سنڌو لکت: رسم الخط

سنڌو لکت (انگريزي ٻولي: Indus script)، نشانين جو مجموعو آهي، جيڪا سنڌو تهذيب جي ماڻهن، ڪوٽڏجي ۽ هڙاپا واري دور ۾ 3500 کان 1900 قبل مسيح ۾ جوڙي هئي. جن مُهرن تي اها لکت لکيل آهي اهي بيحد ننڍا آهن، ان لاءِ اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهي نشانيون لکت سرشتو آهي يا نه، ڪيترن ئي ڪوشش باجود ان لکت کي ڪير پڙهي نه سگھيو آهي، تنهن باوجود ان تي ڪوششون هلندڙ آهن. سنڌو لکت سان ميل کائيندڙ ٻي ڪا به لکت اڃان تائين موجود ناهي نه ئي ڪا گھڻ لساني مُهر موجود آهي، جنهن جي ذريعي لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪجي. لکت ۾ ڪجهه تبديلون آهن، جن جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ته مختلف جڳهن تي لکت ڪجهه تبديل ٿيندڙ هئي.

سنڌو لکت
Indus script
سنڌو لکت: مجموعا, خصوصيتون, ڀاڃ متعلق سوال
قسم
سمجه نه ايندڙ ڪنجھي واري زماني جي لکت
ٻوليون نامعلوم
زمانو
3500–1900 قبل مسيح
لکت پاسو ساڄي کان کاٻو
آئي ايس او 15924 Inds, 610چار اکرن وارا آئي ايس او 15924 رسم الخط

هڙاپا لکت واري پهرين مُهر جي اشاعت 1875ع ۾ اليگزينڊر ڪننگھام جي چٽيل عڪس ذريعي ڪئي وئي. ان کان پوءِ 4 هزار کان وڌيڪ لکت واريون مُهرون لڌيون ويون، جن مان ڪيترا ميسوپوٽيميا جا همعصر آهن. 1970ع ڌاري ايراوٿم مهاديون 3700 مُهر ۽ 417 نشانين کي مخصوص انداز ۾ ترتيب ڏئي پيش ڪيو. جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته عام اکرن ۾ اڪثر 5 نشانيون آهن، وڏي سٽ صرف 14 نشانين تي مشتمل آهي. هن ئي سنڌو لکت متعلق ٻڌايو ته اها ساڄي کان کاٻي پاسي لکي ويندڙ رسم الخط هئي.

ڪجهه عالم، جي.آر هنٽر، ايس. آر. رائو، جوهان نيوبيري، ڪرشنا رائو ۽ سڀاش ڪاڪ جي دليل مطابق سنڌو لکت، برھمي رسم الخط سان ملندڙ جهلندڙ آهي. پر ٻيا ماهر جيئن ايراوٿم مهاديون، ڪامل زوئليبيل، آسڪو پارپولا جي مطابق سنڌو لکت دراوڙي ٻولين جي نسل مان آهي. ريمنڊ الچين مسلسل ان خيال جو حامي آهي ته ڀل ڪيترن جي خيال مطابق برھمي مٿان، آرامي لکت جو اثر هجي، پر برهمڻي لکت مٿان ڪجهه سنڌو لکت جو اثر پڻ آهي.

