اُرڙي

ارڙِي، ننڍي ماتا، (Measles): هڪ قسم جي چمڙيءَ جي پکڙجندڙ بيماري، جيڪا ”ماتا“ وانگر ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي بيماريءَ طور مشهور آهي پر ٻنهي ۾ فرق آهي.

اها بيماري هڪ خاص وائرس سان پکڙبي آهي. -ان- جا داڻا ٻاجهريءَ جي داڻن جيڏا ۽ ڳاڙها، خشڪ ۽ بنا روڳ جي ٿيندا آهن. هيءَ بيماري گهڻو ڪري چيٽ جي مهيني ۾ ٿيندي آهي. هن بيماريءَ ۾ تپ تيز ٿيندو آهي ۽ چيلهه ۾ سور، نڪ ۾ خارش، -اکيون- ڳاڙهيون ٿينديون آهن. اکين ۽ نڪ مان -پاڻي- وهندو آهي. اُرڙيءَ ۾ تپ گهڻو ٿيندو آهي ۽ اُرڙيءَ جا داڻا جلد نڪرندا آهن. اُرڙي، ماتا کان گهڻي نقصانڪار ٿيندي آهي. خاص ڪري داڻن جو رنگ ڪارو، نيرو يا واڱڻائي هجي ته بيقراري ۽ بيهوشي ٿيندي. هڪ ڀيرو اها بيماري ٿيڻ کان پوءِ جسم ۾ -ان- خلاف ايتري قوت مدافعت ٿيندي آهي جو وري تا عمر ڪا نه ٿيندي آهي. عام طرح چوندا آهن ته ”ماتا“ يا ”اُرڙيءَ“ ۾ ڪابه دوا ناهي ڪرڻي، پر اهو خيال غلط آهي. باقاعدي علاج جي ضرورت ٿيندي آهي. طبيبن ۽ ڊاڪٽرن وٽ ارڙيءَ توڙي ماتا جي بيماريءَ جو علاج موجود آهي. -ان- ڏس ۾ ڊاڪٽري علاج کانسواءِ حڪيم شمس الدين جي ڪتاب ”آسان علاج“ ۾ ڪافي مواد آهي.

اُرڙي
RougeoleDP
Video summary (script)

ٻيا نالا

اُرڙي، لُنڊي، پنجڙي پنجِڙِي (اُرڙي)، ننڍي مائي ننڍي مائي (اُرڙي)، ٿَڌِڙا

پڻ ڏسو

حوالا

Tags:

اُرڙي ٻيا نالااُرڙي پڻ ڏسواُرڙي حوالااُرڙياکتپنيرونڪوائرسپاڻيچيٽُڪارو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

1999عبنگلاديشاديس اباباآسمانعيسوي تقويمپيسفڪ سمنڊھرات صوبونفسياتبين الاقوامي تنظيم1493عنمازايشيقڏند ڪٿايهوديتاڙيائي لپي1968ععجب جي نشانيترائيل786عاخلاق انصاريفائيورنبوتسوارا ڀاسڪرويب سائيٽويٽناماصحاب الرسجهنڊو مري تعلقوبرابر عالمي وقتڳُئي جڀارم محبوبڊسمبرخدا آبادي لپيجنيواآزاد نظماسڪاٽ لينڊ جي بادشاهتآفريڪاديپڪ آشاڳاههبازنطيني سلطنتآمريڪا جون گڏيل رياستونڪڇسسئي پنهون جو داستانماهوار ڪينجهرجي ايم سيد1993عموتيو (بائيولاجي)ٺٽومحمد علي جناحوياناشڪلسونچر لوڻ21 فيبروريزازاڪي ٻوليصحتسومرڏکڻ آفريڪا1676عرومي سلطنتلينڪسايرانڀالو26 سيپٽمبرمسلمان🡆 More