ٿي.

سنڌي زبان ۾ شاعري عام طرح ٽن نمونن جو آهي جهڙوڪ:

  • قديم شاعري.
  • عروضي شاعري.
  • جديد شاعري.
  1. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي صنف تمام قديم اھي. عربن جي زماني کان بہ گهڻو اڳ سنڌ ۾ شعر چيو ويندو ھو. قديم شاعري ۾ گنان، ڪبت (الف اشباع)، ڏوهيڙو، بيت، وائي، ڪافي ۽ سلوڪ، وغيره شامل آهن. شاعريءَ جون هي صنفون هندي ڇند وديا ۽ موسيقيءَ جي ماترائن تي ٻڌل هونديون آهن. ۽ منجهن سٽون موزون ۽ قافيي واريون ٿينديون آهن. هن ۾ لوڪ، لوڪ-ڪلاسيڪل ۽ ڪلاسيڪل شاعري اچي وڃي ٿي.
  2. عروضي شعر اهو آهي، جو علم عروض جي قانونن پٽاندڙ جوڙيل هجي؛ يعني شعر ۾ مصرعون نہ رڳو وزن ۽ قافيي واريون هجن، پر ان سان گڏ اهي مقرر بحر جي وزنن ۽ ارڪانن موجب هئڻ کپن. اهڙي شعر ۾ قافيي سان گڏ ”رديف“ بہ ڪم آندو ويندو آهي. هن قسم جي شعر ۾، حمد، نعت، قصيدو، غزل، نظم، مثنوي، رباعي، قطعو، مستزاد، فرد، مسمط، ترجيع بند، ۽ ترڪيب بند، وغيره اچي وڃن ٿا.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

عالمي ورثو ماڳسرنھن(وڻ)اسراريتلاکين جو دڙولسانياتروون اٽڪنسنشمس الدين التمشڪولڪتاپي ڪي-42 (ايبٽ آباد-1)نسل ڪشيپراڪرتموسيٰ خيل ضلعو، پاڪستانزيب سنڌيڪڪڙوڪي سورسبجلي گھربل گيٽسحيدرآباد ضلعو، سنڌڌاڻا1857ع1095عپاڪستان جي اسيمبلين جا تڪعيد نمازهفتوڊي اين ايعباس ڪوريجوواڍائپپاڪستان جي اسيمبلين جي تڪن جي فهرستلاڙڪاڻو تعلقوآسيہ ارجينٽواين اي-6 (دیر لوئر-1)1846عنئون سالڪوروناوائرس روڳ 2019پنجابي جا لھجااصطخريجرمنيلويفتنوير عباسيفاطمي خلافتھائڊروجنگهنٽوسوکڙي (ڪتاب)سرشٽيجمھوريا آئرلينڊڄام تماچيروسبدنوساساني سلطنتڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامو27 ڊسمبرجِي. ڊي. پي1496ع1754عادبي تنقيدغلام حسين شاهه بخاريڪمپيوٽر سائنسٻارڻمارڪ زڪربرگافراط زر1969عفٽبالمياميسچل سرمستجي ميل🡆 More