سنڌي ثقافتي ڏھاڙو

سنڌي ثقافتي ڏينھن، يا، سنڌ ثقافتي ڏهاڙو (سنڌي سڀيتا ڏهاڙو، سنڌي ايڪتا ڏهاڙو) (انگريزي ٻولي: Sindhi cultural Day) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي ماڻهو, دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن، جنهن کي ايڪتا جو ڏينھن پڻ چيو وڃي ٿو.

سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان سنڌ جي قديم شاهوڪار ثقافت نمايان ڪرڻ جي لاءِ روايتي جوش سان ملهايو ويندو آهي.

سنڌي ثقافتي ڏينھن
سنڌي ثقافتي ڏھاڙو
سنڌي ٽوپي، سنڌي ثقافت جو مُک جزو
ملهائڻ وارا سنڌي
قسم عوامي
اهميت سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ
تاريخ ڊسمبر جي پھرين آچر
دورانيو 1 ڏينھن
تقرر ساليانو

آمريڪن قونصل خاني ڪراچي پاران قونصل جنرل برائن هيٿ جي رھائش گاھ تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان هڪ موسيقيءَ جي تقريب رکي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو. گذريل ڇهن سالن کان آمريڪي قونصل خانو سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ھر سال تقريب جو اھتمام ڪندو رهي ٿو.

ان ڏهاڙو تي سنڌ ۾ مختلف ثقافتي سرگرميون ڪيون وينديون آهن جنهن ۾ صوفياڻي ڪچهري، سُگهڙ ڪچهري، ادبي ڪانفرس وغيره شامل آهن.

تاريخ

پهريون سنڌي سڀيتا ڏهاڙو 6 ڊسمبر 2009 تي ملهايو ويو، جنهن کانپوءِ هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرئين هفتي جي آچر ڏينهن تي هي ڏهاڙو سنڌ جا ماڻهو، انڊيا ۾ وسندڙ سنڌي ماڻهو ۽ پرڏيهه ۾ دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن ملهائيندا آهن.

2009

پهريون سنڌي سڀيتا ڏهاڙو 6 ڊسمبر 2009 تي ملهايو ويو

2010

ٻيو 2010

2011

ٽيون 2011

2012

چوٿون 2012

2013

پنجون 2013

2014

ڇهون 2014

2015

ستون 2015

2016

اٺون 2016

2017

نائون 2017

2018

ڏهون 2018

2019

2019 ۾ ان ڏهاڙي کي هڪ سنڌ سڪ ثقافت جي نالي سان ملهايو ويو.

پهرئين ڊسمبر 2019 تي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو جي موقعي تي دنيا جو سڀ کان ڊگهو ۽ ويڪرو وڏو سنڌي اجرڪ سکر، سنڌ ۾ ۽ 130 ميٽر ۽ 30 فُٽ ويڪرو سنڌي اجرڪ حيدرآباد، سنڌ ۾ نمائش ڪئي وئي.

2020

تياريون

هن سال سنڌي ثقافتي ڏينهن 6 ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جي لاءِ تياريون خاص طور تي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ سنڌي ماڻهو روايتي لباس ؛ اجرڪ ۽ سنڌي ڪيپ خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن. مختلف سنڌي شخصيتون ان جي سرواڻي ڪري رهيون آهن ۽ صوبي جي ننڍن کان وڏن شهرن تائين ريلين جو انتظام ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه، مقامي موسيقار/گلوڪار ثقافت کي ترقي ۽ تحفظ لاءِ ثقافتي ڏينهن جي وڊيو گانا جاري ڪري چڪا آهن علي ظفر، عروج فاطمه ۽ عابد بروهي 'اَلي منهنجا ماروئڙا'، غلام اصغر کوسو ”جيئي جيئي منهنجي سُهڻي سنڌڙي“ ۽ ’شجاع حيدر پاران ”پنهنجو پولي پنهنجو سنڌ“ گيت تيار ڪيل آهي.

جشن

اڄ 6 ڊسمبر، سنڌ سميت سموري دنيا ۾ ثقافتي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

گيلري

حوالا

خارجي ڳنڍڻا

سانچو:سنڌ موضوع

Tags:

سنڌي ثقافتي ڏھاڙو تاريخسنڌي ثقافتي ڏھاڙو گيلريسنڌي ثقافتي ڏھاڙو حوالاسنڌي ثقافتي ڏھاڙو خارجي ڳنڍڻاسنڌي ثقافتي ڏھاڙوانگريزيسنڌسنڌو ماٿريء جي تهذيبسنڌي ماڻھو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

13 آڪٽوبرعائشہبجليءَ جو ڪرنٽانگريزي ٻوليدي نيو يارڪ ٽائمزتاريخزازاڪي ٻوليتحقيقوڪي ڊيٽاوائرساسحاقرڌراماديوي (فلم)انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجيلغاري (قبيلو)فحش فلمڪروشياسسئي پنهون جو داستانڪتوسيد جلال محمود شاههوڪيميڊيا ڪامنزارشميدسرديفسنڌي ٻوليءَ جي اخبارن جي فھرستپاڪستان جو جهنڊوگرامرجنيوامنگهارام ملڪاڻياسڪاٽ لينڊ جي بادشاهتنفسياتسنڌي ٻولي جو با اختيار اداروسنڌي راندين جي فهرست9 آڪٽوبرمحمد بن قاسممحمدمير عبدالحسينٻوليصحت15 فيبروريسمارٽ فون3 ڊسمبرعمر مارويايڇ. ٽي. لئمبرڪ26 سيپٽمبرجريبسخن سچار (ڪتاب)آڪسيجنايشيارومي سلطنتسارس ڪووي 2ڏکڻ آمريڪاپورهيتن جو عالمي ڏهاڙولقب1638عگرين هائوسويب صفحوٿيلسامام ڳڙھ جو قلعوڪشنچندمتان نہ مڃينعبدالسلام ٿهيم (اديب)ککرشاهه عنايت شهيدبئنڪ🡆 More