ٽم ڪُڪ

ٽموٿي ڊونلڊ ڪُڪ (پيدائش نومبر 1، 1960) آمريڪي واپاري ۽ صنعتي انجنيئر آھي.

ڪُڪ ايپل انڪارپوريشن جو چيف آيگزيڪيوٽو آفيسر آھي، ان کان اڳ ھي اسٽيوو جابز جي ذيلي عھدي چيف آپريٽنگ آفيسر طور ايپل ۾ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آھي.

ٽم ڪُڪ
ٽم ڪُڪ
پيدائش ٽموٿي ڊونلڊ ڪُڪ
نومبر 1960 (عمر 63 سال)
موبائيل، الاباما، آمريڪا جون گڏيل رياستون
رھائش پالو آلٽو، ڪيليفورنيا، آمريڪا جون گڏيل رياستون
تعليم آبرن يونيورسٽي (بي ايس)
ڊيوڪ يونيورسٽي (ايم بي اي)
ڌڻي
  • آئي بي ايم (1982–1994)
  • انٽيليجنس اليڪٽروناڪس (1994–1998)
  • ڪامپيڪ (1998)
  • ايپل انڪ. (1998–present)
بورڊ رڪن نائيڪي انڪ.
پگھار آمريڪي ڊالر 15.7 ملين (2018)
آمدني 1.3 ارب آمريڪي ڊالر(2015)
سڃاڻپ نشان
ٽم ڪُڪ

ٽم ڪُڪ 1998ع تي اپيل ۾ عالمي آپريشنز جي سينئر نائب صدر طور داخل ٿيو، ھن کي بعد ۾ ترقي ڏئي عالمي واپار ۽ آپريشنز جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. ھن کي 24 آگسٽ 2011ع تي اسٽوو جابز جي وفات کاناڳ اپيل جو چيف آيگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو. ھن ان عھدي سنڀالڻ کان پوءِ سياسي اصلاحات، سائبرسڪيورٽي ۽ ٻين بنيادي انساني مسئلن بابت وڪالت شروع ڪئي.

2014ع تي ٽم ڪُڪ فارچيون 500 ڪمپينن مان پھريون چيف آيگزيڪيوٽو آفيسر ھو جنھن پڌرو ڪيو تہ ھو ھم جنس پرست آھي. ڪُڪ نائيڪي انڪارپورشن جي بورد آف ڊائرڪٽر جو ميمبر پڻ آھي. مارچ 2015ع تي ھن سندس سموري آمدني خيراتي ادارن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

شروعاتي زندگي ۽ تعليم

ٽم آمريڪي شھر موبائيل الاباما ۾ 1 نومبر 1960ع تي پيدا ٿيو. ٽم جو والد ڊونلڊ ھڪ شپ يارڊ ۾ ڪم ڪندو ھو. ھن امڙ جيلڊن فارميسي ۾ ڪم ڪندي ھئي. ھن شروعاتي تعليم رابرٽسڊل ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. ھن بي ايس صنعتي انجنئرنگ جي سند آبرن يونيورسٽي مان 1982ع تي حاصل ڪئي. ھن ايم بي اي جي ڊگري ڊيوڪ يونيورسٽي جي فوڪوا اسڪول آف بزنسز مان 1988ع تي حاصل ڪئي.

پيشوراڻي زندگي

اپيل کان اڳ

آبرن يونيورسٽي مان 1982ع تي بي ايس جي سند حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھن 12 سال آئي بي ايم جي ذاتي ڪمپيوٽر جي واپار واري شعبي ۾ گذاريا، جنھن کان پوءِ ھن کي اتر آمريڪا جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ھي اھو وقت ھو جڏھن ٽم ڊيوڪ يونيورسٽي مان ايم بي اي جي سند حاصل ڪئي. ان کا پوءِ ھي انٽيلجنس اليڪٽرانڪس نالي اداري جي ڪمپيوٽر ريسيلر ڊويز جو چيف آپريٽنگ آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، ھين1997ع تي ڪامپيڪ ۾ نوڪري اختيار ڪئي جتي ھن ڇھن مھينن لاءِنائب صدر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

ايپل ۾

شروعاتي دور

اسٽيوو جابز 1998ع ۾ ٽم کي ايپل ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. ٽم آبرن يونيورسٽي ۾ خطاب دوران چيو تہ ھن اسٽوو جابز سان ملڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو تہ ھو اپيل جو حصو ٿيندو:

جيڪڏھن ڏسجي تہ فائدا ڪامپيڪ ۾ وڌيڪ ملي رھيا ھئا. جيڪي ماڻھو مون کي سڃاڻين پيا انھن صلاح ڏني تہ آئون ڪامپيڪ کي نہ ڇڏيان. 1998ع جي ان ڏينھن ۾ پنھنجي دل جو آواز ٻڌو، مون نہ دماغ جو کاٻو پاسو استعمال ڪيو ۽ نا ئي دوستن کان صلاح ورتم... اسٽيوو جابز سان انٽرويو جي پھرين پنجن منٽن ۾ مون فيصلو ڪري ورتو تہ مونکي ايپل ۾ شامل ٿيڻو آھي.

