ازبڪستان: وچ ايشيا ۾ ملڪ

ازبڪستان (Uzbekistan) سمرقند ۽ بخارا جا تاريخي شھر هن وقت ازبڪستان رياست (ريپبلڪ) ۾ شامل آهن، جيڪا 1991ع ۾ سوويت يونين (USSR) جي خاتمي بعد هڪ آزاد جمھوري ۽ خودمختيار رياست طور قائم ٿي آهي ۽ اسلامي تشخص سان سڃاپجڻ لڳي آهي.

ازبڪستان جي ڪل پکيڙ 700، 172 چورس ميل (يعني 400، 7، 44 چورس ڪلوميٽر) آهي ۽ آدمشماري ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي آهي. هاڻي ازبڪستان وارا پنهنجي ماضيءَ کي جاڳائي رهيا آهن ۽ پنهنجين وڏين ناميارين شخصيتن جون ورسيون ملهائي رهيا آهن. آڪٽوبر 1998ع حضرت امام بخاري رحه ۽ مشهور رياضي دان احمد فرغانيءَ جي ياد ۾ بين الاقوامي ڪانفرنسون سڏايون ويون، جيڪي مرڪزي ازبڪستان سائنسي اڪيڊمي تاشقند طرفان منعقد ٿيون، جن ۾ سنڌ مان مشھور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سڏايو ويو. هن ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر صاحب هڪ تاريخي مقالو پڙهيو هو.

ازبڪستان جي ريپبلڪ

Oʻzbekiston Respublikasi  (ٻولي؟)
Flag of ازبڪستان
{{{coat_alt}}}
جھنڊو ازبڪستان جو رياستي نشان
ترانو: "Oʻzbekiston Respublikasining Davlat Madhiyasi"
(انگريزي ٻولي: "ازبڪستان جو قومي ترانو")
مڪانيت  ازبڪستان  (سائو)
مڪانيت  ازبڪستان  (سائو)
گادي جو هنڌ تاشقند
41°19′N 69°16′E / 41.317°N 69.267°E / 41.317; 69.267
سڀ کان وڏو شهر تاشقند
دفتري ٻوليون ازبڪ
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون ڪاراڪلپاڪ (ڪاراڪلپاڪستان ۾ )
بين النسلي ٻولي روسي
نسلي گروھ (2017)
  • 83.8% ازبڪ
  • 4.8% تاجڪ
  • 2.5% قزاق
  • 2.3% روسي
  • 2.2% ڪاراڪلپاڪ
  • 1.5% تاتار
  • 4.5% ٻيا
مذهب
مقامي آبادي ازبڪ
حڪومت وحداني،صدارتي، جابريت واري، آئيني ريپبلڪ جابريت واري رياست
• صدر
شوڪت مرزيوئيوو
• وزيراعظم
عبدالله آريپووو
• ازبڪستان جي سينيٽ جو چيئرمين
تنزيلا نوربائيوا
مقننه سپريم اسيمبلي
سينيٽ
ليجسليٽو چيمبر
قيام
• بخارا جي امارت جي شروعات
1785
• بخارا جي عوامي سوويت ريپبلڪ جو قيام
30 اپريل 1920
• ازبڪ سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو قيام
27 آڪٽوبر 1924
• سوويت يونين کان آزادي جو اعلان
31 آگسٽ 1991
• باقاعده تسليم ڪيو ويو
26 ڊسمبر 1991
• گڏيل قومن ۾ شموليت
2 مارچ 1992
• موجوده آئين
8 ڊسمبر 1992
پکيڙ
• جملي
448٬978 km2 (173٬351 sq mi) (56th)
• پاڻي (%)
4.9
آبادي
• 2019 اندازو
32,768,725 (41st)
•  گھاٽائي
74.1 /km2 (191.9 /sq mi) (132nd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$238.997 billion (62)
• في سيڪڙو
$7,350 (125th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$40.259 billion (69th)

