عجب جي نشاني: ندا جي نشاني:(!): (Sign of Exclamation)
! | |||||
---|---|---|---|---|---|
عجب جي نشاني | |||||
| |||||
Related | |||||
In other scripts | |||||
ڪنھن بھ حيرت ۾ وجھندڙ جملي جي آخر ۾ اھا نشاني لکندي اھي، يا وري گھڻي توجھه ڇڪائڻ لاءِ پڻ ڪڏھن ڪڏھن ساڳي نشاني لڳائبي آهي. لفظ جي ندائي صورت ۾ يا ندائي جملي ۾ اخر ۾ هيءَ نشاني لکائبي اھي. تمنائي جملن امر نيازي (اڄ پڇاڙيءَوارن) جملن جي اخر ۾ عجب جي نشاني لڳائبي آهي. مثال: ادا طارق! ھتي اچي ويھھ. طنز ڏيکارڻ لاءِ به ڏنگين يا بريڪيٽن ۾ عجب جي نشاني ڏني اھي. مثال طور: ھا سائين، تون وڏو نيڪ (!) ماڻھو اھين. تون پاس ٿي وئين !
ندا جي نشاني تڏهن استعمال ڪئي ويندي آهي، جڏهن جملي ۾ خوشي يا غم، ڊپ يا ڪنهن عجب وارن جذبن کي ظاهر ڪيو ويندو آهي. پر ڳالهائڻ وقت انهن لفظن تي زور ڏنو ويندو آهي ۽ انهن لفظن ۽ باقي لفظن جي وچ ۾ ڪجهه وقت دم کڻڻو پوندو آهي. هڪ ڪڏهن ٿوڪ ظاهر ڪرڻ يا ڪنهن خاص پيدا ڪرڻ لاءِ نشاني ڏني ويندي آهي.
مثال:
مار! ايترو بار هن جانور تي.
واه! تو هي راند نه کٽي ورتي.
ڌڻي شل توکي وڏي عمر ڏئي!
تو ايتري دولت ڪمائي آهي!
چپ! تيار ٿي! هڪدم ڪمري مان نڪري وڃ.
[! -] Exclamation & Dash هي نشاني ندا جي حالت ۾ وڌيڪ زوردار يا احتياط خاطر استعمال ڪئي ويندي آهي.
[!! ! ] هنن نشانين جو مقصد هوندو آهي ته ڪنهن ڳالهه جي لاءِ وڌيڪ عجب ظاهر ڪرڻ. هيءَ نشاني افسانوي ادب ۾ عام استعمال ڪئي وڃي ٿي.
[ (!) ] Bracked Exclamation هن نشاني مان لفظن ۾ لڪل عجب ظاهر ڪيو ويندو آهي. معنيٰ لفظن ۾ ظاهر ۾ ندا جي حالت ڪانه هوندي آهي پر باطني طور ندا جي حالت ظاهر ڪئي ويندي آهي يا هن نشاني مان گهري طنز ظاهر ڪئي وڃي ٿي.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article عجب جي نشاني, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.