ھن کي ايپل ۾ عالمي آپريشنز جي سينئر نائب صدر طور مقرر ڪيو ويو. ڪُڪ ھن عھدي تي رھي سمورن گدامن ۽ ڪارخانن کي بند ڪري اھي پيٽي ٺيڪيدارن جي حوالي ڪري ڇڏيا. جنھن کان پوءِ جيڪي شيون ايپل کي مھينن کان پوءِ ٺھي ملنديون ھيون اھي ھاڻ ڏينھن ۾ ملڻ لڳيون.

جنوري 2007ع ۾ ٽم کي ترقي ڏئي ليڊ آپريشنز مقرر ڪيو ويو. ۽ ھي 2009 ۾ چيف آيگزيڪيوو مقرر ڪيو ويو، سان وقت ٽم بيماري جي سبب موڪل تي ويل ھو، جنوري 2011ع تي ايپل جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ٽم جي ٽين موڪيل جي درخواست پڻ منظور ڪئي، ان وقت ٽم ايپل ۾ ھر ڏينھن جي ڪاروھنوار جو زميوار ھو.

ايپل جو چيف آيگزيڪيوٽو آفيسر

ايپل جي سي اِي او جڏھن استعفي ڏنو ۽ بورڊ جو چيئرمين ٿيو تہ 24 آگسٽ 2011ع تي ٽم ڪُڪ جو نالو سي اِي او لاءِ نامزد ڪيو ويو. ڇھہ ھفتا پوءِ، 5 آڪٽوبر 2011ع تي اسٽيوو جابز ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو. 29 آڪٽوبر 2012ع تي ٽم ڪمپني جي اڳواڻن ۾ وڏي تبديلي آندي، ھن آئي او ايس جي سينئر نائب صدر اسڪاٽ فارسٽال استعفي ڏئي ڇڏي، ۽ کيس ٽم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو جنھن کي 2013ع مان ڪمپني مان ڪڍيو ويو. ڪمپني سنڀالڻ کان ڇھہ مھينا پوءِ ھن ريٽئل جي نائب صدر کي پڻ ڪمپني مان ڪڍي ڇڏيو. فارسٽال جي عھدي کي ختم ڪري ان کي چئن عھدن ۾ ورھايو ويو، جنھن ۾ سر جوناٿن ايوو کي انٽرفيس، کي فيڊريگي کي سافٽويئر جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. ايڊي ڪيو کي نقشن ۽ سري جي زميواري ڏني وئي.

حوالا

خارجي ڳنڍڻا

ڪاروباري عھدا
پيشرو
اسٽيوو جابز
ايپل جو سي اي او
2011–تاحال
ھاڻوڪو عهديدار

سانچو:ابتدائی ترتیب:ڪُڪ, ٽم

Tags:

ٽم ڪُڪ شروعاتي زندگي ۽ تعليمٽم ڪُڪ پيشوراڻي زندگيٽم ڪُڪ حوالاٽم ڪُڪ خارجي ڳنڍڻاٽم ڪُڪ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

1952ع1986عسماجي وٿيٻجبلاول ڀٽو زرداريقوم1914عادبي تنقيدارجنٽائن2024ع1945علائوسيوسف (اسلام)ٺري ميرواھ تعلقومدحقومي ترانوخودمختيار رياستمريد جتاعرابآباديگڏيل بادشاھت758عبدر رفیقيسنڌي ادبوڪي اسپيسيزتصوفسنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽيگهٽ اُسريل مُلڪڊومينيڪن ريپبلڪ1934عمرتضيٰ ڀٽوسافٽڪور فحش نگاريماسڪوصحتتوشيباسوفي جي دنياابابيلقنڌارآسٽريا جي راڻي سيسيننجاپيرو (ملڪ)Main Pageڪٽنبميان نور محمد ڪلھوڙونائڊيريايورينستجنيس حرفيکيرٿر جبلشهري آزاديڏوڪري تعلقووبائي زڪاموڏو سمنڊپورهيتن جو عالمي ڏهاڙوڪارو سمنڊھٽيان مٿيون ضلعوبرابر عالمي وقتسنڌي ٻوليڪانگريس ڪنٽرول نمبر لائبريرياسپارٽا جو فوجي ڪميونزمسنڌي وڪيپيڊياعَمان🡆 More