پالڪ

پالڪ (Spinach) (سائنسي نالو: Spinacia oleracea) هڪ کاڌو ويندڙ گلن وارو ٻوٽو آهي۔ هيءَ هڪ قسم جي سبزي يا ترڪاري آهي، جيڪا سرديءَ جي مند ۾ ٿيندي آهي، پالڪ ۾ وٽامن اي، بي، سي، نمڪيات، لوهه ۽ ڪئلشيم گهڻي انداز ۾ موجود آهي.

پالڪ جي ڪِن قسمن جو اصل وطن عربستان چيو وڃي ٿو.

Spinach
پالڪ
Spinach in flower
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Spinacia
جنس: Template:Taxonomy/Spinacia{. oleracea
حياتياتي نالو
Spinacia oleracea
L.
پالڪ
پالڪ

پالڪ کي انگريزيءَ ۾ اسپناج ۽ فارسيءَ ۾ اسپناج يا اسفناج چوندا آهن. هن جا ٻه قسم آهن. هڪڙيءَ جو ٻج چهنبيارو ۽ پن ٽڪنڊا ٿيندا آهن ۽ ٻئيءَ جو ٻج لسو ۽ پن گول ٿيندا آهن. هيءَ مشهور سائي ڀاڄي آهي. هن جا پن ساڳ وانگي ٻوڙ ۾ ڪم ايندا آهن. هيءَ آڪٽوبر ۽ نومبر مهيني ۾ پوکڻ گهرجي. ڇَٽ به ڪندا آهن ۽ چرين ۾ به پوکيندا آهن. جي چريون ڪجن ته وچ ۾ هڪ فوٽ جي وڇوٽي رکجين ۽ چئن چئن انچن تي چونگي يا ٻج جو داڻو هڻجي. پالڪ چانوري ۾ چڱي ٿيندي آهي، زمين ڀلي گهرجي ۽ پاڻي مُئو. ڪچيءَ ۾ هن کي اڪثر جهرڪيون نقصان رسائينديون آهن، تنهنڪري ڄاري وجهي ڇڏجيس. هن جو انگريزي ٻج به ايندو آهي، جنهن جي لاءِ ته ايتري سنڀال گهرجي نه ته ڏيهي ٻج ته پڙن ۾ عام پوکبو آهي.

تاريخ

روايت آهي ته جڏهن عربن اسپين فتح ڪيو ته پالڪ ان ملڪ ۾ پهچي وئي ۽ پوءِ ٻين ملڪن ۾ پکڙي. پالڪ جا ٻه قسم مشهور آهن. هڪڙي ولائتي پالڪ، جنهن جا پن وڏا گول ۽ ڳاڙهسري رنگ جا ٿين ٿا. پالڪ جو هيءُ قسم سڄو سال پوکجي ٿو ۽ پيداوار گهڻي ڏيندو آهي. پالڪ جو ٻيو قسم سنڌي يا ڪلڇڻ پالڪ آهي، جيڪا فقط سياري جي موسم ۾ ٿيندي آهي. هن قسم جي پالڪ جا پن ننڍا چهچ سائي رنگ جا ٿيندا آهن. ديسي پالڪ فقط ربيع جي موسم ۾ پوکي ويندي آهي. سنڌ ۾ پالڪ سادي به رڌبي آهي ته بِهن، پٽاٽن ۽ گوشت سان گڏ به رڌبي آهي. سيئل مڇيءَ ۾ به پالڪ وجهبي آهي.

طب ۾

طبي لحاظ کان هيءَ جلد هضم ٿيندڙ ۽ تاثر ۾ ٿڌي آهي. گرم ۽ خشڪ طبيعت وارن لاءِ وڏي فائديمند آهي. تجربن کان پوءِ معلوم ٿيو آهي ته پالڪ ۾ فولاد ۽ ڪئلشيم جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن سان جسم جا هڏا مضبوط ٿين ٿا. پالڪ رت وڌائڻ لاءِ بهترين غذا آهي.

حوالو

حوالا

Tags:

پالڪ تاريخپالڪ طب ۾پالڪ حوالوپالڪ حوالاپالڪ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سنڌي ادبهندوڌرمآسٽرياتپنوشهرو فيروز ضلعوننجاعيدي امينانساني حقانڌا اونڌا ويڄارسطوگڏيل بادشاھتکيرائين واٽ ڪهڪشانضمير1869عڌر مشاهداتي اُپگرههلکتبرابر عالمي وقتبدر جي جنگاحمد آباد (انڊيا)سر يمن ڪلياڻشيخ ايازاڇي مکسامواعالمي ورثو ماڳبارسلونا2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملوسنڌي ٽوپيوڪيپيڊياڄام تماچيريل گاڏياکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀاآئينi5v5pفريڊرڪ اينگلسفاطمي خلافتمرزا قليچ بيگرياضيآپريشن طوفان الاقصيامام غزالينئين سال جي شاممھيش لالواڻيامام بخاريبرنارڊ آرنالٽميري ڪيوري26 شعبانجي ميلزيب سنڌيونگو (علائقو)آرتميسسنڌ حڪومتسنڌي سنيمااَنبِڙِيسسئي پنهون جو داستانمارڪسي فلسفوجوڏکڻ اوڀر ايشيا27 ڊسمبرعبدالقادر جوڻيجوسنڌي ٻوليسنڌو ماٿري جي تهذيبپنجاب، ڀارتڪمبوڊيا🡆 More