گني بسائو

گني بسائو(انگريزي: Guinea-Bissau ) اولھ آفريڪا جي گني ريجن ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف گني بسائو آھي.

ملڪ جي پکيڙ 36125 چورس ڪلوميٽر آهي. ان جون سرحدون اتر ۾ سينيگال سان، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ گني سان ملن ٿيون. ھي ملڪ ڪنھن وقت ڪابو جي بادشاھت ۽ مالي جي سلطنت جو حصو ھيو. بعد ۾ ان تي پورچوگال قبضو ڪري ڪالوني بڻائي ڇڏيو جنھن کان 1973ع ۾ آزادي حاصل ڪيائين جنھن کي پورچوگال 1974 ۾ تسليم ڪيو. ملڪ جو گادي جو ھنڌ بسائو آھي. گني ملڪ جھڙو ساڳيو نالو ھجڻ ڪري مونجھاري کان بچڻ لاء ھن ملڪ جي نالي ۾ بسائو نالو پڻ شامل ڪيو ويو ملڪ جي نئين صدر جو نالو عمرو سسوڪو ايمبالو جيڪو 29 ڊسمبر 2019 جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيو. ملڪ جي سرڪاري ٻولي پورچوگيزي ٻولي آھي جيڪا ملڪ جي 2 سيڪڙو ماڻھن جي ٻولي آھي.

ريپبلڪ آف گني بسائو

Flag of گني بسائو
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نشان
شُعار: '"اتحاد، جدوجھد، ترقي"
ترانو: 
Esta é a Nossa Pátria Bem Amada  (پورچوگيزي)
ھي اسان جو پيارو وطن
گني بسائو
گادي جو هنڌ بسائو
11°52′N 15°36′W / 11.867°N 15.600°W / 11.867; -15.600
سڀ کان وڏو شهر بسائو
دفتري ٻوليون پورچوگیزي
ڳالھائيندڙ ٻوليون
نسلي گروھ
  • 28.5% فولا
  • 22.5% بلانٽا
  • 14.7% ماندينڪي
  • 9.1% پپيل
  • 8.3% منجيڪ
  • 3.5% بيئفادا
  • 3.1% منڪانيه
  • 2.1% بجاگوس
  • 1.7% فيليوپ
  • 1.4% مينسوئانڪا
  • 1% بلانٽا ماني
  • 0.9% نلو
  • 0.5% سراڪول
  • 0.4% سوسو
  • 2.2% اڻ ڄاتل
مذهب
اڪثريتي مذھب عيسائيت(%62)
اسلام ( %38 )
مقامي آبادي بسائو گنيئن
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ
• صدر
عمرو سسوڪو ايمبالو
• وزيراعظم
نونو گومز نبيئم
مقننه پيپلز اسيمبلي
آزادي پورچوگال کان
• آزادي جو اعلان
24 سيپٽمبر 1973
• تسليم ڪيو ويو
10 سيپٽمبر 1974
پکيڙ
• جملي
36٬125 km2 (13٬948 sq mi) (134th)
• پاڻي (%)
22.4
آبادي
• 2016 اندازو
1,815,698 (148th)
•  گھاٽائي
46.9 /km2 (121.5 /sq mi) (154th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$3.391 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$1,951
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.480 ارب ڊالر

