سانچو:Redirect2
بگھڙ Temporal range: Middle Pleistocene – present (810,000–0 years BP) | |
---|---|
Eurasian wolf (Canis lupus lupus). | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Canis |
جنس: | Template:Taxonomy/Canis{. lupus |
حياتياتي نالو | |
Canis lupus Linnaeus, 1758 | |
Subspecies | |
refer Subspecies of Canis lupus | |
Historical (red + green) and modern (green) range of wild subspecies of C. lupus |
بگھڙ (انگريزي:Wolf) ھڪ جھنگلي جانور آھي. بگھڙ کي سنڌي ۾ ناهر پڻ چوندا آهن.
ٻيا نالا؛ نهر/ بَگهَڙُ / بَگهيڙُ
نمبر شمار | سنڌي نالو | انگريزي نالو | سائينسي نالو |
---|---|---|---|
1 | بگھڙ / ناهر | Wolf / Grey/Gray Wolf Or Timber Wolf | Canis lupus |
سنڌ ۾ ملندڙ ڀورو بگھڙ جسم ۾ سوا ٽن کان پنج فٽ ڊگھو ٿئي ٿو. بج دار پڇ ڏيڏ فٽ کن هوندس اٿس. بگھڙ قد ۾ اٽڪل ٻه فٽ ٿئي ٿو، مادي جو قد ڪجهه ننڍو هوندو آهي. ڏسڻ ۾ السيش ڪتي (جنهن کي جرمن شيفرڊ German Shepherd به چئجي ٿو) Canis Familieris جھڙو آهي. پر بگھڙ ۽ السيش ۾ ٻه ٽي واضح فرق آهن. پهرين اها ته السيش جا ڏند بگھڙ جي ڀيٽ ۾ ننڍا ٿين ٿا ۽ ٻيو اهو ته السيش جو مغز بگھڙ کان 35 سيڪڙو ننڍو هوندو آهي ۽ ٽيون ته بگھڙ جي اکين ۾ وحشت هوندي آهي.سنڌ ۾ بگھڙ جو رنگ سرمائي اوٺي، پيٽ هلڪو ڀورو، ڪنن جي پويان حصا ڳاڙهسرا بادامي هيڊا ٿين ٿا. چپ ۽ مهاڙون ڪاريون ٿين ٿيون.
نمبر شمار | پيمانو | نر | مادي |
---|---|---|---|
1 | وزن | 25 کان 30 ڪلو گرام | 22 کان 25 ڪلو گرام |
2 | منڍي کان پڇ تائين ڊيگھ | 105 کان 160 سينٽي ميٽر | - |
3 | پڇ | 29 کان 50 سينٽي ميٽر | |
4 | ڪن | 90 کان 110 ملي ميٽر |
بگھڙ گھڻو ڪري رات جو نڪرندو آهي. ۽ ڏينهن جو ڏرڙ ۾ گذاريندو آهي. بگھڙ ٽولي ۾ شڪار ڪندو آهي. انهن جي ٽولو 12 کان 18 بگھڙن تي مشتمل هوندو آهي.ان ٽولي کي ست بگھاڙي چئبو آهي. پر جئين ته سنڌ ۾ بگھڙ جي آبادي تمام گھٽجي وئي انڪري بگھڙ رات جوڙي ۾ نڪرندا آهن. جڏهن حملو ڪرڻ جي نيت هوندي اٿس تڏهن ڪنڌ هيٺ ڪري هلندو آهي. پٺيءَ جا وار اُڀا۽ پچ زمين سان متوازي سڌو ٿي ويندو اٿس. ماڻهن کي اڪيلو حملو ڪري سگھي ٿو پر جيڪڏهن ماڻهو حرڪت نه ڪري ۽ پٿر ٿي بيهي رهي ته حملو ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو. هونئن تمام ڪامياب شڪاري جانور آهي. غول ٺاهي پري پري تائين پيا ڦرندا آهن. ۽ هڪٻئي سان رابطي لاءِ اونائين ذريعي ڪندا آهن. سندن اونائيون 10 ڪلوميٽرن تائين ٻڌبيون آهن. ڪَن تمام سرلا ۽ نڪ تيز اٿن. هي لومڙي وانگر موقعي پرست جانور آهي ۽ هي ڪوئن کان وٺي هرڻن تائين گهڻو ڪجهه شڪار ڪندو آهي. گڏجي سڏجي پاڻ کان ڏهوڻو وڏو جانور به ڊاهي سگھن ٿا.
هي عمر ڀر لاءِ جوڙو ٺاهيندا آهن. هن جي مادي هر سال ٻچا ڏيندي آهي. مادي بگھڙ 61 کان 63 ڏينهن ٻچو پيٽ ۾ رکندي آهي. هڪ وقت ۾ هڪ کان وٺي يارنهن گلر يا ٻٺڙا ڄڻي ٿي. اهو ٻچو پنجن مهينن ۾ شڪاري ٽولي ۾ شامل ٿي ويندو آهي.
ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article بگھڙ, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.