مالدووا

'مولدووا يا مالدووا (انگريزي: Moldova ) جو سرڪاري نالو جمهوريه مولدووا آھي.

اھو اوڀر يورپ جو خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي . ان جي اولھ ۾ رومانيا، اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ يوڪرين آھي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪشنئو آھي.

جمھوريه مولدووا

ريپبلڪا مولدووا
Flag of مولدووا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: "اسانجي ٻولي"
(انگريزي ٻولي: "اور لينگئيج")
يورپ ۾ مولدووا جو مقام (تيز سائو) ۽ ٽرانسنسٽريا (ھلڪو سائو)
يورپ ۾

مولدووا جو مقام (تيز سائو) ۽


ٽرانسنسٽريا (ھلڪو سائو)
جو مقاممولدووا
گادي جو هنڌ ڪشنئو
47°0′N 28°55′E / 47.000°N 28.917°E / 47.000; 28.917
دفتري ٻوليون روماني
ٻيون تسليم ڪيل ٻوليون
  • بلغارين
  • گاگئوز
  • يوڪرينيئن
رابطي جي ٻولي روسي
نسلي گروھ (2014; ٽرانسنسٽريا کانسواءِ) 75.1% مولدوون
7.0% رومانيائي
6.6% يوڪريني
4.6% گاگئوز
4.1% روسي
1.9% بلغارين
0.36% روماني
0.07% پول
0.89% ۽ ٻيا
مقامي آبادي مولدوون
حڪومت وحدانيپارلياماني آئيني ريپبلڪ
• صدر
مائيا سينڊو
• وزيراعظم
اوريلائيو سائيڪئائي
مقننه پارليامينٽ
قيام
• مولديويائي پرنسپلٽي
1346
• بيسريبيا گورنري
1812
• بيسريبيا ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ
15 ڊسمبر 1917
• رومانيا سان انضمام
9 اپريل 1918
• مولديويئن خودمختيار سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ
12 آڪٽوبر 1924
• مولديويئن سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ
2 آگسٽ 1940
• سوويت يونين کان آزادي جو اعلان
27 آگسٽ 1991b
• گڏيل قومن ۾ رڪنيت
2 مارچ 1992
• موجوده آئين
29 جولاءِ 1994
پکيڙ
• ٽرانسنسٽريا سميت
33٬846 km2 (13٬068 sq mi) (135th)
• پاڻي (%)
1.4 (ٽرانسنسٽريا سميت )
• ٽرانسنسٽريا کان سواءِ
29٬683 km2 (11٬461 sq mi)
آبادي
• 2019 اندازو
کم 2,681,735
(ٽرانسنسٽريا کانسواءِ ) (138th)
•  گھاٽائي
90.5 /km2 (234.4 /sq mi) (93th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$27.271 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$7,700
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$12.037 ارب ڊالر

نالو

مالدووا جو نالو مالدووا ندي تان ورتل آهي جنھن جي وادي ۾ مالدووا پرنسپلٽي قائم ٿي ھئي. اھو واضع ٿي نہ سگھيو آهي تہ ان ندي تي مالدووا نالو ڪيئن پيو. ھڪ روايت مطابق ھڪ شھزادي دراگوس جي ڪتي جو نالو مولدا ھيو جيڪو شڪار دوران ان ندي ۾ ٻڏي ويو ۽ شھزادي پوء ندي تي اھو نالو رکيو.

تاريخ

چوڏھين صدي عيسويءَ کان 1812ع تائين موجوده مالدووا جا اڪثر علائقا مالدووا جي پرنسپلٽي جا حصا رھيا ھيا جيڪا عٽماني خلافت کي خراج ادا ڪندڙ رياست ھئي. 1812 ۾ خلافت عثمانيه ۽ روسي ايمپائر وچ م بخارسٽ واري معاھدي ذريعي خلافت عثمانيه مالدووا واري پرنسپلٽي جا علائقا روسي ايمپائر جي حوالي ڪيا جيڪي بيساربيا واري گورنري جو حصو ٿي ويا. 1856ع ۾ ڏکڻ بيساربيا مولدووا کي واپس ملي ويو ۽ ٽن سالن بعد مولوووا يونائيٽيڊ پرنسيپلٽيز يعني رومانيا جو حصو ٿي ويو. 1878 م اھو سمورو علائقو وري روس جي اختيار ھيٺ اچي ويو. 1917 م روس ۾ انقلاب اچڻ بعد بيساربيا مختصر وقت روسي ريپبلڪ منجھ ھڪ خودمختيار رياست طور رھيو فيبروري 1918 ۾ مولدوويئن ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آزادي جو اعلان ڪيو ۽ ٻئي سال رومانيا م شامل ٿي وئي. مالدووا جي اسيمبلي جي ان فيصلي جي رشين سوويت فيڊريٽو سوشلسٽ ريپبلڪ مخالفت ڪئي. 1924 م يوڪرين سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ مان مولدويئن خودمختيار سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ اوڀر بيساربيا وارن مولدوويئن علائقن کي الڳ ڪري قائم ڪئي وئي. 1940 ۾ مولوٽوف ۽ ربنٽراپ معاھدي تحت رومانيا ان اڳ شامل ٿيل بيساربيا وارو حصو سوويت يونين کي واپس ڪيو جنھن کي مولدويئن خودمختيار سوشلسٽ ريپبلڪ سان شامل ڪري مولدويئن سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ قائم ڪئي وئي. 27 آگسٽ 1991 تي سوويت يونين جي خاتمي سان مولدوين سوشلسٽ ريپبلڪ آزادي جو اعلان ڪيو ۽ مولدووا جو نالو اختيار ڪيو. 1994ع ۾ مولدووا ۾ نئون آئين لاڳو ڪيو. ڊنيئسثر ندي جي اوڀر طرف مولدووا جو ھڪ حصو ٽرانسنسٽريا جي نالي سان 1990ع کان ظاھري طور تي ٽٽي علحده ٿي چڪو آهي.

