گجرات

گجرات رياست(انگريزي: Gujrat State ) ڀارت جي اولھندي پاسي واقع ھڪ رياست جو نالو جنھن جي پکيڙ 1،96،204 چورس ڪلوميٽر آهي.

ان جي اتر اولھ واري سرحد پاڪستان جي صوبي سنڌ سان ملي ٿي. ان جي اتر اوڀر ۾ اتر ۽ اتر اوڀر ۾ راجھستان ۽ مڌيا پرديش ، ڏکڻ ۾ مھاراشٽر ۽ ڏکڻ اولھ ۾ عربي سمنڊ واقع آھن. ھن رياست جو گاديءَ جو هنڌ گانڌي نگر ۽ سڀ کان وڏو شھر احمد آباد آهي.

گجرات رياست
رياست
Gujarat
مھر
انڊيا ۾ گجرات
انڊيا ۾ گجرات جو مقام
جاگرافي بيهڪ (گانڌي نگر): 23°13′N 72°41′E / 23.217°N 72.683°E / 23.217; 72.683 72°41′E / 23.217°N 72.683°E / 23.217; 72.683
ملڪ گجرات ڀارت
قيام 1 مئي 1960
گاديءَ جو هنڌ گانڌي نگر
وڏي ۾ وڏو شهر احمد آباد
ضلعا
حڪومت
 • گورنر اوم پرڪاش ڪوھلي
 • وزيراعلي وجي روپاني بي جي پي
 • ليجسليٽو اسيمبلي وحداني ايوان جنھن جون 182 سيٽون آهن
 • چوڏھين لوڪ سڀا جا ميمبر 26
 • ھاء ڪورٽ گجرات ھاء ڪورٽ
پکيڙ
 • ڪل 196,024 ڪ.م2 (75,685 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو ڇھون نمبر وڏي رياست
آبادي (2011)
 • ڪل 60,383,628
1960 جي بمبئي (نئين سر جوڙجڪ) ايڪٽ تحت بمبئي جي رياست کي ٽوڙي ان مان گجرات ۽ مھاراشٽر جون رياستون قائم ڪيون ويون.

تاریخ

ٻہ ھزار سالن جي پراڻي تاريخ رکندڙ ھن علائقي جي لاء چيو وڃي ٿو ته ڪرشن ڀڳوان مٿرا شھر ڇڏي ھن رياست جي علائقي (سوراشٽر جي اولھ واري ڪناري) ۾ رھائش اختيار ڪئي جتي ھاڻي دوارڪا شھر آھي. بعد واري دؤر ۾ موريا، پرٿار ۽ ٻين خاندانن ھن رياست تي حڪومت ڪئي جن مان چانڪي (سولنڪي) بادشاھن جي دؤر ۾ ھن خطي ترقي ماڻي. گجرات بعد ۾ مسلمانن ۽ پوء برطانوي راڄ جي حاڪميت ۾ آيو. برٽش انڊيا ۾ موجوده گجرات ٻن حصن ۾ ورھايل ھيو جن ۾ ھڪ حصو برطانوي قبضي وارو ۽ ٻيو حصو ديسي رياستن وارو ھيو. اڳتي ھلي انگريز سرڪار گجرات کي ۽ سنڌ کي بمبئي صوبي ۾ ملائي ڇڏيو. تقسيم ھند کان بعد انڊيا جي سرڪار 1 مئي 1960 ۾ موجوده گجرات رياست کي قائم ڪيو

معیشت

زراعت

گجرات انڊيا جي ڪپھ ، تماڪ اور مڱ ڦرين جي پیداوار ۾ سڀ کان وڏي رياست آھي. زرعي فصلن ۾ ھتي ڪڻڪ جوئر اسپنگر جا فصل ڪثرت سان ٿيندا آهن. ھتان جي ٻيلن ۾ ساڳوان، ھلدريو، ساداد ۽ بانس جا وڻ پڻ ملندا آھن

صنعت

ریاست ۾ صنعتي ترقيءَ ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي ان ۾ ڪيميڪل، پيٽرو ڪيميڪل، ڀاڻ، انجنيئرنگ، اليڪٽرانڪس وغيره شامل آهن. سال 2004 ۾ رياست ۾ رجسٽرڊ فيڪٽرين جو تعداد 21،536 (عارضي) ھيو جن ۾ سراسري طور 9.27 لک مزدورن کي روزگار ميسر ھيو. ڊسمبر، 2005 تائين گجرات جي صنعتي ترقي جي ڪارپوریشن 237 صنعتي ادارا قائم ڪيا ھيا.

