اٽلي: ڏکڻ اولھ يورپ جو هڪ ملڪ

اٽلي (Italy ) جو سرڪاري نالو ريپبلڪ اطاليه (Republic of Italy) آهي، جنهن جو پراڻو نالو آسونيا ۽ اطاليه هو.

قديم رياست اطاليه سبب کيس اٽليءَ جو نالو ڏنو ويو. هي ڏکڻ اولهه يورپ جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ سوئزرلينڊ ۽ آسٽريا، اوڀر ۾ سلووينيا، سان مينو ۽ ايڊرياٽڪ سمنڊ، ڏکڻ اولهه ۾ تائرهنيان سمنڊ، اولهه ۾ موناڪو ۽ فرانس آهن. اٽلي رومي سمنڊ ۽ ايڊرياٽڪ سمنڊ وچ ۾ ٻيڙيءَ جي شڪل جو هڪ ٻيٽ نما ملڪ آهي. جنهن جي ڪل پکيڙ 301255 چورس ڪلوميٽر (116314 چورس ميل) ۽ آبادي 6 ڪروڙ آهي. گاديءَ جو هنڌ روم (Rome) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مونٽ بلانڪ (بلندي 4807 ميٽر) آهي، هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي اطالوي/ اٽالين آهي، جڏهن ته هتي جرمن ۽ فرينچ پڻ ڳالهائجن ٿيون. هن ملڪ جي موسم وچولي آهي، ڏاکڻيان علائقا گرم، جڏهن ته اتريان علائقا سرد آهن. هتي سالياني برسات سراسري 725 ملي ميٽر پوندي آهي. اٽليءَ جي مکيه زرعي پيداوار ۾ انگور، زيتون، کٽو ميوو، ڪڻڪ، چانور، ڀاڄيون، پٽاٽا، جؤ ۽ تماڪ شامل آهن. مکيه صنتعن ۾ لوهه، مشينري، موٽر گاڏيون، ٽيڪسٽائل مشينري، بوٽ، انجينئرنگ جو سامان، ڪيميائي شيون، اليڪٽرانڪ، سيمينٽ، ڪپڙو ۽ زيتون جو تيل اچي وڃن ٿا ۽ مکيه معدنيات ۾ پارو، پوٽاش، گئس، سنگِ مرمر، تيزاب، ڪوئلو، پيٽروليم، سلفر ۽ باڪسائيٽ شامل آهي.

اٽالين ريپبلڪ

Repubblica Italiana  (ٻولي؟)
Flag of Italy
{{{coat_alt}}}
جھنڊو Emblem
ترانو: Il Canto degli Italiani  (ٻولي؟)
"The Song of the Italians"
تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل اٽليءَ جو نقشو . ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل يورپي يونين
تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل اٽليءَ جو نقشو . ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل يورپي يونين
گادي جو هنڌ روم
41°54′N 12°29′E / 41.900°N 12.483°E / 41.900; 12.483
سڀ کان وڏو شهر روم
دفتري ٻوليون اٽالين
مذهب
  • 83.3% Christians
  • 12.4% irreligious
  • 3.7% Muslims
  • 0.2% Buddhists
  • 0.1% Hindus
  • 0.3% other religions
مقامي آبادي اٽالين
حڪومت يونيٽري پارليامينٽري ريپبلڪal
آئيني ريپبلڪ
• صدر
سرجيو مئٽاريلا
• وزيراعظم
پائلو جينٽلوني
• سينيٽ جو صدر
ماريا اليزبيٽا البرٽي ڪئسيلاٽي
• چيمبر آف ڊپٽيز جو صدر
رابرٽو فيڪو
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
چيمبر آف ڊپٽيز
اٽليء جي قيام جي تاريخ
• اٽليء جو انضمام
17 March 1861
• اٽليء جي آئيني ريپبلڪ لاء ريفرينڊم
2 June 1946
• يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي جو بنياد
جيڪا پوءِ يورپي يونين بڻي
1 January 1958
پکيڙ
• جملي
301٬338 km2 (116٬347 sq mi) (71st)
• پاڻي (%)
2.4
آبادي
• 2016 اندازو
60,589,445 اٽلي: ڏکڻ اولھ يورپ جو هڪ ملڪ (23rd)
•  گھاٽائي
201.3 /km2 (521.4 /sq mi) (63rd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.233 trillion (12th)
• في سيڪڙو
$36,823 (32nd)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
2.050 trillion (9th)
اٽلي: ڏکڻ اولھ يورپ جو هڪ ملڪ
اٽلي جو نقشو

تاريخ

The Colosseum in Rome, built c. 70 – 80 AD, is considered one of the greatest works of architecture and engineering of ancient history
The Roman Empire at its greatest extent, 117 AD

509 ق. م ۾ سلطنت روما قائم ٿي، جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ جي سورة روم ۾ آهي ۽ هزار سالن تائين رومي تهذيب هتي وڏي ترقي ڪئي، موجوده گاديءَ وارو شهر روم ان وسيع سلطنت جو به گاديءَ وارو هنڌ هو. موجوده يورپ جو لڳ ڀڳ سڄو علائقو ۽ ڏکڻ ۾ يونان هن جي هٿ هيٺ هئا. اٽليءَ تي مسلمانن جو پهريون حملو خلافت راشده جي دور ۾ 655ع ۾ ٿيو. 1212ھ/1797ع ۾ هتي مسلمانن جي حڪومت 484ھ/1091ع تائين قائم رهي. 1804ع ۾ نيپولين پاڻ کي اٽليءَ جو شهنشاهه قرار ڏنو. 1814ع تي يورپ جي وڏين طاقتن نيپولين کي شڪست ڏني. پهرين عالمي -جنگ- دوران 21 آگسٽ 1915ع تي اٽليءَ ترڪيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. 1922ع ۾ مسولينسيءَ فاشسٽ پارٽي قائم ڪئي ۽ 31 آڪٽوبر 1922ع تي شاهه وڪٽر جي مرضيءَ سان وزيراعظم ٿيو. 28 اپريل 1945ع تي مسولينيءَ کي ساٿين قتل ڪري ڇڏيو. 19 اپريل 2000ع تي وزيراعظم آليما استعفيٰ ڏني. گيولوانو آماٽو وزيراعظم ٿيو. پهرين جنوري 2002ع تي اٽليءَ ۾ يورپي يونين جي گڏيل ڪرنسي يورو رائج ڪئي وئي. اٽليءَ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 2 جون 1946ع آهي، ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 14 ڊسمبر 1955ع کان اٿس.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

هجري ڪئلينڊرافغانستانصحتٻولين جي فهرست ڳالهائڻ جي حساب سانجاٽ (ذات)ايريزوناجلال الدين اڪبرپھرين مھاڀاري جنگپکيسکر بئراج25 اپريلروبوٽوڏو سمنڊگنانثميره زرينآزاد ڪشمير جي تعلقن جي فهرستعمران خانمرزا قليچ بيگشھنشاھي بارگاھ31 آگسٽپي پي-125 (جھنگ-1)آمريڪا جون گڏيل رياستونڄام ڪانڀو خانعرب1969عانٽرنيٽسنڌفرانسيسي ٻوليعالمگير ويبميندِيآڪسفورڊ يونيورسٽيجلال چانڊيوویب برائوزربئراجفھميده حسينتبريزسڊنياٽليجج1163عسنڌ جي تاريخبرڪینا فاسواديتي ڀاٽياجارجياٻيڙيگڏيل بادشاھت2010ع1947ع4 آڪٽوبرڪينيڊابرونڊيوحيعيسوي تقويم🡆 More