جمي ويلز: وڪيپيڊيا جو شريڪ-باني

جمي ڊونل ويلز: جمي ويلز:Jimmy Wales:جمبو: 7 آگسٽ 1966 ۾ پيدا ٿيو.

آمريڪا سان تعلق رکندڙ ھي شخصيت انٽرنيٽ جو سرمائيدار آھي ھي مفت انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا جي بانين مان ھڪ آھي جيڪا ھن جي شھرت جو سبب آھي. ھي الاباما رياست جي شھر ھنٽسول (Huntsville) ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم اتان جي رينڊولف اسڪول مان حاصل ڪيائين اسڪول کان پوءِ ھن ٻن يونيورسٽين مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرز ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ فنانس جي شعبي ۾ نوڪري حاصل ڪيائين. ھي شڪاگو جي ھڪ فرم ۾ ريسرچ ڊائريڪٽر پڻ رھيو. 1996 ۾ ھن ٻن ڀائيوارن سان گڏجي بالغن لاء ويب پورٽل بومس(Bomis) جو بنياد وڌو جنھن ۾ وندر ۽ اگھاڙا ڦوٽو ڏنل ھيا.2000 ۾ ان ڪمپني جي چندي سان ھڪ مفت انسائيڪلوپيڊيا شروع ڪئي جنھن جو نالو نيوپيڊيا ھيو جيڪا اڳتي ھلي 15 جنوري 2001 ۾ وڪيپيڊيا جي نالي سان مشھور ٿي. وڪيپيڊيا ھن جي ۽ لئري سئنگر ۽ ٻين جي ڪوششن سان جاري ٿي.

جمي ويلز
Jimmy Wales
جمي ويلز: وڪيپيڊيا جو شريڪ-باني
ويلز 2016 واري وڪيمينيا ڪانفرنس۾
پيدائش جمي ڊونل ويلز
آگسٽ 1966 (عمر 57 سال)
ھنٽسول-الاباما، يو ايس اي .
رھائش لنڊن، انگلينڊ، برطانيا
ٻيا نالا جمبو (آن لائين مونيڪر)
تعليم
  • ابرن (Auburn) يونيورسٽي (بيچلر آف سائنس)
  • يونيورسٽي آف الاباما، ٽسڪالوسا(ماسٽر آف سائنس)
  • انڊيانا يونيورسٽي، بلومنگٽن
پيشو انٽرنيٽ سرمائيدار
اڳوڻو واپاري
آمدني US$1 million
لقب
  • وڪيا انڪارپوريشن جو صدر ، 2004 کان وٺي
  • وڪيميڊيا فائونڊيشن جو چيئرمين، 2003 کان وٺي2006 تائين
جانشين فلورنس ڊيووئرڊ (وڪيپيڊيا فائونڊيشن جي چيئر جو)
بورڊ ميمبر
  • وڪيميڊيا فائونڊيشن
  • ڪريئيٽو ڪامنز
  • سن لائيٽ فائونڊيشن(ايڊوائيزري بورڊ)
  • MIT سينٽر فار ڪليڪٽو انٽيليجنس(ايڊوائيزري بورڊ)
  • گارجين ميڊيا گروپ (اپريل 2017 تائين)
جيون ساٿي
  • پاميلا گرين (1986–1993)
  • ڪرسٽين روھن(1997–2011)
  • ڪيٽ گاروي (2012– ھاڻي تائين)
ٻار ٻچا 3 ڌيئرون
اعزاز ھيٺين ويبسائٽ ڏسو
ويب سائيٽ
ذاتي ويبسائيٽ

حوالا

Tags:

آمريڪا جون گڏيل رياستونشڪاگو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

خاصخيليسکرڀالوکيرائين واٽ ڪهڪشانمحمد علي جناحجرمن ٻوليپاڪستان جو ٺھراءُڪشش ثقل1967عانگريزيتھذيبتجريدي نظمجيوڻي ٻائيمومل جي ماڙيقطعوبھارسنن ابي داؤدالجزائرجاپانارشميدسائٽم بم816ععبدالسلام ٿهيم (اديب)1915عڇپائڻمڪلي19 جُولاءِ1978عروزاني عوامي آوازپيرسادبولاديمير پيوٽنيونانججپاڪستان جو جهنڊوسماجي اڀياسمجاز مرسلپروسٽيٽ ڪينسرشاھ عبداللطيف ڀٽائي جو عرسڪلياڻفائيورجريبانٽرنيٽفھرست سنڌ جون ذاتيونگڏيل قومن جو عالمي اداروموتيو (بائيولاجي)بيهڪ جون نشانيونائٽمسگريٽ نوشيواڻڪي لپيفحش فلمشڪلڪينسرضمير خالصسنڌي ادبزيبرااستعاروگواتيمالا🡆 More