ڪاڪٽس

ڪاڪٽس نالي واريءَ ذات ۾ گهڻن ئي قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا داخل ٿين ٿا، جن جي مکيه جاءِ آمريڪا آهي، پر هاڻي هندستان ۾ به گهڻا ٿا ٿين.

هي جهنگلي به ٿيندا آهن. هنن کي گهڻي اُس ۽ گهڻي گهم نقصان پهچائيندي آهي. جڏهن هي وڌڻ ۾ هجن تڏهن پاڻي ڏجين، نه ته بس. زمين چن واري گهرجين. هن قسم جا وڏا وڻ به ٿيندا آهن. انهن جي پاڙ ۾ چن، سرن جا ٽُڪر ۽ گچ جو ڪچرو وجهڻ گهرجي ۽ وهندڙ پاڻي ڏجي. هي وڻ اهڙا ڏاڍا آهن، جو ٽاريءَ جو ٽڪر وڍي ڪٿي به هڻبو ۽ پاڻي ڏبس، ته لڳي ويندو. هن جا ولايتي قسم تمام چڱا ٿيندا آهن. هن ذات جي وڻن کي ڇانَو وڌيڪ پسند آهي.

هن جي قسمن مان هڪڙو ته اهو آهي جنهن کي نانگ ڦڻ يا نانگ ڦڻي ٿوهر به چون ٿا. انهيءَ جو اشارو اسان ٿوهر هيٺ ڏنو آهي. انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ اوپنشيا يا پِرِڪلي ڪاڪٽس (يعني ڪنڊن وارو ڪاڪٽس)، يا انڊين فِگ (يعني هندي انجير) چون ٿا. ٻيو هن جو قسم آهي، جنهن کي ٽرڪس ڪيپ (يعني ترڪي ٽوپي) يا ميلو ڪاڪٽس (يعني گدري جهڙو ڪاڪٽس) چون ٿا. ٽيون قسم آهي جنهن کي نِپل ڪاڪٽس (يعني بُبي جهڙو ڪاڪٽس) چون ٿا، جو انهن ۾ جانورن جي ٿڻن جهڙيون نليون رهن ٿيون، جن جي وچ ۾ گل نڪرندا آهن.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

63عجاگرافيتيونسٺري ميرواههحويليان ريلوي اسٽيشننستعليق خطآمري جو دڙوپاڪستانادبمُک صفحوڪويتلوڪ گيتڪمپيوٽرآتم ڪهاڻيگني بسائوموريشسآفريڪاوڪي ڊيٽامدرسوپي ايس-40 (سانگهڙ-1)مراڪشپروليجنيواسعودي عرب جا صوبااسرائيلڪشنچندببر شينهنتھذيبڪوموروسڌرتيءَ جو ڏينھنزيبراخلافت تحريڪ2003عملڪنائيجربزم ادبموبائل فوناداره ادب نو حيدرآبادڄام تماچيعوامي کاتوسلطنت خميرعورتن جو عالمي ڏينهنجارج اسٽيڪجيمس آئوٽرامريلوي آمدورفتخاصخيليامجد صابريڪارسنڌي ماڻھن جي فهرستمنٺار فقير راڄڙاڀ ساھيشاهه جو رسالويوٽيوبمضمون (ادب)برڪینا فاسوجھرڪيجين جيڪس روسووڪيميڊيا ڪامنز🡆 More