سياسي نظام

مالدووا 
ڪشنئو ۾ واقع مالدووائي پارليامينٽ

مالدووا ھڪ وحداني پارليامينٽري نمائندگي واري جمھوري ريپبلڪ آھي. جنھن م 1994 وارو آئين لاڳو ٿيل آهي.

مالدووا 
ڪشنئو ۾ واقع صدارتي محل

ملڪ جو قانونساز ادارو ان جي پارليامينٽ آھي جيڪا ھڪ ايواني آھي جنھن جا 101 رڪن آھن جيڪي چئن سالن لاءِ متناسب نمائندگي واري ماڻھن جي ووٽ ذريعي چونڊبا آهن جن کي ڊپٽيز سڏيو ويندو آهي. صدر ملڪ جو سربراھ ھوندو آھي جنھن جي چونڊ پارليامينٽ جا گھٽ م گھٽ ٽي ڀاڱي چار رڪن ڪندا آهن صدر پارليامينٽ جي منظوري سان وزيراعظم کي مقرر ڪندو آهي جيڪو پڻ پارليامينٽ جي منظوري سان ڪابينه جوڙيندو آھي.

مالدووا 
مالدووا جي داخلي معاملن جي وزارت


پرڏيهي ناتا

مالدووا 
مالدووائي سياست جو اھم معاملو يورپي يونين تائين پھچ حاصل ڪرڻ آهي

سوويت يونين کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد ھن ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي يورپي ملڪن سان ناتا جوڙڻ، غيرجانبداري اختيار ڪرڻ ء يورپي يونين۾ ضم ٿيڻ واري خيال مطابق جوڙيو ويو آهي. 1995ع م ھن ملڪ کي ڪائونسل آف يورپ ۾ شامل ڪيو ويو. ھي ملڪ نيٽو جي امن م شراڪت واري پروگرام ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ جي ملڪ گڏيل قومن، آرگنائيزيشن فار سيڪيورٽي اينڊ ڪوآپريشن ان يورپ، نارٿ ائٽلانٽڪ ڪوآپريشن ڪائونسل، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ، ورلڊ بينڪ ۽ يورپين بئنڪ فار ريڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ جو پڻ رڪن آهي.

معيشيت

سوويت يونين کان علحده ٿيڻ بعد ان جي زرعي ء صنعتي پيداوار ۾ ڪمي اچڻ ڪري خدمتن جي شعبي م اضافو ٿيو اٿس جنھن جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ سٺ سيڪڙو تائين حصو آهي. يورپ م مالدووا جي معيشت تمام ڪمزور آھي ۽ انساني ترقي جي اشاريي جي شرح يورپي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي.

حوالا

Tags:

مالدووا نالومالدووا تاريخمالدووا سياسي نظاممالدووا پرڏيهي ناتامالدووا معيشيتمالدووا حوالامالدوواانگريزيرومانيايوڪرين

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

امام الدين مجدديسياستدانپنڊي گھيبموريتانيابرازيلابراهيممونھاڏو جماعدرياھعورت (ڪتاب)موسمجنطيانہآتم ڪهاڻيتاريخسقراطجين جيڪس روسوجاندارڏکڻ آمريڪادلي1117عشڪارپوري آچاراجرڪدنيا جي ٻولين جا اٺ ٻوليائي خاندانسنڌي ادب ۾ افساني جي اِرتقادڪاناسلاماليڪٽرانڪسترڪيکيرٿر جبلن جو سلسلودمشقفائل نالو جو واڌاروبل گيٽسبھائيتھاسيہ رسخروشتي اسڪرپٽضمير خالصڪائنات جو علموائيسيچيليسعالمي معياري ڪتاب نمبراسلامي موڪلونوبائي زڪامباليووڊھنديقومي راڄڌانين جي فهرستانجنيئرڱجدائيءَ جو گيتادبرام نواميھڏائون سرشتورني ڪوٽدوستيپيشوپنجاب، پاڪستانحجل بن عبد المطلبسلطنت برطانيااسمسماٽائٽمآسامميراليامر سنگھ چمڪيلاپاڪستاني رپيوبھيافسانوي ادبعمر ماروي (فلم)پھرين مھاڀاري جنگسنڌي ماڻھن جي فهرستمُک صفحو🡆 More