مجموعا

سنڌو لکت: مجموعا, خصوصيتون, ڀاڃ متعلق سوال 
مُهرن جو مجموعو

هن لکت جون نشانيون، شروعاتي هڙاپا ۽ سنڌو تهذيت مان مليون، جنهن جي باري ۾ اندازو آهي ته 35 سو قبل مسيح جون آهن. پُختي هڙاپا وارو دور، 2600 قبل مسيح کان 1900 قبل مسيح ۾ سنڌو لکت جون نشانيون سڌن ۽ چوڪنڊن مُهرن، اوزارن ۽ ٿانون ۾ لڌيون ويون. اهي نشانيون ڪيترن ئي قسمن سان لکيل آهن، جيئن نقش ٿيل، گھڙيل وغيره، لکت پڻ ڪيترن ئي قسمن جي شين ذريعي ڪيل آهي، جيئن پٿر، هڏن، ٽامي، چاندي ۽ سون وغيره سان. اڪثر جانور، ڍڳن، هاٿين، گينڊن، مينهنن ۽ ڏندڪٿائي يونيڪارن جون نشايون اکرن سان گڏ ڏنل آهن جيئن اڻپڙهيل ماڻهو سمجهي سگھن ته اها مُهر اصل ڪٿي جي آهي.

هڙاپا جو آخري دور

1900 قبل مسيح کان پوءِ، هڙاپا جي پُختي دور جي آخر ۾، نشانين جو باترتيب استعمال ختم ٿي ويو. 1100 قبل مسيح ۾، هڙاپا ۾ نشانين جي ڪجهه استعمال جون شاهديون ملن ٿيون، اهو دور هندوستان ۾ لوهه واري دور جي شروعات هو. گجرات جي بيت دورڪا سمنڊ ڪناري کوٽائي مان پراڻي سنڌو تهذيب جون نشانيون مليون آهن، جنهن ۾ هڪ ٽن مٿن وارو جانور، مٽي جي ٿانءُ تي چٽيل نشانيون جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي آڳاٽي هڙاپا جي لکت آهي، اتان هٿ آيل ٿانءُ 1528 قبل مسيح جا آهن، ان لاءِ اهو دليل ڏنو وڃي پيو ته آڳاٽي هڙاپا جي ٻولي 1500 قبل مسيح تائين جاري هئي.

خصوصيتون

اکر گھڻي ڀاڳي تصويري صورت ۾ آهن ۽ ڪجهه خيالي نشانيون پڻ آهن. لکت گھڻي ڀاڱي ساڄي کان کاٻي طرف لکيل آهي، ڇو ته ڪيترن ئي جاين تي اکر کاٻي پاسي گھٽ وڌ ٿيل آهن، ان لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته لکڻي ساڄي پاسي ٿيندي هئي ۽ جاءِ نه بچڻ جي صورت ۾ کاپي پاسي جڳهه ڇڏي ڏبي هئي. نشانين جو تعداد 400 آهي، اهو لکڻي لاءِ تمام گھڻيون نشانيون آهن، ان لاءِ هن ٻولي کي لوگو گرام تصور ڪيو وڃي ٿو.

ڀاڃ متعلق سوال

سنڌو لکت: مجموعا, خصوصيتون, ڀاڃ متعلق سوال 
هندوستان جي ميوزم ۾ رکيل، سنڌو تهذيب مان مليل هڪ سڱي (يونيڪارن) جي نشاني

مائيڪل وٽزل ۽اسٽيوو فارمر جي مطابق سنڌو جي ڪا لکت ناهي، پر اهي صرف خاندانن، خدائن، قبيلن ۽ مذهبي نشانيون آهن. 2004ع جي هڪ مضمون ۾ فارمر، سپروٽ ۽ وٽزل سنڌو لکت متعلق ڪيترائي دليل پيش ڪيا ته هي ڪا لکت سرشتو ناهي. هنن ڄاڻيو ته ڪي به اکر لکت ۾ ٻيهر استعمال نٿا ٿين، جيئن عام ٻولين ۾ ٿين ٿا.

آسڪو پارپولا، فارمر، سپروٽ ۽ وٽزل جي ٿيسزز جو 2005ع ۾ جائزو وٺندي چيو ته اهي دليل تمام ڪمزور آهن. هن چيني ٻولي جي ڪيترن ئي اکرن (نشانين) جي باري ۾ ٻڌايو جيڪي تمام ٿوري مقدار ۾ استعمال ٿين ٿا. هن دليل کي رد ڪندي اهو چيو ته جيئن ته مُهر تمام ننڍا آهن ان ۾ اکرن جو ورجاءُ ممڪن ناهي.

