اردن

اردن ايشيا جو اسلامي ملڪ آهي، جيڪو وچ اوڀر ۾ واقع آهي.

اردن جي ھاشمي بادشاھت

المملكة الأردنية الهاشمية ([[عربي language|عربي]])
Al-Mamlakah Al-Urdunnīyah Al-Hāshimīyah
Flag of Jordan
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"God, Country, King"
الله، الوطن ، الملك"
"Allah, Al-Waṭan, Al-Malik"
ترانو: The Royal Anthem of Jordan
السلام الملكي الأردني
Al-Salam Al-Malaki Al-Urdunni

Location of Jordan
جو مقامJordan
گادي جو هنڌ عمان
سانچو:Coor
سڀ کان وڏو شهر عمان
دفتري ٻوليون عربي
نسلي گروھ
  • 98% عرب
  • 1% سرڪاسيائي
  • 1% آرمينيائي
مذهب
حڪومت يونيٽري پارليامينٽري
آئيني بادشاهت
• شاھي سربراھ جو نالو
عبداللہ ٻيون
• وزير اعظم
حاني الملڪي
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز
خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي مينڊيٽ کان ورتائين
• امارت يا بادشاھت
11 April 1921
25 May 1946
• اردني آئين
11 January 1952
پکيڙ
• جملي
89٬341 km2 (34٬495 sq mi) (110th)
• پاڻي (%)
0.6
آبادي
• 2017 اندازو
10,011,820 (90th)
• 2015 مردم شماري
9,531,712
•  گھاٽائي
107 /km2 (277.1 /sq mi) (100th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$86.193 billion (87th)
• في سيڪڙو
$11,124 (86th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$39.453 billion (92nd)

تعارف

هن ملڪ جو سرڪاري نالو ”اللمملڪة العربية الاردنية الهاشمية“ آهي. اردن جي اتر ۾ شام، اتر اوڀر ۾ عراق، اوڀر ڏکڻ ۾ سعودي عرب، اولهه ۾ اسرائيل جهڙا ملڪ آهن. اردن جي پکيڙ 37297 چورس ميل، يعني 97740 چورس ڪلوميٽر آهي. اردن جي انهيءَ ايراضيءَ ۾ اُهو حصو به شامل آهي، جيڪو 1947ع واريءَ جنگ دوران اسرائيل پنهنجي قبضي ۾ آندو هو. اردن جي 2007ع جي آدم ڳڻپ موجب اردن جي آبادي 5967000 ماڻهون آهن. اردن جي گاديءَ واري هنڌ جو نالو ’عمان‘ آهي. اردن ۾ عربي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي ۽ هتي جي سڪي جو نالو ’اردني دينار‘ آهي. هتي 94 سيڪڙو مسلمانن جي آبادي آهي، جڏهن ته 4 سيڪڙو عيسائي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا. اردن کي انگريزيءَ ۾ ”جارڊن“ چئبو آهي. اردن جو سڪو دينار آهي، جنهن ۾ هڪ هزار فلس هوندا آهن. اردن جا اهم شهر عمان، اقبال، زرقا، اربيد ۽ ڪارڪ آهن. اهم زراعت ۽ ميوا، ڪڻڪ، جَوَ، پٽاٽا، بصر، ڪيلا، زيتون ۽ انگور آهن.

اردن 
اردن جي سرڪاري مهر

تاريخ

اردن گهڻو وقت اڳ يوناني ۽ رومي بادشاهتن جو حصو رهيو هو. ستين صدي عيسويءَ ۾ عربن اردن تي قبضو ڪيو. سورهين صدي عيسويءَ کان پهرين مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ تائين -اردن-، سلطنت عثمانيه جو حصو رهيو هو، پر سلطنت عثمانيه جي ٽٽڻ کان پوءِ اردن ترڪيءَ جي قبضي کان آزاد ٿيو. اقوام متحده پاران ”مينڊيٽ سسٽم“ جوڙيو ويو، جنهن جو مقصد آزاديءَ جي لائق ملڪن جي مدد ڪرڻ هو، ان ڪري 1922ع ۾ اردن برطانيه جي هٿ هيٺ ڏنو ويو. برطانيه سڀ اصول ٽوڙي، اردن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو ۽ 24 سالن تائين پنهنجي مرضي هلائي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ 1946ع ۾ اردن آزاد ٿيو. اردن جو پهريون سربراھ امير عبدالله بڻيو. 1948ع ۾ برطانيا، آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن اسرائيل نالي نئون ملڪ قائم ڪيو ۽ اڳتي هلي اردن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگيون شروع ٿيون. اردن جي ڪجهه علائقن تي قبضو ڪيو ويو. 1951ع ۾ امير عبدالله کي يروشلم ۾ قتل ڪيو ويو ۽ سندس پٽ طلال تخت نشين ٿيو، ان کانپوءِ 1952ع ۾ سندس پٽ شاھ حسين تخت تي ويٺو، 1955ع ۾ اردن گڏيل قومن جو ميمبر بڻيو. 1967ع ۾ عرب اسرائيل جنگ لڳي. اسرائيل يروشلم سميت الهندي ايراضيءَ تي قبضو ڪري ورتو. 26 آڪٽوبر 1994ع تي اردن ۽ اسرائيل ۾ ٺاهه ٿيو، جنهن ۾ 50 سالن کان هلندڙ دشمنيءَ جو خاتمو آيو. 1999ع کان شاھ حسين جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شاھ عبدالله تخت تي ويٺو. اردن جو 12 سيڪڙو حصو زراعت جي لائق آهي. باقي حصو ويران آهي. هتي ميوو ۽ سائي ڀاڄي چڱي مقدار ۾ ٿئي ٿي. اردن مان فاسفيٽ ۽ پوٽاش جهجهي انداز ۾ نڪرن ٿا.

Tags:

ملڪ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

بحرينبيتضمير اشارو13 آڪٽوبرمومل راڻوسنڌو لکتقافيوهلال پاڪستانپاڪستان جو جهنڊوعمر ماروي1564عهنگريڪشش ثقلحرف ندا2012عفعلڊراموآدم ڏرسارس ڪووي 2وي بيڪ مشينسوارا ڀاسڪرٽاموفارسي1846عآبادگارتوحيدهارون عليہ السلامسر بروو سنڌيبيھڪ جون نشانيونمڪليسائرس اعظمنائيجر1638عانگريزي ٻوليسنڌبئنڪڀڳوت گيتاانسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي1755ععبدالستار ايڌيسکر23 آڪٽوبرحسن درسوڪي مينيافحش فلم1863عڏکڻ آفريڪاگهنٽوبحري جھازجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)قمبر تعلقوسگريٽسورٺ راءِ ڏياچٻروزاني عوامي آواز816عخاصخيليعرب🡆 More