تاريخ

گني بسائو 
گني جي پورچوگيزي ڪمپني جو جھنڊو

شروع ۾ پورچوگيزن سامونڊي ڪنارو ۽ ندي جا پاسا قبضي ھيٺ آندا جتي سورھين صدي عيسويءَ ۾ انھن واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون. انھن اندروني علائقن کي اوڻويھين صديءَ تائين جاچڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. مقامي حاڪمن زميني واپار پنھنجي قبضي ۾ رکيو ۽ غلامن جي ڪاروبار مان خوشحالي ماڻي. انھن يورپين کي اندر اچڻ جي اجازت ڪانه ڏني 1790 واري ڏھاڪي ۾ برطانيا گني بسائو جي سامونڊي ڪناري کان ڪجهه فاصلي تي بولما ٻيٽ تي تي پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اوڻويھين صديءَ ۾ بسائو کي پوري طرح محفوظ ڪري ڀر وارن علائقن تي دعويدار ٿيو. گني بسائو جي جنگ آزادي 1956ع ۾ پارٽيڊو آفريڪنو ڊا انڊپينڊشا ڊا گني اي ڪيپ ورڊي (PAIGC ) , نالي پارٽي املڪار ڪئبرال جي قيادت ۾ شروع ڪئي جنھن آھستي آھستي گني بسائو ۾ پنھنجي طاقت ۾ اضافو ڪيو ان پارٽيءَ گوريلا جنگ جي بدران پنھنجي فوجي ڪنٽرول ۾ اضافو آندو ۽ وڏي علائقي تي قبضو ڪيو. ان پارٽي کي ڪيوبا ، سوويت يونين ، چين ۽ آفريڪا جي کاٻي ڌر وارن ملڪن کان ھٿيارن جي وڏي پيماني تي رسد ٿي رھي ھئي ڪيوبا آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ ان پارٽيءَ کي ماھر توپچي، ڊاڪٽر، ۽ ٽيڪنيشن پڻ فراھم ڪيا PAIGC ھوائي حملن کي روڪڻ لاء جھاز ڪرائيندڙ مھارت پڻ حاصل ڪري چڪي ھئي. 1973ع ۾ ڪئبرال جي قتل وقت ان پارٽيءَ جو ملڪ جي ڪيترن ئي حصن تي ڪنٽرول ھيو


گني بسائو 
پي اي آء جي سي (PAIGC) جي فوجن 1974ع ۾ گني بسائو جو جھنڊو بلند ڪيو

24 سيپٽمبر 1973ع تي گني بسائو جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ويو . جنھن ڪري ان ئي تاريخ تي ملڪ جي آزادي جو جشن ڪيو ويندو آهي ۽ ملڪ م عام موڪل ڪئي ويندي آهي 25 اپريل 1974ع تي لزبن ۾ سوشلزم جي حمايت واري فوجي بغاوت ڪئي وئي جنھن سان ايسٽاڊو نووو جي حڪومت جي تختو اونڌو ڪيو ويو جنھن بعد پورچوگال گني بسائو جي آزاديءَ کي تسليم ڪري ڇڏيو

ايملڪار ڪئبرال جو ڀاءُ ۽ پارٽي جو شريڪ باني لوئس ڪئبرال ملڪ جو پھريون صدر بڻيو. نئين حڪومت جي فوج پورچوگيزين جي حمايت ۾ حريت پسن گوريلن سان جنگ ڪندڙن کي مارڻ شروع ڪيو جيڪي بچا آھي پورچوگال ۽ ٻين ملڪن ڏانھن ڀڄي ويا 1984ع تائين ملڪ کي انقلابي ڪائونسل ڪنٽرول ڪيو. 1994ع ۾ پھريون دفعو ڪثيرالجماعت چونڊون ٿيون. مئي 1998 ۾ ھٿياربند بغاوت ڪر کنيو جنھن ڪري گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي جنھن سان جون 1999 ۾ صدر گھر ڀيڙو ٿي ويو 2000 ۾ وري چونڊون ٿيون ڪمبا آئيلا ملڪ جو صدر چونڊجي ويو سيپٽمبر 2003 ۾ فوجي بغاوت بعد صدر آئلا گرفتار ڪيو ويو 2004 جي مارچ ۾ نيٺ وري چونڊون ٿيون پر آڪٽوبر ۾ فوج اندر بغاوت ٿي جنھن ۾ فوجي سربراھ مارجي ويو. آئلا جي برطرفي بعد جون 2005 ۾ صدارتي چونڊون ٿيون جن ۾ اڳوڻو صدر جوئو برنارڊو وائيرا چونڊون کٽي ويو ۽ مقابلي ۾ ھارائندڙ ملام بڪائي سنھا بسائو سميت ٻن تڪن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳائي نتيجا تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو نومبر 2008 جي پارلياماني چونڊن ۾ PAIGC 100 مان 67 سيٽون کٽيون پھرين مارچ 2009 تي جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل بتيستا ٽيگمي نا وائي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو ۽ ٻئي ڏينھن 2 مارچ تي ان جي انتقام ۾ فوجين جي ھڪ جٿي وائيرا کي قتل ڪري ڇڏيو جنھن سان ملڪ ۾ پرتشدد ڪاروايون شروع ٿي ويون فوج آئين جي پاسداري جو واعدو ڪيو ۽ نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر رائمنڊو پيريئرا کي نئين صدر جي چونڊ تائين عبوري صدر بڻايو ويو. 28 جون 2009 تي صدارتي چونڊون ٿيون جن ۾ مالام بڪائي سنھا صدر چونڊجي آيو. 9 جنوري 2012 صدر سنھا ذيابيطس جي مرض جي پيچيدگين ڪري فوت ٿي ويو ۽ پيريئرا کي ٻيھر عبوري صدر بڻايو ويو. 12 اپريل 2012 تي فوج بغاوت ڪري پيريئرا کي ۽ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ آھن اميدوارن کي گرفتار ڪيو اڳوڻي وائيس چيف آف اسٽاف جنرل مامودو توري ڪروما اقتدار تي قابض ٿي مخالفن سان ڳالھيون ٻولھيون شروع ڪيون