2009ع جي هڪ تحقيقي لکڻي ۾ راجيش پي. اين. رائو، ايراوٿم مهاديون ۽ ٻين سائنس جرنل ۾ لکيو، جنهن ۾ هنن ان خيال کي رد ڪيو ته سنڌو لکت، لکت جو سرشتو ناهي، هن لکڻي جو تت هو ته سنڌو لکت سميري لکت جيان لوگو گرام يا رگويد جي سنسڪرت سان ملندڙ لکت آهي. تنهن هوندي هنن محتاط ٿي اها دعوا نه ڪئي ته ٻين ٻولين سان ملڻ جي باوجود هي لکت لکڻي سرشتو آهي يا نه. جواب ۾ سپروٽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايراوٿم مهاديون ۽ ٻين جي لکڻي ۾ اسان جي موقف کي درست سمجهي جواب نه ڏنو ويو، سندس خيال موجب ان لکڻين ۾ نظرياتي کوٽ هئي. سپروٽ چيو ته راجيش پي. اين. رائو، ايراوٿم مهاديون ۽ ٻين جي ماڊل کي جيڪڏهن ميسوپوٽيميا جي مذهبي نشانن جيڪي لکت وارو سرشتو ناهي، ان سان لاڳو ڪجي ته نتيجو سنڌولکت جهڙو ايندو. ايراوٿم مهاديون ۽ سپروٽ جا هڪ ٻي کي جواب 2010ع ۾ ڇپيا.

ڀاڃ جون ڪوششون

سنڌو لکت: مجموعا, خصوصيتون, ڀاڃ متعلق سوال 
ڍولاويرا مان مليل لکت جا 10 اکر
    اصل مضمون جي لاءِ ڏسو هڙاپن لکت

سنڌو لکت جي ڀاڃ بابت ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون ويون، پر انهن تي سڀ عالم متفق ناهن. هيٺ ڏنل مسئلا لکت جي ڀاڃ ۾ وڏيون رڪاوٽون تصور ڪيون وينديون آهن:

  • لکت جي سڌ ناهي پئي، جيتوڻڪ رگويد ۾ آيل 300 ڌاريان لفظ صوتي ڀيٽ لاءِ سٺو شروعاتي نقطو آهن.
  • لکڻين ۾ سرسري 5 نشانيون آيل آهن. صرف هڪ لکت اهڙي آهي جنهن ۾ 26 نشانيون آيل آهن. پر تازي ڳولا مان ملندڙ هڪ ٽامي جي مُهر تي 34 نشانيون آيل آهن، جن لاءِ تصور ڪيو وڃي ٿو ته اهي پُختي هڙاپا واري دور جون آهن.
  • ڪا به گھڻ لساني (روزيٽا پٿر جهڙي) لکت نه ملي سگھي آهي.

هي موضوع ڪيترن ئي ماهر تحقيقدانن ۾ مشهور آهي، ۽ ڀاڃ جون ڪيتريون ئي دعوائون پڻ ڪيون ويون آهن.

دراوڙي مفروضو

روسي عالم يوري نوروزوف ڪمپيوٽر ذريعي جائزو وٺي تجويز ڪيو ته سمجهه نه ايندڙ لکت دراوڙي ٻولين ۾ مان آهي. اها تجويز هينري هيرس جي ڪم جي پيروري هئي،جيڪو پڻ ان خيال جو هو ته سنڌو لکت دراوڙي ٻولين مان هڪ آهي.

