ارنيسٽو زيديلو

ارنيسٽو سيديلو : (انگريزي: Ernesto Zedillo ) تاريخ 27 ڊسمبر 1951 ۾ پيدا ٿيو.

ميڪسيڪو جو معاشيات جو ماھر ۽ سياستدان آھي. پھرين ڊسمبر 1994ع کان 30 نومبر 2000ع تائين ميڪسيڪو جو صدر رھيو. سندس تعلق انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي سان ھيو. صدرات دوران پھرين مھيني ۾ ئي ميڪسيڪو جي ڪرنسي (پيسو) جي تاريخ جو وڏو بحران پيدا ٿيو جنھن کي ھن منھن ڏنو ھن ان بحران جو ذميدار پنھنجي پيشرو ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري جي پاليسين کي قرار ڏنو. ھن سندس ڀاءُ رائول سئلينس ڊي گورٽاري کي گرفتار ڪرايو.سندس حڪومت ۾ زاپاتيستا فوج ۽ پاپولر انقلابي فوج سان حڪومتي فوج کي چڪرين جو ٻيھر آغاز ٿيو ۽ ھن تڪراريفوباپارا فنڊ ذريعي ميڪسيڪو جي بينڪاري نظام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ارنيسٽو سيديلو
Ernesto Zedillo
ارنيسٽو زيديلو
54th ميڪسيڪو جو صدر
عهدو سنڀاليو
1 ڊسمبر 1994 (1994-12-01) – 30 نومبر 2000 (2000-11-30)
پيشرو ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري
جانشين ونسيٽ فاڪس
سيڪريٽري تعليم عام
عهدو سنڀاليو
7 جنوري 1992 – 29 نومبر 1993
صدر ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري
پيشرو مئنوئيل بارٽليٽ
جانشين فرننڊو سولانا
پروگرامنگ ۽ بجيٽ وارو سيڪريٽري
عهدو سنڀاليو
1 ڊسمبر 1988 – 7 جنوري 1992
صدر ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري
پيشرو پيڊرو ايسپي
جانشين روھيليو گاسڪا
ذاتي تفصيل
پيدائش ارنيسٽو سيديلو پونسي ديليئن
ڊسمبر 1951 (عمر 72 سال)
ميڪسيڪو سٽي, ميڪسيڪو
سياسي جماعت انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي
جيون ساٿي نلدا پيٽريشيا ويلئسڪو (ش. 1974)
ٻار ٻچا 5
ماءُپيءُ روڊولفو سيديلو ڪاسٽيلو
مارٿا عليشيا پونسي ديليئن
رهائش نيو ھيون, ڪونيڪٽيڪٽ, يونائيٽيڊ اسٽيٽس
مادر علمي نيشنل پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ
ييل يونيورسٽي
دستخط ارنيسٽو زيديلو

خاندان ۽ ابتدائي زندگي

ميڪسيڪو سٽي ۾ پيدا ٿيندڙ ارنيسٽو سيديلو ھڪ ميڪينڪ روڊولفو سيديلو ڪاسٽيلو جو پٽ ھيو ۽ سندس ماء جو نالو مارٿا عليشيا پونسي ديليئن ھئي. ھن جي بھتر تعليم لاءِ خاندان ميڪسيڪو جي رياست باجا ڪيليفورنيا جي شھر ۽ گادي جي هنڌ ميڪسيڪئلي منتقل ٿيو جتي کيس ابتدائي تعليم ملي 1965 م جڏھن 14 سالن جو ٿيو تہ ميڪسيڪو سٽي موٽي آيو جتي نيشنل پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ داخل ٿيو ۽ ساڳي وقت تعليمي خرچن کي منھن ڏيڻ لاءِ نيشنل آرمي اينڊ نيوي بئنڪ ۾ ملازمت پڻ ڪيائين. 1972ع ۾ معاشيات ۾ گريجوئيشن کانپوءِ ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيائين. شاگردي واري دؤر م ھن سان گڏ پڙھندڙ نلدا پيٽريشيا ويلئسڪو سان ويجهڙائپ ٿيس جنهن سان ھن شادي ڪئي ۽ ان مان کيس پنج ٻار ٿيا ھن 1974ع ۾ ييل يونيورسٽي مان ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪئي. پي ايڇ ڊي ۾ ھن جي مقالي جو عنوان: "ميڪسيڪو جي پبلڪ واري ٻاھرين قرض ۽ تيل جي تازي تاريخ ۽ مستقبل جي واڌ" ھيو.