آبپاشي اور بجلي

ریاست ۾ دریائي پاڻي ۽ زمین اندر پاڻي جي جملي آبپاشي جي صلاحیت 64.48 لک ھيڪٽر ھئي جنھن ۾ سردار سروور (نرمدا) منصوبي جي 17.92 لک ھيڪٽرن جي صلاحیت بہ شامل آھي.

آمدورفت

سڙڪون

2005-06 جي آخر ۾ ریاست ۾ سڙڪن جي ڪل ڊيگهه تقریبن 74،038 ڪلومیٽر ھئي.

ھوائي ٽرئفڪ

ریاست جي شھر احمد آباد ۾ واقع اھم ھوائي اڏي کان ممبئي ، دھلي ۽ ٻين شھرن جي لاءِ روزانو طیارن جي سروس ميسر رھندي آھي. احمد آباد ہوائي اڏي کي ھاڻي بین الاقوامي ھوائي اڏي جو درجو ملي چڪو آهي. ٻين هوائي اڏن ۾ وڊودرا، ڀاونگر، ڀج، سورت، ڄام نگر، ڪاڊلا، ڪیشود، پوربندر ۽ راجڪوٽ جا ھوائي اڏا شامل آهن.

ریل

گجرات جي سڀ کان مصروف ریلوي اسٽیشن وڊودرا جنڪشن آھي. جتان ھر روز 150 کان بہ زیادہ ٽرینن جي آمد ٿيندي آھي۽ هندوستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ھتان کان ٽرينون نڪرنديون آهن. وڊودرا کان علاوہ گجرات جي وڏين اسٽیشنن ۾ احمد آباد، سورت، راج ڪوٽ، ڀج ۽ ڀاونگر شامل آھن. گجرات ملڪ جي اولھندي ریلوي زون ۾ شامل آھي.

بندرگاھون

گجرات ۾ ڪل 40 بندرگاھون آھن. ڪاڊلا ریاست جي سڀ کان وڏي بندرگاهه آهي. سال 05-2004 دوران گجرات جي وچولين ۽ ننڍين بندرگاھن مان ڪل 971.28 لک ٽن مال ڍويو ويو جنهن ۾ ڪاڊلا جي بندرگاھ تان 415.51 لک ٽن مال جي ڍوئي شامل ھئي.

سیاحتي مقام

ریاست ۾ دوارڪا، سومناٿ، پاليتانا، پاواڳڙھ، اباجي ڀدرہشور، شاملاجي، ترگا ۽ گرناڙ جھڙن مذهبي مقامن کان علاوہ مهاتما گانڌيءَ جي جنم ڀومي پوربندر ۽ پراتتو ۽ فن تعمیر جي لحاظ کان قابل ذڪر پاٽن، سدڌپر، گھرنلي، بڊنگر، موڌيرا، لوٿل ۽ احمد آباد جا مقام بہ شامل آهن. احمدپور ماڊوی، چارباڙ اڀارت ۽ تيٿل جا خوبصورت سامونڊي ڪنارا، ستپڙ جا پھاڙي منظر، گر جنگلن جا پاڪ آستانا پڻ سیاحتي جايون آهن.

انتظامیہ

حڪومت

صدر طرفان مقرر گورنر گجرات جي انتظامیہ جو سربراھ ھوندو آھي. وزیر اعلي جي قیادت ۾ ڪابینہ گورنر جي سندس ڪم ڪار ۾ تعاون ۽ مشورو ڏيندي آھي. ریاست ۾ ھڪ چونڊيل ادارو قانون ساز اسمبلي آھي. ھاء ڪورٽ ریاست جي وڏي ۾ وڏي عدالت آھي. ھن رياست کي 25 ضلعن ۾ ورھايو ويو آهي جن م شامل آهن:

  • احمد آباد،
  • امريلي،
  • بناسڪانٿا،
  • ڀروچ،
  • ڀاونگر،
  • ڊيگ،
  • گانڌي نگر،
  • کيڙا،
  • مھسانا،
  • پنچ محل،
  • راجڪوٽ،
  • سابرڪانٿا،
  • سورت،
  • سريندرنگر،
  • وڊودرا،
  • ولساڊ،
  • نوساري،
  • نرمدا،
  • دوھد،
  • آنند،
  • پاٽن،
  • جام نگر،
  • پوربندر،
  • جونا ڳڙھ ۽
  • ڪڇ.

ھر ضلعي جو روينيو ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊسٽرڪٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ ھوندا آھن.

