ڪاٺ

ڪاٺ ھڪ ڪارباني ماو آھي، جنھن جي پيداوار وڻن جي ٿڙن ۾ وقت سان گڏ سخت ٿيندڙ حياتياتي مادي جي طور تي ٿيندي آھي.

ھڪ زندا وڻ ۾ ھي مادو پن ۽ ٻين وڌندڙ حصن تائين غذائي جزن ۽ پاڻي جي پھچ ڪندو آھي، ۽ گڏ ئي ھي وڻ کي سھارو ڏيندو آھي تہ جيئن وڻ پاڻ بيھي ڪري آخري اوچائي ۽ ماپ ٺاھي سگھي. ڪاٺ وڻ جي ان مواد کي بہ چيو ويندو آھي، جنھن جي ھئيت ٿڙ جي مادي وانگر ھوندي آھي، مثال طور ڏارون ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاڙون بہ چورائينديون آھن.

ڪاٺ
ڪاٺ جي سطح، جنھن ۾ ڪاٺ جا ڪيترائي نقش آشڪار آھن

انساني تاريخ جي شروعات کان ئي انسان ڪاٺ جو استعمال ڪيترن ئي مقصدن جھڙوڪ ٻارڻ ۽ اڏاوت ۽ واپار جي طور تي ڪري رھيو آھي. اڏاوت جي طور تي ان جو استعمال خاص طور عمارت، اوزار، ھٿيار، فرنيچر، پيڪيجنگ، ڪاٺ جو ڪم ۽ ڪاغذ وغيره ٺاھڻ ۾ ڪم ايندو آھي.

عام خاصيتون

    (General Characteristics)

درين ۽ دروازن ۾ استعمال ٿيندڙ ھر قسم جو ڪاٺ پوريءَ طرح اسريل وڻن جي گودي جو، ھڪ جھڙي مادي وارو، سڌين رڳن سان، سٺي گڻ جو، چڱيءَ طرح تيار ٿيل (Properly seasoned) ، ھر ڪنھن قسم جي ننڍين ۽ وڏين ڳنڍين (knots) کان آجو ۽ ڀروسي وارو ھئڻ گھرجي. ھر ڪنھن قسم جي ڪاٺ جا استعمال ٿيندڙ سنھا ٿاڦا (Scantlings) بلڪل صاف ۽ اجرا، سالم ۽ چوڪنڊا ھئڻ گھرجن. ڪاٺ ۾ موجود پاڻيٺ ڏھ سيڪڙو کان وڌيڪ نہ ھئڻ گھرجي. ھر ڪنھن قسم جي ڪاٺ جي تيار ٿيل اسمن کي اڳتي ھلي لڳائڻ کان پھرين سري (Fungus)، اڏوھي (Termite) ۽ ٻين ڪاٺ کي نقصان پھچائڻ وارن جيتن کان بچائڻ واسطي، انھن جي حفاظت لاءِ کين ڪنھن موزون جيت مار تيل يا ليپ جو چڱيءَ طرح تھھ چاڙھڻ گھرجي.

ڪاٺ جا قسم

ڪاٺ جا ٻہ قسم ٿين ٿا، ھڪ سخت ڪاٺ (Hard wood) ۽ ٻيو نرم ڪاٺ (Soft wood).

(i) سخت ڪاٺ :

(Hard wood) ھن قسم جي ڪاٺ ۾ ساڳ (Teak) ، ٽالھي يعني شيشم(Sisso)، ٻٻر (Babul)، توت (Mulberry)، اکروٽ (Walnut) ۽ شاھ بلوط (Oak) وغيره اچي وڃن ٿا.

(ii) نرم ڪاٺ :

(Soft wood) ھن قسم جي ڪاٺ ۾ ديال (Deodar) ، پرتل (Spruce) ، پين (Pine) ۽ [چيل]] (Chir) وغيره اچي وڃن ٿا.

حوالا

Tags:

حياتياتوڻپاڻيپن

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

برونڊي2007عماتا (بيماري)اسپيڪٽرمتصنيفبيننروشنيصدقوسنڌو ديشجدوجهدصحرائي ڦِدي1914ع26 جُولاءِقرض جي ادائيگيدُنيااجرڪڪيڏاروترڪمانستاناسلام4 آگسٽبيڪٽريائي جھنگلي اٺٽامواڳاڙيپاڪستاني رپيوآئيني بادشاهتانسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجيسوُسن گلشهيد فاضل راهوايٽلانٽڪ سمنڊ2009عترڪيسنڌي ٻوليءَ جي اخبارن جي فھرستجيتلبيارزميه شاعري28 جنوريخانپور، سنڌچانھ2022عرڌراماديوي (فلم)آسٽريلياسينٽرل آفريڪن ريپبلڪسيد ثابت علي شاھسلزبرگجنيواسون جو معيارگني بسائو1918عاترادي لهجوسائو ٽوم ۽ پرنسپيصرفياتايراناڪائونٽنگغلام حسين شاهه بخاريآمري جو دڙوبيجنگپاڻياٺگيبونآبادي جي لحاظ کان ملڪن ۽ تابعدار رياستن جي فهرستنَنھنپروليڪاڇوواشنگٽن رياستحجروزانه ڪوششڏکڻ اوڀر ايشيامغربي صحاراجارج اسٽيڪ🡆 More