سياسي زندگي

1987 ۾ ھي بجيٽ ۽ منصوبابندي واري سيڪريٽريٽ ۾ منصوبابندي ۽ بجيٽ جي ضابطي وارو ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1988 ۾ 36 سالن جي عمر ۾ سيڪريٽريٽ جو سربراھ ٿيو ۽ ھن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جا سڌارا پڻ پيش ڪيا. 1992 ۾ ملڪ جي صدر ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري کيس تعليم عام جو سيڪريٽري مقرر ڪيو. سال گذرڻ بعد ھن نوڪري تان استعيفا ڏئي سياست ۾ شامل ٿيو. انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي جي صدارتي چونڊ لاء اميدوار ڊونالڊو ڪولوسيو جي چونڊ مھم ھلائي.ھن ميڪسيڪو جي مرڪزي بينڪ بينڪ آف ميڪسيڪو لاء انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي جي رڪن طور ڪم ڪيو جنھن م ملڪ جي بھتري لاءِ ھن ميڪرو ايڪانامڪ پاليسين جي حمايت ڪئي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق 27 ڊسمبر 1951ع ۾ ميڪسيڪو سٽي ۾ پيدا ٿيندڙ ارنيسٽو ھڪ مزدور خاندان ۾ پليو ۽ 1971ع ۾ ميڪسيڪو ۾ اقتدار ۾ رھندڙ پارٽي جو رڪن ٿيو. ييل يونيورسٽي مان معاشيات ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري بجيٽ ۽ منصوبابندي واري وزارت ۾ سيڪريٽري طور ڪم ڪندي ھن ميڪسيڪو جي ٻاھرين ڀاري قرضن تي ضابطي، ناڻي جي ڦھلاء کي گھٽائڻ ۽ متوازي بجيٽ ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي جي صدارتي اميدوار لوئيس ڊونالڊو ڪولوسيو جي قتل بعد ھي ان پارٽي جو اميدوار ٿي صدر چونڊجي آيو. ھن غربت جي خاتمي لاء سڌارا آندا، ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ۽ چونڊ نظام کي جمھوري بڻائڻ واري ڪم کي اڳتي وڌايو. ھن 1994ع ۾ جيڪا پيسو جي قدر م ڪمي آندي ان سان ھڪ بحران جنم ورتو جنھن کي منھن ڏيڻ لاء آمريڪي امداد جو سھارو ورتو.

حوالا

Tags:

انگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

مصربائيوپسياترادي ٻولي (ڪتاب)آستراخان اوبلاسٽشاھ جا سرسسئي پنهون جو داستانتبو (اداڪارا)سافٽ ويئر جوڙيندڙمولودانگريزي ٻوليسوفي جي دنيااسلامياتھنورچانھٽوگوترڪي ٻوليمنظرآئيوري ڪوسٽٻٻر (وڻ)عالمي گرميءَ ۾ واڌايٽلانٽڪ سمنڊ1973عمثنويرزميه شاعريانسائيڪلوپيڊياٿائي ٻوليڌرتيءَ جو ڏينھنپاڪستان ۾ يونيورسٽين جي فھرستقاسم آبادڏورپکيتاروشيھوڄامشورو ضلعواحوال شاھ عبداللطيف جو (ڪتاب)آبدوزملاويسينٽ پيٽرسبرگڪم/ طبعي مقدار17 جنوريلبياوڪي مينياسون جو معيارگرامري حالتاسڪولڪمپيوٽر2012عڪافي (شعري صنف)جمهوريا ڪانگوٺلهه ڇنيحجخديجة الڪبري رضہجي اين يو آزاد دستاويز اجازت ناموجنيوا1980عفيض گنج تعلقونائيجر10 جنورينظممير عبدالحسينسنگ سرماھيبلاغتبلديا سب ڊويزنجبوتيسينگار شاعريليپ سالانفرا ريڊ🡆 More