انتظامي ورهاست

گني بسائو اٺ ريجن ۾ ورھايل آھي. جيڪي وڌيڪ 37 سيڪٽرن ۾ ورھايل آھن. ريجنن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  • بفاتا
  • بيومبو
  • بسائو
  • بولاما
  • ڪيشو
  • گبو
  • اوئيو
  • ڪئنارا
  • تومبالي

جاگرافي

گني بسائو 
اورنگو ۾ ناياب کاري پاڻي وارا ھپوپوٽيمس
گني بسائو 
ڪارويلا، بساگوس ٻيٽ
گني بسائو 
گني بسائو جي ھڪ عجب جھڙي منظرنگاري

گني بسائو جي اتر ۾ سينيگال، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ گني ۽ اولھ ۾ اينٽلاٽڪ سمنڊ واقع آهي. ان جي پکيڙ 36125 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ماپ ۾ ھي ملڪ بيلجيئم ۽ تائيوان کان وڏو آهي. ھن ملڪ جو سڀ کان مٿاھون مقام سمنڊ جي سطح کان 300 ميٽرن جي بلندي تي آھي. اتي مون سون جھڙي برساتي موسم رھندي آھي. ان جي ساحلي پٽي ۾ گپ ۽ گني جي تمر جا ٻيلا واقع آھن. ھتان جي موسم اڪثر ھلڪي گرم ھوندي آھي ۽ سراسري 26.3 سيٽي گريڊ تائين ھوندي آھي

گني بسائو 

معيشيت

گني بسائو 
گني بسائو جي مرڪزي بئنڪ جي ھيڊ آفيس
گني بسائو 
سائو ڊومنگوس جو ھڪ پيٽرول پمپ


گني بسائو جي ڊي پي جي واري في ڪس آمدني جي لحاظ کان دنيا جي غريب ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. جن ملڪ جي انساني ترقي جو اشاريو پوري دنيا جي ملڪن ۾ سڀ کان گھٽ آھي. ملڪ جي ٻہ ڀاڱي ٽي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿي. ملڪ جي معيشت زرعي آھي. ملڪ جي برآمدن ۾ مڇي، کاڄا، مڱيرا شامل آهن.


حوالا

Tags:

گني بسائو تاريخگني بسائو انتظامي ورهاستگني بسائو جاگرافيگني بسائو معيشيتگني بسائو حوالاگني بسائوانگريزيپورچوگيزي ٻولي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

شارڪڪرينا ڪپورڪمبوڊياباغ ضلعو1995عجنسي سنگبخاريسٽڪراچيدھشتگردي2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملوهائوس آف ڪامنز يونائيٽيڊ ڪنگڊمزپوريزيا572عهفتي جا ڏينهنآءِ پي ايڊريسگڏيل بادشاھتگوگل ترجموميان نور محمد ڪلھوڙوسلطان راهيانجيلرامائڻڀارتاوشو2019–20 ڪوروناوائرس مها وبالوڪ گيتسنڌ جا ضلعاميڪسم گورڪيگوگلادبي تنقيد1934عشمشير الحيدريآسٽريلياادرنهمدحڪمپيوٽر1 آڪٽوبر1858عويٽناماجرڪسارس ڪووي 2آباديسريندر ڪورلبنانجرمنيچادرنھرو10 آگسٽٻين مھاڀاري جنگڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامورني ڪوٽجيڪب آباد ضلعوکيرٿر جبلاياز پاٽوليInternational Standard Serial Numberڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائراُرڙي1957ععثمان علي عيساڻي🡆 More