ڪيپ ورڊي

ڪَيپ وَرڊَي(انگريزي: Cape Verde ) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ڪيبو ورڊي آھي وچ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ واقع ٻيٽن وارو ملڪ آهي.

ان جي ڏھن مٿاھن وڏن ٻرندڙ جبلن وارن ٻيٽن جو ميڙ جي گڏيل پکيڙ 4033 چورس ڪلوميٽر آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ پرائيا شھر آھي جيڪو سانتياگو ٻيٽ جي ڏاکڻي ڪناري تي واقع آهي. ھي ملڪ آفريڪا کنڊ ۾ ان جي اولھ طرف سمنڊ م واقع آخري ملڪ آھي. اھو ميڪرونيشيا جو پڻ حصو آهي. ھي ملڪ آفريڪي يونين جو رڪن آهي.

ڪَيپ وَرڊَي

ريپبلڪا ڊي ڪابو ورڊي (ڪيپ ورڊيئن ڪريئول)
Flag of ڪيپ ورڊي
{{{coat_alt}}}
جھنڊو سرڪاري نشان
شُعار: 'سنڌي: "اتحاد، محنت، ترقي "
ترانو: Cântico da Liberdade  (پورچوگيزي)
(سنڌي: "آزادي جو نعرو")
ڪيپ ورڊي
ڪيپ ورڊي
گادي جو هنڌ پرائيا
14°55′N 23°31′W / 14.917°N 23.517°W / 14.917; -23.517
دفتري ٻوليون پورچوگيزي
تسلیم ٿيل قومي ٻولي ڪيپ ورڊيئن ڪريئول
مذهب
  • 85.3% عيسائيت
  • —77.3% ڪيٿولڪ مذھب
  • —8.0% ٻيا عيسائي مذھب
  • 10.8% لامذھب
  • 3.9% باقي ٻيا مذھب
مقامي آبادي ڪيپ ورڊيئن يا ڪيپ ورڊيائي
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ
• صدر
جورج ڪارلوس فونسيڪا
• وزيراعظم
يوليسز ڪوريئا اي سلوا
مقننه قومي اسيمبلي
قيام
• پورچوگال کان آزادي
5 جولاءِ 1975
• ڪثيرالجماعت نظام
13 جنوري 1990
پکيڙ
• جملي
4٬033 km2 (1٬557 sq mi) (166th)
• پاڻي (%)
نہ جھڙو
آبادي
• 2016 اندازو
539,560 (172nd)
•  گھاٽائي
123.7 /km2 (320.4 /sq mi) (89th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.323 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$7,728
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.042 ارب ڊالر

ملڪ جو نالو

ھن ملڪ جو ڪيپ ورڊي نالو سينيگال جي سامونڊي ڪناري تي واقع اپٻيٽ جي نالي ڪيپ ورٽ تان رکيو ويو پورچوگيزي سيلانين ھن ٻيٽن جي دريافت بعد ان تي ڪيبو ورڊي نالو رکيو جنھن جي معنيَ ھئي سائي ڪيپ. سائي جو مطلب سرسبز آھي ۽ ڪيپ جو مطلب سمنڊ ۾ مٿاھون جاگرافيائي زميني علائقو آهي. 24 آڪٽوبر 2013 تي ھن ملڪ جي گڏيل قومن ۾ نمائندگي ڪندڙ وفد پڌرائي ڪئي تہ ملڪ جو نالو ريپبلڪ آف ڪيبو ورڊي آھي ۽ ان کي ڪيپ ورڊي نہ سڏيو وڃي

تاريخ

ڪيپ ورڊي 
ڪيپ ورڊي ٻيٽ (1598)

يورپين جي آمد کان پھريان ھي ٻيٽ غيرآباد ھئا. انھن کي جينوا وارن ۽ پورچوگيزي جھازرانن 1456ع جیي لڳ ڀڳ دريافت ڪيو. پورچوگيزي سرڪاري رڪارڊ مطابق پھريون دفعو انھن ٻيٽن کي جينوا شھر ۾ ڄاول انتونيو ڊي نولي نالي جھازران دريافت ڪيو جنھن کي پورچوگال جي بادشاھ افونسو پنجين ڪيپ ورڊي جو گورنر مقرر ڪيو. ٻيا جھازران جن انھن ٻيٽن جي ميڙ جي ٻين ٻيٽن کي دريافت ڪيو انھن ۾ ڊيئوگو گومز شامل ھيو جيڪو انتونيو ڊي نولي سان گڏ ھيو ۽ اھو پھريون دفعو سانتياگو ٻيٽ تي پھتو. پورچوگيزين 1462ع ۾ سانتياگو ٻيٽ کي آباد ڪري ربيئرا گرينڊي نالي يورپي ڪالوني جو بنياد وڌو.

