سماجي وٿي

سماجي وٿي، سماجي وڇوٽي،(انگريزي ٻولي: Social distancing) يا جسماني وڇوٽي (انگريزي ٻولي: physical distancing)، ماڻهن جي وچ ۾ جسماني وڇوٽي (فاصلو) رکڻ ۽ ماڻهن جو هڪٻئي سان ويجهو رابطو ۾ اچڻ جي تعداد کي گهٽائي هڪ پکڙجندڙ (متعدي) روڳ (بيماري) جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ غير دواسازي مداخلت يا عمل جو هڪ سيٽ آهي.

سماجي وِٿيءَ ۾ ٻين ماڻهن کان ڇهہ فُٽ يا ٻہ ميٽر جي وِٿي (وڇوٽي، فاصلو) رکڻ ۽ وڏن گروهن (گروپن) جي ميڙ ۾ گڏ ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ شامل آهي.

سماجي وٿي
People maintaining social distance while waiting to enter a store. To allow shoppers to maintain distance within the store, only a limited number are allowed inside at one time.
سماجي وٿي
Social distancing reduces the rate of disease transmission and can stop an outbreak.
Stopcovid19
سماجي وٿي
Preventing a sharp peak of infections, known as flattening the epidemic curve, keeps healthcare services from being overwhelmed
فائل:Covid-19-curves-graphic2-stopthespread-v3-ur.gif
Alternatives to flattening the curve
سماجي وٿي
Without social distancing and other pandemic containment measures, pathogens can spread exponentially. This graphic shows how early adoption of containment measures tends to protect wider swaths of the population.

ان اِمڪان کي ختم ڪرڻ جي ارادي سان تہ  هڪ اڻ ڄاتل ماڻهو مُتاثر ٿيل ماڻهوءَ سان جسماني رابطي ۾ اچي ويندو، سماجي وِٿي رکڻ سان بيماري جي مٽاسٽا (منتقلي،ٽرانسميشن) کي دٻائي سگهجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ موتَ ٿيندا. ان سان گڏوگڏ سُٺي ريت صحت صفائي (هائيجين) ۽ هٿ ڌوئڻ سان گڏيل اُپاءَ ڪرڻ پڻ شامل آهن. 2019-2020 جي ڪوروناوائرس مهاوبائي روڳ دوران ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) موجب "جسماني وٿي" کي "سماجي وٿي" جي متبادل طور اهو ويچار رکيو ويو آهي تہ اهو بيماري جي مٽاسٽا کي روڪي ٿو؛ جڏهن تہ ماڻهو سماجي طور تي ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل رهي سگهن ٿا. انفيڪشن واري بيماري جي پکڙجڻ کي گھٽائڻ ۽ صحت جي سرشتو (سسٽم) تي گهڻو بارُ وڌائڻ کان بچڻ لاءِ، خاص طور تي هڪ مهاماري وبائي روڳ (پنڊيمڪ) دوران، ڪيترا ئي سماجي وڇوٽي جا اُپاءَ ڪَتب آڻڻ وارا طريقا استعمال ڪيا ويا آهن، جن ۾ وِدياشالائن (اسڪولن) ۽ ڪم ڪرڻ واري جاءِ (ورڪ پليس) کي بند ڪرڻ، اڪيلائي (نويڪلائي، آئسوليشن)، مرض روڪ (طبي قيد، ڪئارنٽين)، ماڻهن جي چُرپُر (حرڪت) کي گهٽائڻ (محدود ڪرڻ) ۽ ڪيترن ئي وڏي پيماني تي ميڙ، گڏجاڻين (اجتماع) جي منسوخي ڪرڻ سماجي وٿيءَ جا اُپاءَ ورتا ويندا آهن.