ازبڪستان، پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي. افغانستان سان لاڳو آهي. پاڪستان مان جيڪا شاهراھ گلگت کان اڳتي وڃي ٿي. سا آخر ۾ ساڄي هٿ تي مُڙي، چين ۾ داخل ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن اتان کاٻي واٽ تي هلجي تہ ٿوري فاصلي کان پوءِ ازبڪستان اچي ويندو. ازبڪستان جي گاديءَ جو شهر تاشقند آهي، پر هن ملڪ جا مشھور تاريخي شھر چار آهن: (1) سمرقند، (2) شهر سبز، (3) بخارا ۽ (4) خيوا. انھن شهرن جي ڏسڻ کان سواءِ ازبڪستان جي تاريخي عظمت جي صحيح ڄاڻ حاصل نه ٿيندي. شھر ماضيءَ ۾ وڏن عالمن، عارفن، مشھور مدرسن، مسجدن ۽ وڏن بادشاهن جي آخري آرامگاهن مرڪز رهيا آهن. سمرقند ۾ وڏي فاتح امير تيمور جو مقبرو آهي، جيڪو عمارت سازيءَ جي اعتبار کان بي مثال يادگار آهي. امير تيمور جو پوٽو الغ بيگ، وڏو بادشاھ ٿي گذريو آهي. هيءُ وڏو عالم ۽ سائنسدان پڻ هو، جنھن تجربن لاءِ سمرقند ۾ وڏي رسدگاھ ٺھرائي، جيڪا اڄ بہ موجود آهي. ان کان سواءِ اسلام جي عملي خدمت ۽ عظمت جا ڪيئي روشن ستارا، هنن شھرن جي آس پاس آرامي آهن. امام بخاري رحه سمرقند کان ڏھ ٻارنھن ميل ٻاهر پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آرامي آهي، جتي موجوده حڪومت سندس روضو وڏن دروازن واري ايوان ۾ تعمير ڪيو آهي. نقشبندي سلسلي جو باني حضرت بھاءُ الدين نقشبند، بخارا جي شھر کان اتر طرف ڇھن ميلن جي مفاصلي تي آرامي آهي، جتي هڪ وڏي وسيع خانقاھ، مدرسو، وڏي شاهي جامع مسجد ۽ ٻاهران سادي تربت سندس عظمت جا يادگار آهن. شھر سمرقند ۾ سندس مريد مشھور ولي خواجه عبيدالله احراءِ مدفون آهي. ”فعانہ“ کان هڪ سؤ ڪلوميٽر پري ”اندجان“ جي وادي، بابر بادشاهه جو وطن آهي، جتي ”باغ بابر“ اڃا تائين موجود آهي.