آبادي

گجراتي آبادي آریہ یا دراوڙ نسلن ۾ ورھايل آھي. آريائي نسل ۾ برھمڻ، ڀٽيا، ڀديلا، رابري ۽ مينا ذاتيون شامل آهن. دراوڙي ذاتين ۾ بالميڪي، ڪولھي، ڊبلا، نايڪدا، مڇ ۽ کروا ذاتيون شامل آهن. باقي ذاتين ۾ قبائلي ڀيل ۽ ٻيا شامل آھن. قبائلي آبادي گھڻي ڀاڱي ڊيگ ضلعي ۾ رھندڙ آھي. گجرات ۾ آبادي جي اڪثريت ھندو مذهب سان تعلق رکندڙ آهي ۽ آبادي جي ڪجهه تعداد ۾ مسلمان، جين ۽ پارسي پڻ شامل آھن

تعلیم

500 یا ان کان زیادہ آبادي وارن تقريبن ھر ڳوٺ ۾ ستن کان يارھن سالن جي سڀني ٻارن جي لاء بنیادي تعلیمي ادارا کلي چڪا آهن. تحقیقي ادارن ۾ احمد آباد ۾ فزیڪل ریسرچ لیبارٽري، احمد آباد ٽیڪسٽائل انڊسٽریز ریسرچ ايسوسيئيشن، سيٺ ڀولاڀائي جي سگڀائی انسٽيٽيوٽ آف لرننگ اینڊ ریسرچ، دی انڊین انسٽيٽيوٽ آف مینجمينٽ، دي نیشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊیزائن ۽ دي سردار پٽیل انسٽيٽیوٽ آف ايڪانامڪ اینڊ سوشل ریسرچ، وڊودرا ۾ اورینٽل انسٽيٽیوٹ ۽ ڀاونگر ۾ سینٽرل سالٽ اینڊ مرين ڪیمیڪل ریسرچ انسٽيٽيوٽ شامل آهن۔

زبان

گجراتي ۽ ھندي ٻولي ریاست جون سرڪاري ٻوليون آهن. گجراتي ٻولي سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرش مان نڪتل ھندوستان جي ھڪ آريائي ٻولي آھي. ھن رياست ۾ انگريزي ۽ مراٺي يا مرھٽي ٻوليون پڻ مروج آهن.

فن

ھن رياست جي تعميري فن جا شاھڪار مندرن جي صورت ۾ سومناٿ، دوارڪا، موڌيرا، ٿان، گھملي ۽ گرناڙ ۾ موجود آهن. پندرهين صدي عيسويءَ کان وٺي جي علائقو ڪاٺي جي فن نقاشي جي ڪري مشھور رھيو آھي.

خارجي ڳنڍڻا


سانچو:ڀارت جون ریاستون

تصويرن جي گيلري

حوالا

Tags:

گجرات تاریخگجرات معیشتگجرات آمدورفتگجرات سیاحتي مقامگجرات انتظامیہگجرات آباديگجرات تعلیمگجرات زبانگجرات فنگجرات خارجي ڳنڍڻاگجرات تصويرن جي گيلريگجرات حوالاگجراتاحمد آبادانگريزيراڄڌانيسنڌعربي سمنڊپاڪستانپاڪستان جي انتظامي ورھاستڀارت

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

12 ڊسمبرميڪسيڪومخدوم بلاولسيرا ليونڪتاباحوال شاھ عبداللطيف جو (ڪتاب)جين جيڪس روسوروشني جا ڪرشماخليفو نبي بخشسنڌ جي تاريخارشميدسعام ابلاغگيبونجوزيپي ٽورناٽوترڪمانستاننوبل امن انعامبيتڪبيرگني بسائوانتظامياميندِيجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)کپرو تعلقواتر ڪورياڪنڊوڏهرڪيترائيلشمن علي ميراليمضمونلاکو ڦلاڻياُرڙي4 آگسٽتھذيب2017عسيئراگرافيدولھ دريا خانڪشميري ٻوليپورهيتن جو عالمي ڏهاڙوسنڌي وڪيپيڊياپاڪستاني رپيوايڪوٽوريل گائيناٻوٽاصرفياتالف ليليٰدُنياٿڻ وارو جانورچانھسائنسجستمصرچانڊيوتاروشيخ ايازپاليثقافت1990عروشنيعامر خانڏکڻ اوڀر ايشياماسڪوشاھ عبداللطيف ڀٽائيارتقا1914عٽنڊو باگوملاوي🡆 More