وولن اوبلاسٽ (انگريزي: Volyn Oblast) يورپ جي ملڪ يوڪرين جي ھڪ صوبي يا اوبلاسٽ جو نالو آهي جيڪو يوڪرين جي اتر اولھ ۾ واقع آهي.
ان جو صدر مقام لتسڪ شھر آھي. 2021 ۾ ھن صوبي يا اوبلاسٽ جي آبادي 1,027,397 ھئي.
وولن اوبلاسٽ Volyn Oblast | |||
---|---|---|---|
اوبلاسٽ | |||
وولنسڪا اوبلاسٽ | |||
| |||
ملڪ | يوڪرين | ||
صدر مقام | لتسڪ | ||
حڪومت | |||
• گورنر | Yuriy Pohuliaiko | ||
• وولن اوبلاسٽ ڪائونسل | 64 seats | ||
• چيئرپرسن | Ihor Palytsia (UKROP) | ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 20,144 ڪ.م2 (7,778 ميل2) | ||
پکيڙ ۾ درجو | پکيڙ ۾ 20 نمبر اوبلاسٽ | ||
آبادي (2021) | |||
• ڪل | 1,027,397 |
ڪنھن دؤر ۾ وولن خيويائي روس جو حصو ھوندو ھو بعد م علائقي ۾ ھڪ الڳ پرنسپلٽي ۽ پوءِ ھاليخ وولينيا جو اڻٽٽ حصو ٿي ويو. پندرهين صدي عيسويءَ ۾ لٿوانيائي گرينڊ ڊچي جو حصو رھيو ۽ پوء 1569ع ۾ ۽ ٻيھر 1795ع کان پھرين جنگ عظيم تائين پولينڊ جي قبضي ۾ رھيو ۽ پوء روسي ايمپائر جي قبضي ۾ آيو پر وري پولينڊ جي زير اثر رھيو. 1939 ۾ سوويت يونين ۽ نازي جرمني ۾ مولوٽوف ربنٽراپ پيڪٽ کان پوءِ نازي جرمني پولينڊ تي حملو ڪيو تہ سوويت يونين بہ اڳتي وڌي آيو. ھي علائقو سوويت يونين جي قبضي ۾ آيو جنھن مان 4 ڊسمبر 1939ع تي وولن اوبلاسٽ قائم ڪري ان کي يوڪرين جو حصو بڻايو ويو
يوڪرين سان انضمام تي يوڪريني نسل وارا ما0ڻھو تہ سرھا ٿيا پر اتان جي پولش اقليت نتيجا ڀوڳيا. انھن جا رٽائرڊ ملازم ۽ پڙھيل لکيل ماڻھو سائبيريا منتقل ڪيا ويا جن مان اڪثريت روسي ڪيمپن ۾ موسمي سختين سبب مري ويا. 1941ع ۾ وولن تي نازي جرمنيءَ قبضو ڪيو. نازين ھتي يھودين جي نسل ڪشي ڪئي. جنوري 1944ع ۾ سرخ فوج ھن اوبلاسٽ وارو علائقو نازين کان واپس کسيو. ٻين جنگ عظيم کان جلد پوء پولينڊ ۽ سوويت يونين جي سرحد جو نئين سر تعين ڪيو ويو جنھن کي ڪرزن لائين جو نالو ڏنو ويو. وولن کي پاسي وارن اوبلاسٽن سميت يوڪريني سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو اڻٽٽ حصو بڻايو ويو.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article وولن اوبلاسٽ, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.