عَمان: اردن (جارڊن) جي راڄڌاني

عمان (عربي ٻولي: عَمّان pronounced ، انگريزي ٻولي: Amman؛ English pronunciation: /ɑːˈmɑːn/) اردن مُلڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ ان جو سڀ کان وڏو شهر هئڻ سميت مُلڪ جو اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مرڪز پڻ آهي.

اُتر وِچُ اولهه اردن ۾ واقع عمان شهر حڪومت جو انتظامي مرڪز آهي. شهر جي آبادي 40,07,526 ۽ پکيڙ 1،680 چئورس ڪلوميٽر (648.7 چورس ميل) آهي. اڄ ڪلهه عمان شهر کي جديد ترين عرب شهرن منجهان هِڪُ سمجيو وڃِي ٿو. هي علائقو (خِطو) خاص طور تي عرب ۽ يورپي سياحن جي لاءِ هڪ اهم سياحتي مقام آهي.

عمان
عَمّان
شهر
عمان شهر، ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ: عبدلي منصوبو عمان جي اسڪاءِ لائن تي غالب، معبد هرقل جبل القلعو تي، شاهہ عبدالله اول مسجد ۽ رغدان علم چوب، عبدون پل، اموي محل، عثماني حجاز ريلوي اسٽيشن ۽ رومي ٿيٽر.
عمان شهر، ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ: عبدلي منصوبو عمان جي اسڪاءِ لائن تي غالب، معبد هرقل جبل القلعو تي، شاهہ عبدالله اول مسجد ۽ رغدان علم چوب، عبدون پل، اموي محل، عثماني حجاز ريلوي اسٽيشن ۽ رومي ٿيٽر.
عمان
مھر
عَمان: اشتقاقيات, چترشالا, خارجي ڳنڍڻا
عمان is located in Jordan
عمان
عمان
عمان is located in Arab world
عمان
عمان
عمان is located in Asia
عمان
عمان
جاگرافي بيهڪ: 31°56′59″N 35°55′58″E / 31.94972°N 35.93278°E / 31.94972; 35.93278 35°55′58″E / 31.94972°N 35.93278°E / 31.94972; 35.93278
ملڪ عَمان: اشتقاقيات, چترشالا, خارجي ڳنڍڻا اردن
اردن جا حاڪم عمان شهر جا حاڪم
قيام 7250 ق م
ميونسپالٽي 1909
حڪومت
 • ميئر يوسف الشواربہ
پکيڙ
 • ڪل 1,680 ڪ.م2 (650 ميل2)
بلند ترین  پیمائش 1,100 ميل (3,600 ft)
گھٽ ترین  پیمائش 700 ميل (2,300 ft)
آبادي (2016)
 • ڪل 4,007,526

عمان ۾ آباديءَ جون ابتدائي شاهديون نئون پٿر جو دؤر (Neolithic) جي مقام عين غزال وٽان مليون آهن جِتي آڳاٽا ترين 7250 ق.م وارا انساني ڍانچا لَڌا ويا آهن. لوهه واري زماني ۾ شهر کي عمون سڏيو ويندو هيو جيڪو مملڪت عمون جي گاديءَ جو هنڌ هُيو. رومي دور ۾ ان جو نالو فلاڊيلفيا هيو ۽ پوءِ اسلامي دور ۾ انکي عمان نالو ڏنو ويو. وچون دور ۽ وچون دور کانپوءِ هي هڪ غير آباد شهر هُيو. جديد عمان جي تاريخ اُڻويهين صديءَ ۾ آديگي تارڪين وطن جي عثماني سلطنت پاران اُتان سال 1867ع ۾ آباد ڪاري سان شروع ٿي هئي. پهريون بلدياتي ڪائونسل جو قيام سال 1909ع ۾ عمل ۾ آيو. سال 1921ع ۾ اردن جي گاديءَ جو هنڌ بڻجڻ کانپوءِ عمان تيزيءَ سان ترقي ڪئي. شهر ۾ پناهگيرن جي لڳاتار لڏپلاڻ وارين لهرن کي پڻ سهارو ڏنو جنهن ۾ سال 1948ع ۽ 1967ع ۾ فلسطين کان، سال 1990ع ۽ 2003ع ۾ عراق کان ۽ سال 2011ع کانپوءِ شام جا پناهگير شامل آهن.

