ولاديمير زلينسڪي

ولاديمير اليڪسيندرووچ زلينسڪي (انگريزي: Volodymyr Oleksandrovych Zelenskyy ) جنوري 1978ع ۾ پيدا ٿيو.

يوڪرين جو ھي مزاح نگار ۽ سياستدان 20 مئي 2019ع تي يوڪرين جو ڇھون صدر چونڊيو ويو. سياست ۾ اچڻ کان اڳ ھن قانون جي ڊگري حاصل ڪري پنھنجي پراڊڪشن جي ڪمپني ڪوارتل 95 جي نالي سان قائم ڪئي جنھن ذريعي فلمون، ڪارٽون، ٽي وي جا مزاحيه پروگرام ٺاھيا. مزاحيه پروگرامن ۾ ھن جو عوام جو خادم نالي شو مشھور ٿيو جنھن ۾ ھن يوڪرين جي صدر جو ڪردار ادا ڪيو. ان پروگرام جو سلسلو 2015ع کان 2019ع تائين جاري رھيو. سندس سياسي پارٽي عوام جي خادم تي نالو پڻ ان ٽي وي شو تان پيو. اھا پارٽي 2018ع م ان ڪوارتل 95 اسٽوڊيو جي ملازمن ٺاھي ھئي ۽ ان پارٽيءَ طرفان زلينسڪي صدارت لاء پنھنجي اميدواري جو اعلان 31 ڊسمبر 2018ع تي ڪيو. 2019ع جي صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺي %73.2 ووٽ حاصل ڪري يوڪرين جو صدر چونڊجي ويو.

ولاديمير زلينسڪي
ولاديمير زلينسڪي
سرڪاري پورٽريٽ 2019
يوڪرين جو ڇھون صدر
برسر منصب
دفتر سنڀاليو
20 مئي 2019
وزير اعظم ولاديمير گرائزمئن
اوليڪسي ھانچيرڪ
ڊنيس شماھائل
پيشرو پيٽرو پوروشينڪو
ذاتي تفصيل
پيدائش ولاديمير اليڪسيندرووچ زلينسڪي
جنوري 1978 (عمر 46 سال)
ڪرووئي راج, يوڪريني سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ, سوويت يونين
(ھاڻي: ڪروي راخ, يوڪرين)
سياسي جماعت آزاد
ٻيون سياسي
وابستگيون
عوام جي خادم (سياسي پارٽي) (2018- ھاڻي تائين)
جيون ساٿي علينه زلينسڪا ڪياشڪو (ش. 2003)
ٻار ٻچا
  • اليڪسيندرا
  • ڪيريلو
تعليم خيو نيشنل ايڪانامڪ يونيورسٽي (ڪروي راخ انسٽيٽيوٽ آف ايڪانامڪس)
ڪرت مزاح نگار، اداڪار، ھدايت ڪار، ڊراما نويس، فلم جو پروڊيوسر ۽ سياستدان
اھم ڪم ڪي وي اين
ڪوارتل 95 اسٽوڊيو
سواتي
سرونٽ آف پيپل
آفيس رومانس. اور ٽائيم
لو ان د بگ سٽي
رشيسڪي بمقابله نيپولين
مصروفيت وارا سال 1995–2019
دستخط ولاديمير زلينسڪي

ذاتي زندگي

زلينسڪي 25 جنوري 1978ع تي يوڪريني سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي شھر ڪروي راخ ۾ ھڪ يھودي خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏي سائمن آئوانووچ زلينسڪي سوويت يونين جي سرخ فوج جي ستونجاھين گارڊز موٽر رائفل ڊويزن ۾ ملازم ھيو. ٻين جنگ عظيم دوران ھولوڪاسٽ ۾ سائمن جو پيءُ ۽ ٽي ڀائر مارجي ويا زلينسڪي جو والد پروفيسر ھيو ۽ سندس ماء ريما زلينسڪا انجنيئر ھئي. پرائمري واري تعليم جي شروعات کان اڳ ھي چار سال منگوليا جي شھر اردنيت ۾ رھيو جتي سندس پيء نوڪري ڪندو هو 16 سالن جي عمر ۾ ھن ٽافل TOFEL جو امتحان پاس ڪيو ۽ کيس اسرائيل ۾ تعليم لاء اسڪالرشپ ملي پر کيس پيءُ وڃڻ نہ ڏنو. ھن ڪروي راخ انسٽيٽيوٽ آف ايڪانامڪس مان ۽ پوءِ نيشنل ايڪانامڪ يونيورسٽي خيو مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي پر ھن قانون جي شعبي کي اختيار نہ ڪيو. ھي يوڪريني، روسي ۽ انگريزي ٻوليون ڳالھائيندڙ آھي

