يوڪرين

يوڪرين (انگريزي: Ukraine ) اوڀر يورپ ۾ واقع ھڪ خودمختيار ملڪ جو نالو آهي جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان يورپ ۾ روس کان پوءِ سڀ کان وڏو ملڪ آهي.

ان جون سرحدون اوڀر ۽ اتر-اوڀر ۾ روس سان، اتر ۾ بيلاروس سان، اولھ ۾ پولينڊ، سلوواڪيا ۽ ھنگري سان، ڏکڻ ۾ رومانيا ۽ مالدووا سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ ملڪ جي سامونڊي سرحد ڪاري سمنڊ ۽ ازوف سمنڊ تي واقع آهي. 2014ع ۾ روس ڪرائميا جي اپٻيٽ کي پنھنجي وفاق ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنھن تي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ سرحدي تڪرار جي شروعات ٿي بين الاقوامي برادري جي اڪثريت ڪرائميا کي يوڪرين جو حصو تسليم ڪري ٿي. ڪرائميا سميت يوڪرين جي ڪل پکيڙ 603٬628 km2 (233٬062 sq mi) آھي. ملڪ جي ڪل آبادي 2013 ۾ 4،45،73،205 ھئي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر خيو آھي. يوڪرين پھرين نومبر 1918 ۾ سويت سوشلسٽ ريپبلڪ ٿيو ۽ 22 جنوري 1919 ۾ سوويت يونين ۾ شامل ٿي ويو. 24 آگسٽ 1991 تي يوڪرين جي سوشلسٽ ريپبلڪ واري پارليامينٽ سوويت يونين کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو جنھن بعد پھرين ڊسمبر تي ريفرنڊم ذريعي يوڪرين جي عوام آزادي جي حق ۾ راء ڏني. آزادي ماڻن بعد يوڪرين جو آئين 28 جون 1996 ۾ نافذ ڪيو ويو جنھن تحت يوڪرين ھڪ وحداني رياست آھي جنھن ۾ نيم صدارتي نظام قائم ٿيل آهي.

يوڪرين

Ukraine
Flag of
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: Shche ne vmerla Ukraina
"يوڪرين اڃان قائم آھي"
مڪانيت  يوڪرين  (سائو) نقشو يورپ جو رنگ  (تيز خاڪي)  –  [Legend]
مڪانيت  يوڪرين  (سائو)

نقشو يورپ جو رنگ  (تيز خاڪي)  –  [Legend]

گادي جو هنڌ خيو
50°27′N 30°30′E / 50.450°N 30.500°E / 50.450; 30.500
دفتري ٻوليون يوڪريني
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
نسلي گروھ (2001)
  • 77.8% يوڪريني
  • 17.3% روسي
  • 4.9% باقي ٻيا ماڻهو
مقامي آبادي يوڪريني
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ
• صدر
ولاديمير زلينسڪي
• وزيراعظم
ڊينس شمايل
• پارليامينٽ جو چيئرمين
دميترو ڙازمڪوف
مقننه ورخاونا رادا
قيام
• خيويائي روس
882
• گاليشيا والھنيا
واري بادشاھت
1199
• ڪازڪ ھيٽمنيٽ
17 آگسٽ 1649
• يوڪريني قومي ريپبلڪ
7 نومبر 1917
• اولھ يوڪريني قومي ريپبلڪ
1 نومبر 1918
• يوڪريني سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ
10 مارچ 1919
• عوامي جمهوريه يوڪرائين
20 نومبر 1917
• روس کان آزادي
20 جنوري 2018
• عوامي جمهوريه اولھ يوڪرين
1 نومبر 2018
• سوويت يونين ۾ شموليت
22 جنوري 1919
•  آزادي جو اعلان
24 آگسٽ 1991
• آزادي لاء ريفرينڊم
1 ڊسمبر 1991
• موجوده آئين
28 جون 1996
پکيڙ
• جملي
603٬628 km2 (233٬062 sq mi) (46th)
• پاڻي (%)
7
آبادي
• 2013 اندازو
44,573,205 (29t)
• 2001 مردم شماري
48,457,102
•  گھاٽائي
73.8 /km2 (191.1 /sq mi) (115t)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2013 لڳ ڀڳ
• ڪل
$337.360 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$7,422
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2013 لڳ ڀڳ
• ڪل
$175.527 ارب ڊالر
يوڪرين
يوڪرين جو صدر ولاديمير زلينسڪي

آبادي

ملڪ جي %77.8 آبادي يوڪريني نسل وارن ماڻھن جي آھي. ٻئي نمبر تي %17.3 آبادي روسي نسل وارن، %0.8 روماني ۽ مالدوون، %0.6 بيلاروسي جي آهي ۽ باقي ٻين ۾ بلغاريائي، ھنگيري، ڪرائميائي تاتار ۽ ٻيا شامل آهن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي يوڪريني ٻولي آهي. آبادي جي غائب اڪثريت عيسائيت سان تعلق رکندڙ آهي. 2021ع ۾ %82 آبادي عيسائين جي ھئي جنھن م %72.7 آرٿوڊڪس، %8.8 يوناني ڪيٿولڪ چرچ، %2.3 پروٽيسٽنٽ سان تعلق رکندڙ ھيا. %0.2 سيڪڙو آبادي ۾ يھودي، مسلمان ۽ ھندو شامل ھيا. ملڪ جي %7 آبادي ملحدن جي آھي.

