اتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيم

نارٿ ايٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن:(انگريزي: North Atlantic Treaty Organization); ناٽو (انگريزي: NATO) اتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيم : هڪ بين السرڪاري تنظيم جو وجود سرد جنگ جو نتيجو هو.

يورپ ۾ سوويت اثر کي ختم ڪرڻ ۽ آمريڪي مفادن کي بچائڻ لاءِ سُست سمنڊ (بحرالڪاهل ) جي اتر جي ملڪن هڪ ٺاھ تي صحيون ڪيون، جنهن کي نيٽو چيو وڃي ٿو. ان ٺاھ تي 4 اپريل 1949ع ۾ واشنگٽن ڊي-سي ۾ صحيون ڪيون ويون. شروع ۾ هي ٺاھ بيلجيم، ڪئناڊا، ڊينمارڪ، فرانس، آئس لينڊ، اٽلي، لڪسمبرگ، هالئنڊ، ناروي، پورچوگال، برطانيا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيو هو. ترڪي ۽ يونان 1952ع ۾، جرمني 1955ع ۾ ۽ اسپين 1982ع ۾ هن ٺاھ ۾ شموليت اختيار ڪئي. اهو هڪ قسم جو دفاعي ٺاهه آهي، جنهن ۾ هر ميمبر ملڪ کي سلامتيءَ جي ضمانت ڏيندي چيو ويندو آهي، ته ڪنهن به رڪن ملڪ خلاف اڳرائيءَ جي صورت ۾ باقي رڪن ملڪ گڏجي ان جي حفاظت ڪندا. نيٽو جي سيڪريٽري ’لارڊ اسمي‘ نيٽو تنظيم بابت دلچسپ تذڪرو ڪندي چيو هو ته: هن اتحاد جو مقصد سوويت يونين کي دُنيا جي اهم هنڌن تان ٻاهر ڪڍي، آمريڪي دخل کي وڌائڻ ۽ جرمنيءَ کي دٻاءَ هيٺ رکڻ هو. جيتوڻيڪ ”جرمن ڀت“ جي ڪِرڻ کان پوءِ هن اتحاد پنهنجو پُراڻو رنگ مٽائي اوڀر يورپ جي ڪيترن پراڻن ويرين سان نه رڳو سنگت رکي، پرکين نيٽو جو ميمبر به بڻايو. هاڻوڪي دور ۾ عراق ۽ افغان مسئلن جي ڪري نيٽو جو ڪردار نئين سر طئي ٿيو آهي ۽ آمريڪي سرواڻي ۾ اهو اولھ جي قومن جو سياسي، فوجي توڻي معاشي طرح ”سرواڻ اتحاد“ بنجي چڪو آهي. پنهنجي قيام کان پوءِ، نيٽو پنهنجي ميمبرن جي انگَ ۾ 7 ڀيرا واڌارو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ البانيا، بلغاريا، ڪروشيا، چيڪ ريپبلڪ، اسٽونيا، سلاويڪيا، ترڪي، اسپين، ليٽويا، لٿوئانيا، پولنڊ ۽ رومانيا سندس ميمبر بڻيا. ان تنظيم جو مرڪز بيليجم جي شهر ’برسلز‘ ۾ آهي.

نارٿ اينٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن
Organisation du traité de l'Atlantique nord
اتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيم
Flag
اتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيم
ناٽو جا رڪن ملڪ
مختصر NATO, OTAN
چونڊيل چوڻي Animus in consulendo liber
تشڪيل 4 اپريل 1949 (1949-04-04)
نوعيت فوجي اتحاد
صدر دفتر برسلز, بيلجيم
رڪنيت
سرڪاري ٻولي
سيڪريٽري جنرل
جينز اسٽولٽين برگ
چيئرمين
ايئر چيف مارشل اسٽورٽ پي , رايل ايئرفورس
سپريم الائيڊ ڪمانڊر يورپ
جنرل ٽاڊ ڊي والٽرس، يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايئرفورس
سپريم الائيڊ ڪمانڊر
جنرل آندري لاناٽا , فرينچ ايئر فورس
ويب سائٽ NATO.int

حوالا

Tags:

اسٽونيااسپينالبانياانگريزيبرطانيابلغاريهبيلجيمترڪيرومانيہسوويت يونينعراقنيٽويورپپولينڊچيڪ ريپبلڪڪروشيا

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ڪارونجھر جبل جو سلسلوسر پوربانٽارڪٽيڪاخديجة الڪبري رضہڪمپيوٽرايشيانائيجروڪي اسپيسيزتاريخ1 آگسٽڏکڻ ڪورياڪرشنثميره زرين701عويٽنامجرنل (رسالو)آفريڪا جا ملڪ1920عپيرسسنڌي ٻولي جو با اختيار ادارورومي سلطنتٽنڊو الهيار ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعوفحش فلموتايو فقيرلفظسورٺ راءِ ڏياچفينڪس، ايريزوناٻولي1638ع1941عڪپ ڪچورڪمبوڊياترڪيبعبدالواحد آريسرسکپاڪستانرياستروشنينبي بخش بلوچاحسان علي شاھ (شاعر)بجليءَ جو ڪرنٽ1978ع22 فيبروريائينيمري شملسيد جلال محمود شاههآءِ پي ايڊريسيهوديتسھراب فقيررسالومقدموارتقاشڪلگوگلوبائي زڪامولاديمير پيوٽنڳاههپاڻيعجب جي نشاني🡆 More