شروعات ۾ هي شهر ست ٽَڪرين تي آباد ٿيو ۽ هاڻي هي 19 ٽَڪِرِين تي پکڙجي چُڪو آهي. هن شهر جا 27 ضلعا آهن، جيڪي عمان ميونسپالٽي جي انتظام هيٺ آهن ۽ ان جو هاڻوڪو ميئر يوسف الشواربہ آهي. عمان جي علائقن جا نالا ٽَڪرين ۽ وادين جي نالي تي آن جتي اهي واقع آه مثلاً وادي عبدون ۾ واقع عبدون پاڙو. آُڀرندو عمان بنيادي طور تاريخي ماڳن سان ڀريل آهي جيڪو اڪثر ثقافتي سرگرمين جي ميزباني ڪري ٿو، جڏهن تہ اولهندو عمان گهڻوئي جديد ۽ شهر جو اقتصادي مرڪز آهي.

تقریبن ٻه ملين سیاح سال 2014ع ۾ عمان پهتا، جيڪي ان شهر کي دنيا جو 93ھون ۽ عرب دنيا جو پنجون سڀ کان وڌيڪ گُهميو ويندڙ شهر بڻائي ٿو. عمان جي معيشت هڪ نسبتن تيزي سان وَڌَندَڙَ معيشت آهي ۽ عالمي شهر جي انڊيڪس ۾ ان کي بيٽا شهر جو درجو ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ ان کي اقتصادي، مزدور، ماحولياتي، سماجي ۽ ثقافتي عنصرن مطابق مڊل ايسٽ ۽ اتر آفريڪا جي ڀَلَن شهرن منجهان هڪ جو درجو حاصل آهي. هي شهر عرب دنيا ۾ ملٽي نيشنل ڪارپوريشننز جي قيام لاءِ دوحا سان گڏ مقبول ترين ماڳن منجهان آهي ۽ ان معاملي ۾ هي رُڳو دبئي کان پُٺتي پيل آهي. اهو سمجهيو وڃِي ٿو تہ اِيندڙ 10 سالن ۾ هي ٽِي شهري علائقا ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز جي گهڻي ئي سرگرمين جا مرڪز بڻجي ويندا.

اشتقاقيات

چترشالا

رانديون

عمان بين الاقوامي اسٽيڊيم
عَمان: اشتقاقيات, چترشالا, خارجي ڳنڍڻا 
اردن ريلي

خارجي ڳنڍڻا

عَمان: اشتقاقيات, چترشالا, خارجي ڳنڍڻا  Amman سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

حوالا

Tags:

عَمان اشتقاقياتعَمان چترشالاعَمان خارجي ڳنڍڻاعَمان حوالاعَماناردنانگريزيعربيوڪيپيڊيا:IPA for Englishگاديءَ جو هنڌ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

جنيوالڪشميبيت1859عمذهببحرين1967عبند گوبيائٽلسپاڪستان ۾ ٻوڏ 2022عدادو ضلعوپاڪستان ۾ جمھوريتهلال پاڪستاناخبار1792عکيرائين واٽ ڪهڪشانداعشھرات صوبوبجليعمر مارويماريانا ٽرينچاُرڙيجين ڌرمضمير خالصسائنسپوڊڪاسٽشِو1993عماينڪرافتاسڪولسينٽ پيٽرسبرگآگروجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)پھرين مھاڀاري جنگنيٺ گونگي ڳالهايوايران2022ع27 آڪٽوبرآمريڪا جون گڏيل رياستونجرمنيپروسٽيٽ ڪينسرڀڳونتي ناواڻيايشيامضمون (ادب)ڏکڻ آمريڪاادبي لاڙوفلپائنميڪائوآسيہ ارجينٽواسڪائوٽنگاسڪاٽ لينڊ جي بادشاهتسارس ڪووي 2عيسيٰڪپ ڪچورديھ خاڻوٺگدروموهن جو دڙوبرفتاستاد عاشق علي خان🡆 More