بوھي مڱ

بوهي مُڱ: (Ground-nut) هيءُ نالي مڱ يا چڻا يا چئونرا سڏبا آهن، مگر آهي ٻي شيءِ.

هندستانيءَ ۾ ڪڏهن ان کي چيني بادام ۽ ڪڏهن موم ڦلي چوندا آهن. هي اصل الهندي آفريڪا يا ويسٽ انڊيز مان آيل آهن. هن جو وڻ نه ٿو ٿئي پر ول ٿي ٿئي. ان جي عجيب خاصيت اها آهي ته جيڪي ٻج جون ڦريون ڪري سي هڪدم پاڻ ئي زمين ۾ هڻي لڪائي ڇڏي، جتي پيون وڌن ۽ پچن. اها ول جون ۾ گل ڪري ٿي ۽ جنوريءَ ۾ سندس ڦريون کوٽي ڪڍندا آهن. هڪ هڪ ڦريءَ ۾ هڪ يا ٻه يا ٽي ڏنگا چئونرن يا پستن جهڙا داڻا ٿين ٿا. اهي ڪچا به کائبا آهن ۽ بوهي يا ڀُڃي به کائبا آهن. جڏهن ڦريون کوٽي ڪڍجن تڏهن پراڻيون وليون ناس ڪري ڇڏجن. ٻئي سال جي ٻج پوکڻ لاءِ وري ڪا زمين هٿ ڪجي. پوک ٻنيءَ وانگي ٿئي ٿي. ٻج فيبروريءَ ۾ پوکبو آهي. هن لاءِ زمين هلڪي وارياسي چڱي آهي. بوهي مڱ کي انگريزيءَ ۾ گرائونڊنٽ يا مانيلانٽ چوندا آهن. سنڌ جي اتر واري حصي ۾ ان کي مڱيرا به سڏيو ويندو آهي.

Peanut
بوھي مڱ
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Plantae
(unranked): Angiosperms
(unranked): Eudicots
(unranked): Rosids
ترتيب: Fabales
خاندان: Fabaceae
ذيلي خاندان: Faboideae
Tribe: Dalbergieae
نسل: Arachis
جنس: A. hypogaea
حياتياتي نالو
Arachis hypogaea
L.
بوھي مڱ
مڱيرا

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سوئيزرلينڊ1968عچرٻيسنڌ تي عربن جا حملاپاڻياٺڏور (ادب)ڪلاڪ1781عليپٽاپزراعتسوڊيئمگئانگشيپير الاھي بخشالڪنديروزگارالياس عليہ السلامحيدرآباد، سنڌدراوڙرياستڪمپيوٽر سائنستائيوانفوزيه سومرويمنملڪيتي سافٽ ويئرصمولانانگلينڊالاسڪاخود مختيار رياستن جي فهرستآذربائيجاني مناتموٽي ملندڙ راءِ7 ڊسمبروڪيپيڊيا زيروسعودي عربفنلينڊناولڪيميائي عملهٽلرمريخنازبوتاج جويوعلييونيسڪوحسابي سراسرينظميُورَپاخناتونڌرتيءَ جو ڏينھنيوناننسيم کرلڪھاڻيناروي🡆 More