انتظامي ورھاست

ملڪ 27 حصن تي مشتمل آهي جنھن ۾ 24 اوبلاسٽ (صوبا)، ھڪ آٽونامس ريپبلڪ (ڪرائميا واري) ۽ ٻہ مخصوص درجي وارا شھر: خيو ۽ سيواستوپول شامل آهن. ملڪ جا 24 صوبا يا اوبلاسٽ ۽ ڪرائميا واري ريپبلڪ 136 رائيون (ضلعن) ۽ ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھن.

يوڪرين 
يوڪرين جا صوبا

اوبلاسٽ يا صوبن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. وَولِن اوبلاسٽ
  2. لِوِف اوبلاسٽ
  3. زاڪارپاتيا اوبلاسٽ
  4. فِرينڪِيوِسڪ اوبلاسٽ
  5. رَيوِن اوبلاسٽ
  6. تيرنوپل اوبلاسٽ
  7. چِيرنِوِتسِي اوبلاسٽ
  8. کَمَيلنِتسِڪِي اوبلاسٽ
  9. زيتومير اوبلاسٽ
  10. وينيتسيا اوبلاسٽ
  11. چَرنِيھِيو اوبلاسٽ
  12. خَيو اوبلاسٽ
  13. چيرڪاسي اوبلاسٽ
  14. سومي اوبلاسٽ
  15. پولتاوا اوبلاسٽ
  16. خارڪيف اوبلاسٽ
  17. لوھانسڪ اوبلاسٽ
  18. نائپراپيٽراوسڪ اوبلاسٽ
  19. دونيتسڪ اوبلاسٽ
  20. زائپورزيھا اوبلاسٽ
  21. ڪِرَووُوھَارڊ اوبلاسٽ
  22. مائڪولائف اوبلاسٽ
  23. اوڊيسا اوبلاسٽ
  24. خيرسون اوبلاسٽ

ڪرائميا وارو تڪرار

يوڪرين 
ڪرائميا واري تڪرار ۾ روسي فوج ۽ روسي حامين جي قبضي ھيٺ علائقا گلابي رنگ سان ڏيکاريل

فيبروري 2014 ۾ يانوڪوويچ جي ٻاھر ٿيڻ سان روسي صدر ولاديمير پيوٽن ڪرائميا کي روس سان ڳنڍڻ جي تياري ڪئي. 23 فيبروري تي سيواستوپول ۾ روسي بحري فوج جي اڏي وارن روسي فوجين کي حڪم ڏنو ويو تہ يوڪريني فوج کي غير مسلح ڪري خطي جو ڪنٽرول پنھنجي ھٿ ۾ وٺن. جنھن بعد 16 مارچ 2014 تي ڪرائميا ۾ تڪراري ريفرنڊم ڪرايو ويو جنھن ۾ 97 سيڪڙو ووٽرن روس ۾ شامل ٿيڻ جي حمايت ڪئي. 18 مارچ 2014 تي خود ساخته ريپبلڪ آف ڪرائميا ۽ سيواستوپول روس ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ان ريفرنڊم کي ناجائز قرار ڏيڻ جي قرارداد منظور ڪئي جنھن تحت يوڪرين جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪئي وئي.

تصويرون

حوالا

Tags:

يوڪرين آبادييوڪرين انتظامي ورھاستيوڪرين ڪرائميا وارو تڪراريوڪرين تصويرونيوڪرين حوالايوڪرينازوف سمنڊانگريزياوڀر يورپبيلاروسخيوروسرومانياسلوواڪيامالدوواپولينڊڪارو سمنڊڪرائمياھنگري

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

بازنطيني سلطنتجرمن ٻوليڇپائڻيهوديت22 فيبروريپرل هاربرڀارتڀڳونتي ناواڻيگرين هائوس19 جُولاءِ2020عسسئي پنهون جو داستانورجيس26 سيپٽمبرآبادي جي لحاظ کان ملڪن ۽ تابعداررياستن جي فهرستوائرسانسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجياڙيائي لپيٿيلساديس اباباروشنيجهان آرا (ناول)زڪواتسج گرهڻسامسنگنيوٽرانبجليءَ جو ڪرنٽڪينيڊا1988عڄڀٻInternational Standard Book Numberپيرسباغبان پرڳڻوعائشہجمھوريتايرانسائنسوڪي اسپيسيز1781عآسمانانسائيڪلوپيڊياآڪسيجن1902ع28 ڊسمبرنيروبيڪميونزمتھذيبڪرنگهي وارا جانورمارئيفحش فلموڪيميڊيا فائونڊيشنڏکڻ آمريڪاڊسمبر1162ع1896ءڪتو1915عپاڪستاني عام چونڊون 2024ڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرڇلڙوويب صفحوٻارن جا حق🡆 More