هومر

ھومر(انگريزي: Homer )، جنھن کي يوناني ٻوليءَ ۾ ھومروس سڏين ٿا، 800 ق م ۾ پيدا ٿيو ۽ 701 ق م ۾ وفات ڪيائين.

ان لاء خيال آهي ته اھو ٻن مشھور رزميه داستانن ايليڊ ۽ اوڊيسي جو ليکڪ ھيو جيڪي قديم يوناني ادب جو بنياد سمجھيا ويندا آھن. ايليڊ ۾ ٽراء واري جنگ دوران يوناني بادشاھن جي گڏيل فوج طرفان ٽراء واري قلعي جي ڏھ سالا محاصري جي ڪھاڻي بيان ڪيل آهي. اوڊيسي واري داستان ۾ ٽراء جي شڪست بعد اٿاڪا جي بادشاھ اوڊيسيس جي ڏھ سالن جي سفر جو ذڪر آھي. آھي ٻئي داستان قديم يوناني ادب جا شاھڪار سمجھيا ويندا آهن. ھومر جي زندگي جا کوڙ تفصيل ڪلاسيڪي دؤر ۾ موجود ھيا جن مان سڀ کان وڌيڪَ مشھور ڳالھ اھا ھئي تہ اھو موجوده ترڪي جي علائقي اناطوليه جي وچ واري ساحلي خطي جي علائقي آيونيا سان تعلق رکندڙ انڌو قصاخوان سگھڙ ھيو. موجوده دور جي عالمن انھن ٻنھي داستانن کي افسانن ۾ شمار ڪيو آھي.

هومر
ھومر جو مجسمو


هومر
ھومر ۽ ان جو رھبر نالي سان 1874ع ۾ تيار ڪيل وليم ايڊولف بئوگرو جي پينٽنگ

قديم يونان جو مشهور شاعر هومر جا لڳ ڀڳ 850 قبل مسيح ۾ زندهه هجڻ جا نشان ملن ٿا. ڪجهه اهل علم ان تاريخ کي 1200 ق م تائين ڊگهو ڪري وٺندا آهن. جرمني جي مشهور عالم فريڊريش آگسٽ وولف 1795ع ۾ هي خيال ظاهر ڪيو ته اليئڊ ۽ اوڊيسي جي مختلف حصن کي ڪيترن ئي ڳائڻ وارن شاعرن تصنيف ڪيو آهي. بعد ۾ انهن کي ايڊيٽر سهڙي ڪري ڪتابي صورت ڏني. هن جي لکيل نظمن کي جيڪي هيڏي هوڏي پکڙيل هئا، انهن کي سڀ کان پهريان اربستا ڪورس گڏ ڪيو. جيڪو ساموٿريس جو رهاڪو هو ۽ اسڪندريه ڪتب خاني جو نگران هو. 150 ق م ۾ ٻه ايڊيشن شايع ڪيائون هن جي ڪلام جو سڀني مهذب ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.

ھومري سوال

ڇا اوائلي رزميه شاهڪارن ايليڊ ۽ اوڊيسي جو جوڙيندڙ ڪو هڪ فرد هو يا هڪ کان وڌيڪ؟ هومري سوال (Homeric Question) سڏجندڙ انهيءَ مسئلي ڪلاسيڪي ادب جي عالمن کي صدين کان مونجھاري ۾ رکيو آهي. جديد راءِ غالب طور انهي ڳالهه جي حق ۾ آهي ته يسوع مسيح کان اٺين يا نائين صدي قبل ۾ يوناني زبان ڳالهائيندڙ دنيا ۾ ڀٽن ۽ ڀانن جي گروه ۾ هومر نالي هڪ نمايان شاعر واقعي موجود هو. هو هڪ اهرو ڏات ڌڻي هو جنهن انهي آڳاٽي دور ۾ دستياب بيشمار گيتن جي مواد کي چونڊي، سوڌي سنواري هڪ سڳي ۾ پوئي ايليڊ ۽ اوڊيسي کي انهن جي موجوده شڪل ۾ پيش ڪيو.

حوالا

Tags:

اناطوليهانگريزيايليڊترڪي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

1991عروشني جا ڪرشماجيڪب آبادسوارا ڀاسڪرحورسنظمادبترڪي ٻوليآمري جو دڙوڪراڙدنگيء درختداميلي ٻوليلاکو ڦلاڻيفنون لطيفہگوگلشاعريحسابي سراسريالف ليليٰمشاھدوچانهون جو دڙوٺلهه ڳوٺ ڪنگراڻيمدينوصابڻيوڪيريئوٽاجرنل (رسالو)ماءُ جو ڏھاڙوشاھ جا سرتلھارڏيوالواسڪولشڪاگوانگريزي ٻوليگني بسائوڪارونجھر جبل جو سلسلو1908ع2009عمُک صفحوٻين مھاڀاري جنگکپروجمھوريا آئرلينڊهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجسيد ثابت علي شاھفاطمه زهراتوحيد1917عسائو ٽوم ۽ پرنسپيکيرائين واٽ ڪهڪشانوڪي لغتملڪماليسوُسن گل1989عسيمرغجمي ويلزڪوروناوائرس روڳ 2019ناظم آباد ضلعو (مرڪزي ڪراچي)ڌرتيدُنياهجري ڪئلينڊرنورايٿوپيابجليسماجي اڀياساترادي لهجوآتم ڪهاڻيماتا (بيماري)ڪمپيوٽر مائوسجنگضمير (گرامر)حواوڪيپيڊيا🡆 More