سماجي وٿي هڪ اڻ دوائي تدبير آهي، جنهن جو مقصد معتدي روڳ جي پکڙجڻ تي ضابطو آڻڻ هوندو آهي. اهو ڌيان ۾ رکڻ کپي تہ هر مرض متعدي (انفيڪشن وارو) ناهي هوندو، جيئن دل تي دٻاءٌ پوڻ يا دل جو دورو پوڻ جي مريض پنهنجي تڪليف کي ٻين تائين ناهي وڌائيندو. ڪُجھ روڳَ (مرض)، جهڙوڪ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز ڇَڙو (رُڳو) جسماني لاڳاپو (تعلق) يا رت جو عطيو سان پکڙجي نٿو سگهجي. انهن روڳَ (بيمارين) ۾ هٿ لائڻ ۽ ڪنهن ٻئي همراهه سان گڏ ويهڻ سان ڪوبہ اثر ناهي ٿيندو. ان مرض ۾ سماجي وِٿي (وڇوٽي) ڇَڙو انهن ٻن معاملن کان وٿي رکڻ ٿي سگهجي ٿي. تنهن هوندي، ڪجهه معاملن ۾ هٿ لائڻ گڏجي ويهڻ پڻ مرض کي دعوت ڏيڻ هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هٿ لائڻ کانسواءِ متاثر ٿيل ماڻهوءَ کان گهٽ ۾ گهٽ ٻن ميٽر يا ٽي ميٽر جي وِٿي (وڇوٽي) بڻائي رکڻ جي ضرورت پئجي سگهجي ٿي. انهيءَ ڪري سارس وائرس ۽ ڪوروناوائرس جهڙين مهاوبائي بيمارين جي مهل ماڻهن کي هدايت ڪئي ويندي آهي. ماڻهن کي پنهنجا هٿ هر ڀيري ڌوئڻ ۽ هٿ ملائڻ ۽ ڀاڪُر پائڻ (ڳلي ملڻ) کان جهليو ويندو آهي، اهو احتياط وبائي مرض جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ ڪيو ويندو آهي. جڏهن تہ اهڙي احتياط ڪرڻ سان ڪنهن بہ مذهبي، يا ثقافتي ريت رسم کي پڻ ڇڏي ڏيڻ ۾ ڀلائي آهي.

ڪورونا وائرس جهڙي مهاماري سان مُنهن ڏيڻ جي لاءِ سماجي وڇوٽي تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي ضرورت تي گهڻو زور ڏنو ويندو آهي، تہ جيئن ڏٺو ويندو آهي تہ اڪثر سياسي، مذهبي ۽ عوامي سرواڻن کي پڻ ان مسئلي جي سنگيني جو احساس ناهي ۽ اُهي سماجي رابطا گهٽائڻ بدران اهڙن عملن کي سرڪاري سطح تي وڌائيندي نظر ايندا آهن، پر ويجهر ۾ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ کانپوءِ دُنيا ۾ ڪُجهه ملڪن جي وڏن اڳواڻڻ کي هڪٻئي سان پري کان هٿ جوڙي (نمستي ڪندي) کيڪاريندي ڏٺو ويو، جيڪو هڪ احتياطي عمل طور اختيار ڪيو ويو آهي.

حوالا

پڻ ڏسو

ٻاهريان ڳنڍڻا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ولاديمير زلينسڪيآسيہ ارجينٽوامام بخاريسچيڏنو ڪلھوڙوخلافت عباسيہسنڌي ٻوليفاطمي خلافتڀارتچچ ناموهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجالقانون في الطبآبدوزڪتبواحمدي1975عتاريخي ماديتذات پاتشيخ ابراهيم زڪزڪيظرفڪويتاارغون خانداناُرڙيملڪا پکراج1956عابراھيم منشيآنڌرا پرديش26 شعبانوڪيميڊيا ڪامنزدودو چنيسرانتخاب سنڌي ڪلام سچل سرمستسعودي عرب جي گورنریٽ جي فهرستسائنسآغا صوفيروايتڪارو ڪاريمارڪسي فلسفوسعودي عرب جا صوبانوشهرو فيروز ضلعوفزڪسميري ڪيوريترخان گهراڻوٻوليسرنھن(وڻ)1573عپارليامينٽليمونعبراني ٻوليدبئينمادراڪي اڀياسواڍائپفوج1732عسنڌي لئنگئيج اٿارٽيٽوئيٽرآجپولذت پسنديٺٽ سولنگي1985عمٽيٽويوٽاافسانوي ادبحيدرآباد ضلعو، سنڌ🡆 More