آبھوا

آبھوا لفظي معنيٰ ”پاڻيءَ ۽ ھوا جي گڏيل ڪيفيت“.

اصطلاحي معنيٰ ”ڪنھن ملڪ، شھر يا خطي جي موسمي طبعي حالت“.

آبھوا
آبهوا ۾ تبديلي جو خيالي منظر

سنڌ ۾ چار مندون ٿين ٿيون: سيارو، بھار، اونھارو ۽ سرءُ. فيبروريءَ جي اڌ کان بھار يا بسنت جي مند شروع ٿيندي آھي، جيڪا اپريل جي اڌ تائين ھلي ٿي ۽ پوءِ گرمي شروع ٿيندي آھي. مينھن جي موسم جون، جولاءِ کان شروع ٿيندي آھي. گرميءَ ۾ ٻنپھرن جو سج ڪاپار تي ھوندو آھي، جنھنڪري گرميءَ جو درجو وڌي ويندو آھي. جون جو مھينو سخت گرم ھوندو آھي. انھيءَ مھيني ۾ جيڪب آباد ۾ گرميءَ جو درجو 126 فارنهائيٽ ڊگرين تائين پھچي ويندو آھي. عام طرح اونھاري ۾ گرميءَ جو درجو 115 فارنهائيٽ ڊگريون ھوندو آھي. نومبر کان سياري جي مند شروع ٿي ويندي آھي. سياري ۾ ھوا اتر اڀرندي کان لڳندي آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن برسات به پوندي آھي.

ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ضلعا سامونڊي ڪناري سان لاڳو ھئڻ ڪري، اونھاري ۾ گھٽ گرم ۽ سياري ۾ گھٽ سرد ٿين ٿا. سرءَ جي رت تپاوليءَ ۽ پن ڇڻ جي رت ھوندي آھي ۽ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جا ڏھاڙا سرءَ ۾ شمار ٿيندا آھن. ھيءَ مند ڪڻڪ پوکڻ جي ھوندي آھي. سنڌ جي جدا جدا خطن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن وانگر گرميءَ توڙي سرديءَ جو درجو گھٽ وڌ به ٿيندو رھندو آھي.

حوالا

Tags:

ملڪ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

عالمگير ويبوبائي زڪامروشنيبين الاقوامي تنظيمآچرهٽلرظرفسنڌ جا تعلقافلپائنڪميونزم1842ءجنسي سنگنفسياتارنيسٽ ٽرمپ جو ترتيب ڏنل شاھ جو رسالوسنڌ صوبائي اسيمبليويٽنامگجراتي رسم الخطويب صفحوحسن درستاروسنڌ جي تاريخاسلامسنڌي ادباسحاق انصاريڊسمبربحري جھازویب برائوزرپاڪستان جي آزادي جو ڏينهنسماجي اڀياسججايڇ. ٽي. لئمبرڪمھاڀارتسر بروو سنڌيسنڌي ٻوليارههانٽرنيٽ مووي ڊيٽابيسرڍسنڌ تي ڌارين جون ڪاهونارتقاشڪاگوثميره زرينقاضي قاضن1949عترڪيبسوڍل فقيردم (ساھ جي بيماري)مادوبجلييونانآرمينيائي ٻوليديھ خاڻوٺبئنڪسنڌي ڪيلينڊرلعل شهباز قلندرجينت ريلواڻي1902عمتان نہ مڃينبحريناتر ڪوريا385ع🡆 More