ڪيسپئن سمنڊ

ڪيسپئن سمنڊ يا ڪيسپئن ڍنڊ(انگريزي: Caspian Sea )، (عربي: بحر قزوين )، (فارسي: درياء خضر ) دنيا جو سڀ کان وڏو مڪمل خشڪي سان گھيريل سمنڊ يا پاڻي جو ذخيرو جنھن جو شمار ڍنڍ ۾ پڻ ٿئي ٿو ۽ ان شمار ۾ اھو دنيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ پڻ آهي.

ھي سمنڊ يورپ ۽ ايشيا جي سرحد تي واقع آهي. ڪوھ قاف جبلن جي اوڀر ۾ ، وچ ايشيا جي چراگاھن واري ميدان جي اولھ ۾ ، روس جي ڏکڻ ۾ ۽ ايران جي اتر ۾ واقع آهي. ان جي پکيڙ 371٬000 km2 (143٬000 sq mi) آهي. ھن سمنڊ جي لوڻياٺ 1.2 سيڪڙو (في ليٽر 12 گرام) آھي. ان جو ڪنارو وچ اولھ کان وچ اوڀر تائين قزاقستان سان، وچ اتر کان وچ اولھ تائين روس سان، ڏکڻ-اولھ ۾ آذربائيجان سان، ڏکڻ ۾ ايران سان ۽ اوڀر جي ڪڻاري جو ڏاکڻو پاسو ترڪمانستان سان ملي ٿو. سمنڊ اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگھ ۾ 1٬200 ڪلوميٽر (750 mi) ۽ ويڪر ۾ 320 km (200 mi) ڦھليل آھي. ان جي زمين مٿان پاڻي جي جملي پکيڙ 386٬400 km2 (149٬200 sq mi) آهي. ان جي پاڻي سطح کان زمين 27 m (89 ft) ھيٺ آھي. سمنڊ ۾ تازي پاڻي جو سڀ کان وڏو داخلي وھڪرو يورپ جي سڀ کان ڊگھي ندي وولگا جو آھي جيڪا ان جي اتر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سمنڊ جي ڏاکڻي حصي ۾ ترو سمنڊ جي سطح کان 1٬023 m (3٬356 ft) تائين اونھو آهي.

ڪيسپئن سمنڊ
ڪيسپئن سمنڊ
ڪيسپئن سمنڊ جو مصنوعي سياري مان نڪتل ڦوٽو
مقام اوڀر يورپ، وچ ايشيا ۽ اولھ ايشيا
پاڻي جو قسم قدرتي، مستقل کاري پاڻي ۽ بند طاس واري ھڪ قديم ڍنڍ
اھم داخلي وھڪرا وولگا ندي, يورال ندي, ڪور ندي, تيرڪ ندي
اھم خارجي وھڪرا ٻاڦ وارو عمل, قرہ بغاز ڪول
ڪيچمينٽ 3٬626٬000 km2 (1٬400٬000 sq mi)
سامونڊي طاس
وڌ کان وڌ ڊيگھ 1٬030 km (640 mi)
وڌ کان وڌ ويڪر 435 km (270 mi)
سطحي پکيڙ 371٬000 km2 (143٬200 sq mi)
سراسري اونھائي 211 m (690 ft)
وڌ کان وڌ اونھائي 1٬025 m (3٬360 ft)
پاڻي جو حجم 78٬200 km3 (18٬800 cu mi)
رھائش  وقت 250 سال
ڪناري جي ڊيگھ 1 7٬000 km (4٬300 mi)
سطح جي بلندي −28 m (−92 ft)
ٻيٽ 26+
آباديون باڪو (آذربائيجان), نئوشھر رشت (ايران), اڪتائو (قزاقستان), مخاچ قلعه (روس), ترڪمنباشي (ترڪمانستان)
حوالا
1 Shore length is not a well-defined measure.

نالي جي معنيَ

ڪيسپئن لفظ غالب گمان مطابق ڏکڻ قفقاز يا ڏکڻ ڪوھ قاف جي ڪيسپي نالي رھاڪن جي نالي مان نڪتل آهي جيڪي ڪيسپئن سمنڊ جي ڏکڻ اولھ ۾ رھنندا ھيا ان قبيلي جا ماڻھو ھاڻي ان علائقي ۾ ڪانہ آھن عربن ھن سمنڊ کي بحر قزوين سڏيو فارسي ۽ آذربائيجاني ٻولين ۾ ان کي درياء خضر يا درياء خزر سڏين ٿا. انھن ٻولين ۾ درياء جي معنيَ سمنڊ آھي. ترڪ ٻولي ۾ ان کي حضر سڏين ٿا

حوالا

Tags:

انگريزيعربي ٻوليفارسي ٻولي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

نيو ميڪسيڪومحمدجوڪو ودودوسائنوبئڪٽيرياايڪڙقافيوافلاطونرومن غلامداري2009عناروي1938عڪانگڻيڪمپيوٽر سائنسسيما عباسيايٽلانٽڪ سمنڊسنڌي ٽوپيپيرسٽرانزسٽرهيٺيون چترال ضلعوارتقاڪيِري اَنڊَروُڊعيدي امينوڪيپيڊيابجلي گھرابوجھلآسٽريليا (کنڊ)شمس الدين التمشاکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀاحجايمنسٽي انٽرنيشنلجرمنيلينسڊائون پل (پاڪستان)ڪولڪتاجاگرافيالسيگارگي واچڪنويضلعو هيٺيون چترال1525عآرڪيئاڏياريڪولئي۔پالس ضلعوميڪسيڪوپاڪستان جو ٺھراءُاشتراڪيتوڪي مينياڪاري ڊاکشِوجاگرافيائي بيھڪ نظامسنڌو ماٿريءَ جي تھذيبملڪا پکراجگوگلتاثريتحرف جملوڄام تماچيلاکين جو دڙوچانورچنڊ گرهڻمارگريٽ ٿيچر1732عگڊ فرائيڊيقطرڪوروناوائرس روڳ 2019ربابکدڙاميمڻ ڪالوني، ڪراچيجلال چانڊيو🡆 More