پارليامينٽري سسٽم يا پارلياماني نظام(انگريزي: parliamentary system) خودمختيار رياست جي حڪومت جو جمھوري نظام ھوندو آھي جتي انتظامي حڪومت جمھوري استحقاق پارليامينٽ جي تائيد سان حاصل ڪندي آھي ۽ پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندي آھي.پاريامينٽري سسٽم ۾ رياست جو سربراھ ۽ حڪومت جو سربراھ الڳ الڳ ھوندا آھن.
اھو ھن نظام جي ۽ صدارتي نظام ۾ فرق ھوندو آھي . صدارتي نظام ۾ رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ساڳيو ھوندو آھي ۽ انتظامي حڪومت جمھوري استحقاق پارليامينٽ کان ناھي وٺندي. پارلياماني جمهوريت وارا ملڪ آئيني بادشاهت وارا بہ ٿيندا آهن جنھن ۾ رياست جو سربراھ بادشاھ ھوندو آھي ۽ حڪومت جو سربراھ وري پارليامينٽ مان ٿيندو آهي . آئيني بادشاهت وارن ملڪن ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم، ڊينمارڪ،سوئيڊن ۽ جاپان شامل آهن. جتي آئيني بادشاهت ناھي اتي رياست جو سربراھ صدر ھوندو آھي.اھڙن ملڪن ۾ پاڪستان، انڊيا، جرمني،اٽلي، آئرلينڊ. ڪجهه پارليامينٽري سسٽم يا پارلياماني نظام وارا ملڪ اھڙا آھن جتي رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ساڳيو آهي پر اھو پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندو آھي.انھن ملڪن ۾ بوٽسوانا، ڏکڻ آفريڪا ۽ سري نام شامل آهن.
|
.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article پارليامينٽري نظام, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.