هائيپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويج (انگريزي: Hypertext Markup Language، مخفف: HTML، اچار: ايڇ ٽي ايم ايل) هڪ اهڙي معياري ٻولي آهي، جيڪاويب سائيٽس ٺاهڻ جي لاءِ ڪم ايندي آهي ان سان گڏ جاوا اسڪرپٽ ۽ ڪيسڪيڊ اسٽائيل شيٽ سبب ويب سائيٽس کي وڌيڪ خوبصورتي ملندي آهي.
هن مضمون کي وڌيڪ حوالن جي ضرورت آهي ته جيئن حقيقتن جي تصديق ڪري سگهجي. |
انٽرنيٽ تي جيڪي به ويب صفحا نظر ايندا آهن اهي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ٺهيل هوندا آهن. ايڇ ٽي ايم ايل (HTML ) يعني Hyper Text Markup Language ڊاڪومينٽ کي ويب پيج پڻ سڏيو ويندو آهي.
ويب برائوزر عام طور تي ايڇ ٽي ايم ايل جا ڪوڊ حاصل ڪري ٿو ۽ انهن کي هڪ سهڻي نموني پيش ڪري ٿو.
ايڇ ٽي ايم ايل جا ڪوڊ ٽيگ جي ذريعي ڪم ڪن ٿا. جنهن ۾ ٻه ٽيگ هونديون آهن، پهرين شروعاتي ٽيگ ۽ ٻي آخري ٽيگ.
شروعاتي
ايڇ تي ايم ايل کي نوٽ پيڊ، نوٽ پيڊ پلس پلس يا ڊريم ويوور ۾ لکي سگھجي ٿو. ويب پيج ڏسڻ لاءِ ڪوبه ويب برائوزر جهڙوڪ انٽرنيٽ ايڪپلورر، گوگل ڪروم يا موزيلا فائرفاڪس ڪافي آهن. هونءَ به جڏهن اسان ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ڪوڊنگ لکندا آهيون ته دراصل اسان ويب برائوزر کي هدايتون ئي ته ڏيندا آهيون ته اسان جو ويب صفحي کي اهو ڪيئن ظاهر ڪري.
1992ع ۾ Tim Berners Lee ويب پيج متعارف ڪرايو ۽ 1995ع ۾ مائڪرو سافٽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو قدم رکندي انٽرنيٽ ايسڪپلورر متعارف ڪريو جنهن کان پوءِ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ وڏين وڏين ڪمپينين منجهه مقابلو شروع ٿيو. آپريٽنگ سسٽم مھيا ڪندڙ ڪمپنين جهڙوڪ مائڪرو سافٽ، ايپل، لينڪس وارن انٽرنيٽ پروٽوڪول جو سافٽويئر مفت ۾ محيا ڪيو. انٽرنيٽ پروٽوڪول جو پروگرام 1970ع ۾ Defense Advanced Research Projects Agency) DARPA) ايجاد ڪيو ۽ World Wide Web ان تي ئي بيهڪ رکي ٿي
ايڇ ٽي ايم ايل جا ٻيا ڪيترائي نسخا پڻ آهن جن ۾ DHTML, XML, SHTML مشهور آهن.
هن وقت دنيا ۾ 1.8 ارب ويب سائيٽس موجود آهن، جن جو بنيا ايڇ ٽي ايم ايل آهي.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article هائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويج, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.