فن لينڊ جي عالم آسڪو پارپولا مطابق سنڌو ۽ هڙاپا لکتون، دراوڙي ٻولين جي خاندان مان آهن. پارپولا 1960 ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ ۽ سويت يونين جي ماهر نوروزوف ڪيترن ئي مُهرن کي پڙهڻ جي دعوا ڪئي. ڪيترائي ماڻهو هيرس ۽ نوروزوف جي ڀاڃ سان متفق آهن. ان ڳالهه جي پڪ تڏهن ٿي جڏهن هڙاپا مان مليل هڪ مُهر ۾ مڇي ۽ تارو چٽيل هو. ۽ دراوڙي ٻولي ۾ مٿي ۽ تاري لاءِ هڪ ئي لفظ ”من” استعمال ٿيندو آهي. 1994ع تائين پارپولا جو ڪيل ڪم سندس ڪتاب سنڌ لکت جي ڀاڃ (انگريزي ٻولي: Deciphering the Indus Script) ۾ آيل آهي.

ايراوٿم مهاديون، جيڪو پڻ دروڙي مفروضي جو حامي آهي، ان مطابق ”اميد آهي ته اسان دواڙي، هڙاپن ۽ ڏکڻ انڊيا جي دراوڙي ٻولين جو هڪ ٻي سان ڳانڍاپو ڳولي وٺنداسين. اهو هڪ مفروضو آهي [...] پر مونکي يقين ناهي ته آئون سنڌو لکت کي سمجهي سگهندس ۽ مونکي ان تي افسوس به ناهي“. مهاديون جي مطابق، تامل ناڊو جي علائقي ميئيلاڊوٿورائي مان ملندڙ هڪ پٿر ۾ اهي ئي نشانيون آهن جيڪي سنڌو لکت ۾ آهن. هن جي مطابق هڙاپا جي پڇاڙي ۽ ڏکڻ هندوستان ۾ هڪ ئي ٻولي رائج هئي. مئي 2017ع ۾ ٽامل ناڊو مان ملندڙ ڀانءُ جن ۾ تير جا نشان هئا، انهن کي موهن جي ڌڙي مان مليل ساڳي قسم جي نشانين جي يادگيري قرار ڏنو وڃي ٿو.

سنسڪرتي مفروضو

ايس. آر. رائو سنڌو لکت جي ڀاڃ جو دعويدار آهي، هن لکت کي فونيقي لپي سان ڀيٽائي ۽ مختلف نشانين کي آواز پڻ ڏنا. هن جي ڀاڃ جو نتيجو سنسڪرت جيان آهن. ان ڀاڃ ۾ انگن جا آواز سنسڪرت ايڪا، ترا، چاتوس، پانتا، هاپتا/سپتا، داسا، داوداسا، ساتا (1، 3، 4، 5، 10، 12، 100) جهڙا آهن. هن جي مطابق نشانين جي بناوٽ فونيڪي اکرن جي بناوٽ جهڙي آهي. فونيڪي لکت هراپا جي لکت مان ارتقا ڪئي آهي، هي ان دعوا جي پڻ نفي آهي جنهن موجب فونيڪي لکت سينائي لکت مان نڪتل آهي.

سنڌو ۽ برھمي لکت ۾ ڳانڊاپي تي ڪيترائي ماهر متفق آهن. ٻنهي لکتن جون ڪيتريون ئي نشانيون هڪ جهڙيون آهن. گريگوري پاسل پنهنجي ڪتاب (Indus Age: The Writing System) ۾ تجويز ڏني ته سڀاش ڪاڪ جو اهو خيال درست آهي ته سنڌو لکت جون برھمي سان هڪجهڙايون آهن.

متفرق مفروضا

سنڌو لکت بابت ڪيترائي مفروضا موجود آهن، انهن مان هڪ مفروضو اهو آهي ته هي لکت انڊو-آريائي ٻولين سان تعلق رکي ٿي، پر ان مفروضي سان ڪيترائي مسئلا آهن. جيئن هندوستاني-يورپي تهذيب سان تعلق رکندڙ ماڻهو حجرت پسند هئا ۽ انهن جي حجرت ۾ گھوڙن جو وڏو ڪردار هو، پر ننڍي کنڊ ۾ 2000 قبل مسيع کان پهرين ڪنهن به مُهر تي گھوڙي جو نشان نه مليو، ان لاءِ چيو ويندو آهي ته اها لکت آريائي نه آهي، پر انهن کان اڳ جي آهي.

