رگ ويد: ھندو مذھب جو پاڪ ڪتاب

رگ ويد (انگريزي ٻولي: Rigveda)؛ (Sanskrit: ऋग्वेद ṛgveda, from ṛcرگ جي معني آھي :'تعريف ، چمڪويدا جي معني آهي: ڄاڻ.

رگ ويد: ھندو مذھب جو پاڪ ڪتاب
رگويد جو اڻويھين صديءَ جو نسخو جيڪو ديوناگري ۾ لکيل آهي

هزارين سال اڳ سنڌو درياهه جي ڪناري تي لکيل مذهبي رچنائن جي چئن مجموعن: ”رگ ويد“، ”سام ويد“، ”يجر ويد“ ۽ ”اٿر ويد“ مان پهريون مجموعو آهي. رگ ويد ۾ 10000 ڏھ هزار منتر يا مناجاتي گيت آهن. اهو ويد مڪمل نظم جي صورت ۾ آهي، جنهن ۾ هندن جي خدائن جي تعريف ۽ بزرگيءَ متعلق گيت جمع ڪيا ويا آهن ۽ ديوتائن کي مخاطب ڪري کانئن دعائون طلب ڪيون ويون آهن. رگ ويد باقي سڀني ويدن ۾ سڀ کان پراڻو آهي. هن ويد ۾ سنڌو درياهه ۽ سنڌ جو ذڪر پڻ ملي ٿو. رڳ ويد يا رگ ويد (Ragg Ved or Rug Veda) سناتن ڌرم يا هندو ڌرم جو حصو آهي. اٿر ويد چئن ويدن مان آخري يعني چوٿون ويد. آڳاٽي ۾ آڳاٽو رگ ويد، اُن کان پوءِ يجر ويد ۽ سام ويد، اهم ڌرمي گرنٿ آهن. جڏهن ته چوٿون نمبر اٿر ويد پوئين دور جو ويد آهي، جنهن ۾ ٽوڻا ڦيڻا ۽ منتر شامل آهن.

رڳ ويد مقدس ۾ بيان ڪيل آهي ته،


سنڌ گهوڙن ۾ شاهوڪار آهي،

رٿئن ۾ شاهوڪار، ڪپڙن ۾ شاهوڪار،

عاليشان هيرن جواهرن ۾ شاهوڪار،

کائڻ پيڻ ۾ شاهوڪار ۽

هن سنڌو جا ڪپر سُرهن گلن سان ڀريا پيا آهن.

(رڳ ويد، منڊل 10)

رگ ويد جي ٻولي ۽ پارسين جي زنداوستا جي ٻولي هڪ ٻئي کي بلڪل ويجهيون آهن. زنداوستا گهڻو پوءِ جو لکيل آهي، ۽ ان جي ٻولي ڪيتريقدر قديم پارسيءَ جهڙي آهي.

رگ ويد ۾ سنڌ ۾ آيل زلزلن جو ذڪر

رگ ويد ۾ سپت سنڌو (Sapat Sindhu) (سنڌو ماٿر جي ستن دريائن واري ملڪ) جو ذڪر آهي، تنهن ۾ سنڌ جي حدن جو ذڪر نه ٿو ملي. رگ ويد جي منڊل 2، سوڪت 17 ۾ ڏهڪائيندڙ زلزلن جو ذڪر آهي، جن انهيءَ وقت ۾ ئي ملڪ جي طبعي صورت ۾ ڦيرو پئي آندو. رگ ويد کانپوءِ جي احوالن مان به ائين ظاهر آهي ته وقت بوقت زلزلن ۽ سنڌونديءَ جي ڦيرين گيرين ڪيئن ساوا پاسا سُڃا، ۽ سڃا پاسا ساوا ڪيا آهن. سنه 962ع ۾ اهڙو هڪ زلزلو آيو، جنهن بکر وارا ٽَڪَر به ٽوڙي ڇڏيا، ۽ الور ۽ ٻيا ڪيترا آباد شهر ويران ٿي ويا. سنڌونديءَ، جا الور واري ٽڪريءَ جي بنهه هيٺان وهندي هئي، تنهن پنهنجو رخ ئي ڦيرائي ڇڏيو. پڇاڙيءَ وارو زلزلو 1819ع ۾ ٿيو، جنهن سنڌ جي سڄي لاڙ واري ڀاڱي جي طبعي صورت ڦيرائي ڇڏي، ۽ ڪڇ جو رڻ، جنهن مان اڳي درياهه وهندو هو، ۽ راحموڪي بازار (Raahmoki Baazaar)، سنڌڙي ۽ ٻيا بندر به اُتي هئا، تن به پنهنجي سهڻي صورت ڦيرائي، ۽ برپٽ ٿي پيو.

حوالا

Tags:

Sanskritwikt:ऋग्वेदwikt:ऋच्انگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

اٺ پکي2019–20 ڪوروناوائرس مها وبا18 جمادي الثانيسجترڪيبخالد آزاد1995عمسلم اسپينتوشيياتيمور لنگسنڌو ديش لبريشن آرميدٻي جي جنگڏندقديم آثاربابر بادشاههاوشوڪاروبارشمن علي ميراليوصيتواڱڻسهڻي ميهارڪڪڙشهري آزاديسنڌي وڪيپيڊياھندوچيني رسم الخط1934عحيدرآباد ٻهراڙيبري نظرزڪواتاتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيمتھرانملائڪيمندھشتگرديهجري ڪئلينڊرخميسانساني حقن جو عالمي پڌرنامووڪي ڊيٽاشوالمائي گلانڊائونلوڊازبڪستاناولھ ايشيا1655عٺٽو14 سيپٽمبرشاھ عبداللطيف ڀٽائيٺري ميرواھ تعلقوميڪسم گورڪيقاسم سليمانيپاڪستاني رپيوانسائيڪلوپيڊياآذربائيجاني ٻوليڪمپيوٽروڪي سورسقافيو19 ڊسمبرڪرينا ڪپورانٽرنيٽپرمانند ميوا رام🡆 More