ڪڪڙ(انگريزي: Chicken) ھڪ پکي جو نالو آهي جنھن کي عربي ۾ دجاج، فارسي ۾ خروس، هندي ۾ ڪڪڙي، مرغي ۽ ماڪيان چوندا آهن.ھي مشهور ۽ سانتيڪو گهرو پکي آهي.
ڪڪڙيون جلد جلد آنا لاهينديون آهن، جي ماڻهو کائيندا به آهن. نر جي مٿي تي ڳاڙهي رنگ جي چوٽي (هلڪي ڪلنگي) ۽ ماديءَ جي مٿي تي ننڍي ٿيندي آهي. ٻليءَ کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. اونهاري ۾ رات جو ٻاهر ڊگهي ڪاٺيءَ تي ٺاهيل مارِهي (پيهي) تي ويهاريو آهي ۽ سياري جو کُڏين ۾ بند ڪبو آهي. نانگ هن جو دشمن آهي.
هن کي چڱيءَ طرح ڪاڙهي شوربو پياربو ته دمڪشي ۽ کنگهه کي فائدو ڪندو. مثاني ۽ گڙدن جي پٿري ۽ رائي کي ذرا ذرا ڪري پيشاب جي رستي خارج ڪندو. فالـج، لقوي، سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. نڙيءَ جو سور ڇڏائي ۽ آواز کي صاف ڪري ٿو. ڇاتي ۽ سيني جي بلغم کي تحليل ڪري ٿو. هن جي چرٻي سنڌن جي سور، استرخاءِ ۽ آلت جي ڍرائيءَ تي مالش ڪرائجي. اها چرٻي طرفين جي لذت لاءِ به مجرب آهي.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ڪڪڙ, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.