ڊاڪٽربلوچ صاحب ازبڪستان جي سفر ۾ هيٺيون دلچسپ احوال قلمبند ڪيو آهي: ”مون کي حياتيءَ ۾ پھرون ڀيرو ازبڪستان وڃڻ جو موقعو مليو ۽ ڪانفرنس وقت، تاشقند، سمرقند ۽ فرغانہ جا شھر بہ ڏٺم. ان بعد مون پنھنجي ذاتي انتظام ۽ اهتمام سان سمرقند (ٻيھر)، سبز شھر، شھر ڪتاب، شھر ڪرشي، بخارا، اورگنج ۽ خيوا جا شھر ڏٺا. جتان اڀرندي اتر طرفان هليس ۽ سڄي ملڪ مان سفر ڪري الھندي ڇيڙي تي خيوا ۾ پهتس. تاشقند وڏي ۾ وڏو ماڊرن شھر آهي، جنھن جھڙو صاف، ڪشادو ۽ وڏين شاهي عمارتن وارو شهر، پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪونھي، البت اسلام آباد وڌيڪ بھتر پلاننگ سان تاشقند سان ڪلھو هڻي سگهي ٿو. ازبڪستان ۾ جبلن جون وڏيون قطارون آهن، جن مان سون نڪري ٿو. جتان ڪجهہ سال اڳ نوي ملين ڊالرن جو سون ڪڍيو ويو ۽ وڪيو ويو. پئٽرول ۽ گئس جا بي انداز وڏا ذخيرا آهن. زراعت ۾ وڏي ۾ وڏو فصل ”پنبہ“ (ڪپھ) جو آهي. تاشقند کان وٺي خيوا تائين (سواءِ ريگستاني علائقن جي) وونئڻ نظر آيا. اڃا ڪن ڀاڱن ۾ ڦُٽيون هيون ۽ ماڻھن پئي چونڊيون. بخارا کان خوارزم صوبي تائين ٿر مثل ڳاڙهاڻ مائل واريءَ وارو وڏو ريگستان آهي، جنھن کي ”قلز ڪم“ (ڳاڙهي واري) ريگستان سڏجي ٿو. ان ۾ گئس جا وڏا ذخيرا آهن. خوارزم جي (اتر اوڀر) ٻئي طرف ڪاراڻ مائل واري آهي ۽ ان کي ’ڪار ڪم‘ (ڪاري واري) ريگستان چون. سڀ ميوا (انگور، صوف، آڙو، زردالو، ڏاڙهون وغيره) ٿين. وڏو ڪارو ڪانءُ عام آهي. اسان واري ڪٻر بہ آهي، جنھن کي ”پاڪستاني مينا“ چون. سندن خيال ۾ ڪٻرون پاڪستان مان ٿيون اچن. باغن ۽ وڻن ۾، ٻاهر توڙي شھرن ۾ شڪڪا پکيءَ جو راڄ آهي. هيءُ پکي ڪانءُ کان وڏو ۽ ڪجهہ ڊگهي پڇ سان آهي ۽ پٺيءَ تي ڪارن اڇن کنڀن جا پٽا اٿس. مون اهو پکي پھريائين ڪوئيٽا جي باغن ۾ ويٺل ڏٺو ۽ بلوچيءَ ۾ ان کي ”شڪڪ“ چون. سڀ کان وڌيڪ تہ ازبڪستان عقابن، بازن ۽ شڪرن جو ملڪ آهي ۽ اسان وٽ سنڌ ۾ اهي اتان ٿا اچن. سمرقند ۾ مانيءَ جي هوٽل تي ڪبابن وارن جي آڏو بہ اهڙا پکي ويٺا هئا. هڪ کي ٽنگ ۾ ڏور ٻڌل هئي، باقي ٻيو آزاد هو ۽ پئي گهميو. هتي قسمين قسمين ماکي ٿئي ٿي ۽ گهڻو ڪري سڀ جبلن مان اچي ٿي. امام بخاري جي يادگار تي اسان کي جيڪا دعوت کارايائون، ان ۾ ماکي بہ پيالن ۾ رکيائون. اها سفيد ماکي هئي. کائڻ سان ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ان ۾ داڻ داڻ هئي، پر وڏي ڳالھ تہ ان ۾ عطر واري سرهاڻ هئي. بازار ۾ جتي ڪٿي ماکيءَ جا دڪان هئا، پر اهڙي خوشبودار اڇي ماکي ڪٿي بہ ملي نہ سگهي“. هن ملڪ سان پاڪستان جو هڪ تعلق اهو بہ آهي تہ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ 1965ع واري جنگ جي خاتمي لاءِ مشھور ”تاشقند ٺاھ“ بہ ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ ٿيو هو.“

حوالا

Tags:

بخارانبي بخش خان بلوچ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سني اسلام1918عسوئيٽزرلينڊشبيران چنابندچمڙوکيرائين واٽ ڪهڪشانشيرازقصبوڪبيرحرف جرڊيرا اسماعيل خان ضلعوپاڪستان جو ٺھراءُ3 جنوريوڪيپيڊياقبرستانملڪفلسطينپٺاڻويٽيڪن سٽي343عشهري علائقوآسٽريلياوقت پٽوآسٽريائي سلطنتآلو بخاروماحولياتي تحفظ ۾ مقام1399عجاپانلقبسائنسي طرز فڪر1997عبيتچي گويراملفوظاتبرتري12 فيبروريعبدالواحد آريسر1590عاپٽيل بلورايسوسيئيشن آف چارٽرڊ سرٽيفائيڊ اڪائونٽنٽسسکرقانون ساز اداروجاگرافيعالمي معياري ڪتاب نمبرفوٽوگرافيانسائيڪلوپيڊياسنڌي ادبتيشخعراقالبانيا1کنڊُ1998عولي عهد سعودي عربخواجا محمد آصفبرمودا ٽڪنڊوجابر بن اسعث طائيچلاسبارسلونانارويبماڪوجمال ابڙواڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيشيخ اياز🡆 More