يوروشيا: کنڊُ

يوريشيا(انگريزي: Eurasia ) ڌرتي تي سڀ کان وڏي زميني ٽڪري جو نالو آهي جيڪو يورپ ۽ ايشيا کنڊن تي مشتمل آهي ان جو محل وقوع زمين جي اترئين ۽ اوڀر واري زميني اڌ گول ۾ آهي.

ان جي اولھ ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ پيسيفڪ سمنڊ، اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ ۽ ڏکڻ ۾ ميڊيٽرينئن سمنڊ، آفريڪا ۽ ھندي سمنڊ واقع آھن يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ ورھاست طبعي ناھي پر اھا تاريخي سماجي تعمير جي بنياد تي ٿيل آھي. علم الارض مطابق يوريشيا ڌرتي جو ھڪ وڏو اڪيلو وڏو ٽڪرو آھي يورپي روايت موجب يورپ ۽ ايشيا کي ٻن الڳ کنڊَن طور تصور ڪندا آهن، جيڪي ايجئين سمنڊ، در دانيال، باسفورس وارو سامونڊي لنگھ، ڪيسپيئن سمنڊ، ڪوھ قاف، ڪيسپيئن سمنڊ، يورال ندي ۽ ڪوھ اورال يا ڪوھ يورال وسيلي هڪٻئي کان الڳ ٿيل آهي، پر ڪُجهہ جاگرافيائيدان يورپ ۽ ايشيا کي هِڪُ ئي کنڊُ سڏين ٿا، جنھن کي يوريشيا چيو ويندو آهي. يوريشيا جي پکيڙ 55٬000٬000 ڪلوميٽرزچورس (21٬000٬000 sq mi) آھي جيڪا ڌرتي جو لڳ ڀڳ %36.2 آھي. ان جي زمين تي اٽڪل 5 ارب ماڻھو رھن ٿا جيڪي سموري ڌرتيءَ جي آبادي جو %70 آھن. ھڪ اندازي مطابق يوريشيا ۾ انساني آبادي جي شروعات 60000 کان 125000 سال اڳ ٿي ھئي. يوريشيا جي ٻيٽن ۾ جپان ، برطانيا، انڊونيشيا، سري لنڪا، تائيوان، آئرلينڊ، مالٽا، سسلي، فلپائينز وارا ٻيٽ شامل آهن. طبعي جاگرافي مطابق يوريشيا ھڪ الڳ زمين جو کنڊ آھي. يورپ ۽ ايشيا جي منفرد زميني کنڊن جا تصور ڪلاسيڪي دؤر (800 کان 600 ق م تائين وارو دور) جيترا قديم آھن ۽ انھن جي وچ ۾ سرحدن جو تعين جاگرافيائي ضرورت جي بدران انساني من پسندي واري طريقي سان ڪيو ويو. قديم دؤر ۾ ڪاري سمنڊ ۽ مرمارا سمنڊ ۽ انھن سان ملندڙ سامونڊي لنگھن واري ھنڌ کي يورپ ۽ ايشيا وچ ۾ سرحد سمجھيو ويو، پر موجوده دؤر چ۾ يورال جبلن ۽ ڪوھ قاف جبلن جي قطارن کي ٻنھي کنڊن وچ واري سرحد سمجھيو وڃي ٿو. يوريشيا سوئيز ڪئنال واري جاء تان آفريڪا سان ڳنڍيل ھيو ۽ ان وقت ايفرويوريشيا سڏبو ھو جيڪو ان وقت ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو کنڊ ھيو پر بعد ۾ سوئيز ڪئنال جي کوٽائي بعد آفريڪا يوريشيا کان ڌار ٿي ويو ڌرتي جي سڀ کان وڏي ٽڪري ھجڻ ڪري يوريشيا ۾ ڌرتي جي ھر موسم موجود رھي ٿي.

يوريشيا
يوروشيا: کنڊُ
پکيڙ 55٬000٬000 km2 (21٬000٬000 sq mi)
آبادي 5,360,351,985 (As of 16 آڪٽوبر 2019)
گھاٽائي 93 /km2 (240 /sq mi)
آبادي جي سڃاڻپ يوريشيئن
يوريشيائي
ملڪ 93 ملڪ
ماتحت علائقا 9 ماتحت علائقا
ٽائيم زون UTC−1 to UTC+12

حوالا

سانچو:ايشيائي عنوان موضوع

Tags:

آرڪٽڪ سمنڊآفريڪاانگريزيايشياايٽلانٽڪ سمنڊميڊيٽرينئن سمنڊيورپپيسيفڪ سمنڊڪارو سمنڊ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ترڪمانستان2002ع2020عانڊونيشيا1568عزپوريزيانيلم نديانساني حقن جو عالمي پڌرناموعجب جي نشانيفارسي ٻوليچليلغت نويسي11 شوالسَنت آسودارامسرمائي-ڪنڌ ڀوريمسلم اسپينعربي ٻوليهفتي جا ڏينهنعَمان1655عشارڪهائوس آف ڪامنز يونائيٽيڊ ڪنگڊمافسانو1ڀاڳو ڀانڪوروناوائرس روڳ 2019افغانستانعوامي کاتومحمدسنڌي نالااوشوجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)ورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪٺري ميرواھ تعلقونڪوٽينآذربائيجاني ٻوليسوفي جي دنياڪل قومي پيداواربرف19 ڊسمبرڀڳوت گيتالقبايوب کوسو (شاعر)ابو الفضل بيھقيبشير احمد رندمريد جت9 ربيع الاولشيعہاتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيمڪلهوڙا شاهي گهراڻو203عڪمپيوٽرعلي رضا سولنگيڪوموروسآڪٽوبرسنڌي وڪيپيڊيايمنسيد گاجي شاهه🡆 More