ٻي مفروضي موجب، سنڌو لکت جو تعلق منڊا ٻولين جي خاندان مان آهي. ٻولين جو اهو خاندان اوڀرندي هندوستان ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڳالهائي ويندي آهي. پر هن مفروضي سان پڻ اهو مسئلو آهي ته جيڪي لفظ منڊا ٻولي ۾ آهن انهن ۾ سنڌو لکت يا هڙاپا جو ڪو عڪس نظر نٿو اچي.

عالمن سنڌو نشانين کي قديم فارس جي ٻولي ايلامي سان ڀيٽين ٿا، ڇو ته ٻئي ٻوليون هڪ ٻي سان هم عصر آهن. علمن کي ايلامي ٻولي هڪ گھڻ لساني مجسمي مان ملي جيڪو فرانس جي لوف ميوزم ۾ رکيل آهي. ان مجسمي ۾ هڪ ڄاتل ٻولي اڪدي ۾ لکيل اکر آهن ٻيو ايلامي ۾. هن قديم ٻولي کي سنڌو لکت سان ڀيٽائڻ سان ڪيتريون ئي هڪجهڙايون مليون آهن.

ڍولاويرا مان مليل بورڊ ڊگھو آهي، جنهن جي لکڻي ۾ هڪ نشاني جو چار دفعا ورجاءُ ٿيو آهي، نشانين جي ورجاءُ سبب ماهر ان نتيجي تي پهتل آهن، ته سنڌو جون نشانيون اصل ۾ لکت سرشتو آهي.

انڪوڊنگ

سنڌو لکت کي آئي ايس او 15924 جو معياري ڪوڊ Inds جاري ڪيو ويو آهي. لکت کي يونيڪوڊ جي گھڻ لساني ضمني ٻولين ۾ داخل ڪرڻ لاءِ 1999ع ۾ پيش ڪيو ويو، پر اڃان تائين ان کي قبول نه ڪيو ويو. 2017ع ۾ موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻولي جي ماهرن امر فياض ٻرڙو ۽ شبير ڪنڀار آگاهي ڏني ته سنڌو لکت جي 1839 نشانين لاءِ ڪمپيوٽر اکر (انگريزي ٻولي: Fonts) جوڙيا ويا آهن.

حوالا

Tags:

سنڌو لکت مجموعاسنڌو لکت خصوصيتونسنڌو لکت ڀاڃ متعلق سوالسنڌو لکت ڀاڃ جون ڪوششونسنڌو لکت انڪوڊنگسنڌو لکت حوالاسنڌو لکت

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ايران جا صوبانيدرلينڊزڏور (ادب)جستآرمينياآسٽرو–ايشيائي ٻوليونشمسي توانائيڏينهنانگريزي ٻوليرومشاهه عنايت شهيدچقمق1179عقادر مڱسيارنيسٽو زيديلوعروضي شاعرياڱاروراڄڌاني شھرطوطوارسطوام ڪلثوم (مصري ڳائڻي)ممبئي1863علوھ20 جُولاءِپائيدار ترقيڪرنگهي وارا جانورچليعبدالله بن زبيردوري جدولامامتڪويت19 آگسٽ19 فيبروريوشنوسِسٽم ٿيئرينازبوانگلينڊشاهه جو رسالوٺٽي تي قبضي کان پوءِ آزاديءَ لاءِ سنڌين جي پھرين ڪوششائٽم بمموسيقيبيتخير النساء جعفري30 جُولاءِناريهجري ڪئلينڊرچينوڪيپيڊيا زيروڪئلينڊرترڪي ٻوليحسابي سراسريڪيموٿراپيڪافي (شعري صنف)عربپئٿاگورس1278عڏاکڻ اوڀرايشيائي گهوٽالولوڪ ادبآمريڪي گهرو ويڙههڪارمحمد بن قاسم33ع🡆 More