ڪيپ ورڊي 
منڊيلو کان مائونٽ ڪارا جو منظر

سورھين صدي عيسوي ۾ ھن ملڪ اينٽلاٽڪ سمنڊ واري غلامن جي واپار مان خوشحالي ماڻي ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي ڌاڙيل پورچوگيزي آبادين تي حملا ڪندا ھيا. ھڪ انگريز فرينڪ ڊريڪ جي ٻيڙن 1585ع ۾ ٻہ دفعا ھن ملڪ جي شھر ربيئرا گرينڊي کي لٽيو جڏھن ھي ملڪ ابيرين يونين (پورچوگال ۽ اسپين جي اپٻيٽ واري يونين) جو حصو ھيو. 1712ع ۾ فرانس جي حملي بعد ربيئرا گرينڊي شھر زوال پذير ٿي ويو ۽ 1770ع ۾ پرائيا شھر ھتان جو گاديءَ جو هنڌ بڻيو . اڻويھين صديءَ ۾ غلامن جي واپار جي زوال کان پوء معاشي بحران جنم ورتو ۽ ھتان جي خوشحالي پڻ زوال پذيري بعد ختم ٿي وئي. ٻيٽن جو اينٽلاٽڪ سمنڊ اندر مقام اھميت وارو ھجڻ جي ڪري وري خوشحالي ڪر کنيو. بحري جھازن جا لنگھ ڀرسان ھجڻ ڪري جھاز ساھي پٽڻ لاء ھتي لنگر انداز ٿيڻ شروع ٿيا. ھتان جي ٻيٽ سائو وسينٽ جي منڊيلو شھر جي بندرگاھ مصروف بندرگاھ ۽ اوڻويھين صديءَ جو ھڪ اھم واپاري مرڪز ٿي وئي مشھور سفارتڪار ايڊمنڊ رابرٽس 1832ع ۾ ڪيپ ورڊي جو چڪر لڳايو ھو. چارلس ڊارون پنھنجي مشھور بحري سفر ۾ پھرين ساھي 1832ع ۾ ھن ملڪ جي ٻيٽ تي ڪئي ھئي .


ڪيپ ورڊي 
اناج جو جھاز گارٿ پول جيڪو 1828ع ۾ بوئاوستا، ڪيپ ورڊي لڳ ٻڏي ويو هو

قدرتي وسيلن جي اڻاٺ ۽ پورچوگيزي سيڙپ ۾ عدم دلچسپي ڪري ھتان جا ماڻھو پورچوگيزي تسلط جي خلاف ٿيندا ويا. 1951ع م ھن علائقي کي پورچوگال جي سمنڊ پار شعبي جو حصو بڻايو ويو پر آزاديءَ جي تحريڪ جاري رھي نيٺ 1975ع ۾ ھن ملڪ پورچوگال کان آزادي حاصل ڪئي. 1990 جي ڏھاڪي ۾ ھتي نمائندگي واري جمھوريت مضبوط ٿي ۽ ھي ملڪ آفريڪا جو ترقي يافته ملڪ بڻجي ويو.

معيشت

ملڪ ۾ قدرتي وسيلن جي اڻاٺ جي ڪري ھتي جي معيشيت خدمتن ۽ پرڏيھي سيڙپ تي مشتمل آهي.

آبادي

ھن ملڪ جي آبادي 2019 ۾ 550000 جي لڳ ڀڳ ھئي جن م يورپي ۽ آفريڪي نسلن جا ماڻھو شامل ھئا.

حوالا

Tags:

ڪيپ ورڊي ملڪ جو نالوڪيپ ورڊي تاريخڪيپ ورڊي معيشتڪيپ ورڊي آباديڪيپ ورڊي حوالاڪيپ ورڊيانگريزيٻيٽن جو ميڙ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

پوتر رومي سلطنتمرثيوڳورپٽسنڌو ماٿري جي تهذيبقول1918عتحقيقڀتآرمينياآمريڪاايوارڊ28 آڪٽوبرجان ايف ڪينيڊيتوتاتر آمريڪاتامل ٻوليجمهوري ڏينھن (آذربائيجان)آذربائيجاناوسط سامونڊي سطح مٿيوڪيپيڊياميان نصير محمد ڪلھوڙوسنڌي ادبرومانوي تحريڪوقتHow to read Sindhi scriptمڱڻهار22 نومبرگهوڙوڪيموٿراپيالاسڪااردنورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪمحمد بن قاسم31 آگسٽجيمز ڪڪسنڌي ماڻھوجيون ڪھاڻيانٽرنيٽسعودي عرب720عچليسچل سرمستعزير عليہ السلامشاداب خانڏٺ1968عبڪرمي ڪئلينڊرسنڌي نالاايوبي سلطنتابڙو وڏ وڙوروس8 سيپٽمبرروبيلاسوڊيئم24 سيپٽمبرزراعتوبائي زڪامڏينهنڏور (ادب)ڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائر2019–20 ڪوروناوائرس مها وباڪامافهرست ريگستانرني ڪوٽلاطيني1650ع🡆 More