مزاح نگاري

17 سالن جي عمر ۾ ھي ڪي وي اين واري مزاح نگاري واري ٽيم ۾ شامل ٿيو . ساڳي سال يعني 1995 ۾ ھن ڪوارتل 95 اسٽوڊيو قائم ڪيو. 2003 ۾ ان اسٽوڊيو يوڪريني ٽي وي چينل 1+1 جي لاء ٽي وي شو ٺاھڻ شروع ڪيا. 2008 ۾ ھن ھن فيچر فلم لَو اِن دِ بِگ سِٽي تيار ڪئي جيڪا ھڪ رومانٽڪ ڪاميڊي ھئي ۽ ان جو ٻيون حصو فلم لَو اِن دِ بِگ سِٽي 2 ۽ بعد ۾ ان جو ٽيون حصو لَو اِن وَيگاس جي نالي سان ٺاھيو. ان کان سواءِ ھن 2011 ۾ ھڪ فلم آفيس رومانس اَوَر ٽائيم جي نالي سان ۽ 2012 ۾ ھڪ فلم رشيسڪي بمقابله نيپولين نالي سان ٺاھي.

ولاديمير زلينسڪي 
زلينسڪي 2009 ۾ پراگ ۾

آگسٽ 2014ع ۾ ھن يوڪريني ثقافتي وزارت طرفان روسي فنڪارن تي پابندي لڳائڻ جي تياري جي خلاف آواز اٿاريو. 2015 ۾ يوڪريني حڪومت روسي فنڪارن ۽ روسي ثقافتي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏي

سياست

2018 م ھن جي فلم لو ان د بگ سٽي 2 تي يوڪرين ۾ پابندي لڳائي وئي سندس اسٽوڊيو جي ڪاميڊي شو عوامي خادم ۾ ھن جي يوڪريني صدر جي ڪردار کيس سموري ملڪ ۾ مقبول ڪري ڇڏيو. 2018 ۾ سندس اسٽوڊيو جي ملازمن سياسي پارٽي جو بنياد وڌو جنھن جو نالو عوامي خادم رکيو ويو. 31 ڊسمبر 2018 تي ھن صدارتي چونڊ لاء صدر جي اميدوار طور چونڊ مھم جو آغاز ڪيو ھن ڪامياب چونڊ مھم ھلائي. 31 مارچ 2019 تي صدارتي چونڊ وڏي اڪثريت سان کٽي ورتي.

حوالا

Tags:

ولاديمير زلينسڪي ذاتي زندگيولاديمير زلينسڪي مزاح نگاريولاديمير زلينسڪي سياستولاديمير زلينسڪي حوالاولاديمير زلينسڪيانگريزييوڪرين

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

24 نومبردولھ دريا خانبگو لائيوروسي ٻوليذوالحجآئرلينڊ جي سلطنتعوامي کاتوعملتوحيدنوابشاھجاندارقربان علي جهتياليُورَپتراويح جي نمازبيلاروسحق ۽ واسطا1580عڪوروناوائرس روڳ 2019حاجي فقير الله علويجمي ويلزڪوئيٽا ڊويزنآبادي جي لحاظ کان پاڪستان جي شهرن جي فهرستفرانسپشاور ڪينٽ ريلوي اسٽيشنشِوخيبر پختونخوافوجواراناسيڪمپيوٽر16 شوال896ع393عٽنڊو الهيار قلعوسارس ڪووي 2ڪي ٽولاڙ ريلوي اسٽيشن533عآپريشن طوفان الاقصي773عخضدار تحصيلادل سومرووتايو فقيرمڱريوڪوروناوائرس مها وبا بلحاظ ملڪ ۽ علائقو، 2019-20گوادارسوئيزرلينڊشاھ ڪريم بلڙيءَ واروچنڊ گرهڻپرڏيهي معاملن واري وزارت (پاڪستان)ساساني سلطنتڳُئي جڀخبرونڪاھو جو دڙوڊيرا غازي خان ڊويزنميڪسم گورڪيبئراجاياز قادري456ع320عاين اي-31 (پشاور-4)🡆 More