بابل

Babylon (سانچو:CuneiformKAN4.DIĜIR.RAKI سانچو:Lang-akk; Aramaic: בבל, Babel; عربي ٻولي: بَابِل, Bābil; عبرانی: בָּבֶל‎, Bavel; سانچو:Lang-syc, Bāwēl) ھي اوڻويھين صدي قبل مسيح ۾ فرست درياءَ جي ڪنارن تي آباد ھڪ شھري رياست ھو ۽ آموري خاندان جي بادشاهي ۾ ھيو، پوء حمورابي جي بادشاھي شروع ٿي.

ان قديم زماني ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو شھر ھو ھڪ اندازي مطابق ھن جي آبادي ٻہ لک رھي آھي. قديم -بابل- جو نالو ”ڪالديا“ آهي، جنهن جو توريت ۾ ذڪر آهي. شروع ۾ ڏکڻ عراق ۾ فرات ۽ دجله درياهن جي وچ واري علائقي جو نالو هو، پر پوءِ وقت گذرڻ سان عراق جي وڏي حصي کي ”ڪالديا“ چوندا هئا، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”اُر“ (UR) هو. پيغمبر ابراهيم اتي جو ويٺل هو. هيءُ هڪ قوم جو نالو هو، جيڪا عيسيٰ کان ٻه هزار ورهيه اڳ شام ملڪ تي حڪمران هئي. اعلامي، قديم -ايران- جو هڪ صوبو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ صوصه هو، اتان جي رهاڪن ۽ -بابل- جي رهاڪن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي. هن وقت اوائلي -تهذيب- جا ماهر صوصه (سوسه) کي دنيا جي قديم -ترين- شهرن ۾ شمار ڪن ٿا. ”-بابل-“، دجله ۽ فرات جي دوآبي جي قديم سلطنت جو نالو آهي. هي نالو دوآبي، دجله ۽ فرات جي ڏاکڻئي حصي وارين رياستن، ليگاش، اُڪاد، -ايرڪ- ۽ اُر لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪا ٽي هزار سال ق. م ۾ عروج تي هئي، پر هن مان مراد گهڻو ڪري سامي -تهذيب- جي ورتي ويندي آهي. بابل جو بنياد ”سرجون“ وڌو ۽ حمورابيءَ جي دؤر ۾ هن سلطنت جو عروج هو. تقريباً 1800 ق. م ۾ هتي خط ميخيءَ ۾ مختلف علمن، واپار ۽ فنِ تعمير فروغ حاصل ڪيو، پر پوءِ سترهين صديءَ ق. م ۾ خانه بدوش ’ڪاسين‘ (Kassites) جي حملن هن سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو. پوءِ -اشوري- سلطنت جي اقتدار ۾ اچڻ تي -بابل- کي ٻيهر عروج نصيب ٿيو. 689 ق. م ۾ سخيرب -بغاوت- ڪئي، پر 625 ق. م ۾ ينبو پولاسو -بابل- کي ٻيهر آزاد ڪرائي ورتو ۽ -بخت نصر- جي دؤر ۾ -بابل- انتهائي عروج تي پهچي ويو. پوءِ 538 ق. م ۾ ايرانين سائرس اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حملو ڪيو ته -بابل- جو زوال شروع ٿي ويو. علم، فن، -تهذيب- ۽ ٻين حوالن سان -بابل- جون وڏيون خدمتون آهن. -بابل- جا ”ٽنگيل -باغ-“ دنيا جي عظيم عجوبن ۾ شمار ٿين ٿا. -بابل- ميسوپوٽيميا جي علائقي واريءَ -تهذيب- جو اهم شهر هو، جيڪو چار هزار سال ق. م کان به گهڻو اڳ موجود هو. ميسپوٽيميا (دو آبو= دجله ۽ فرات جي وچ واري سرزمين) هاڻوڪو عراق آهي. 1750 ق. م ۾ بابيلونيا جي حمورابي -بادشاهه- -بابل- کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. -ان- وقت -بابل- دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويو. هي شهر فرات درياهه جي ڪناري تي ٻڌل هو. 689 ق. م ۾ -اشوري- -بادشاهه- -بابل- تي حملو ڪري -ان- کي برباد ڪري ڇڏيو. -ان- -بادشاهه- جو نالو سيناچوب هو. 625 ق. م ڌاري -بخت نصر- ٻئي، -بابل- کي ٻيهر تعمير ڪرايو. هن شهر کي درياهه تي پُل ٻڌائي، اولهائين ڪناري ڏانهن به شهر کي وڌايو. -بابل- ۾ هٿرادو اڏيل عجيب -باغ- هئا. جيڪي ستن عجائبات ۾ شامل آهن. 538 ق. م ۾ ايراني -بادشاهه- سائرس اعظم -بابل- تي قبضو ڪيو. 275ع کان -بابلي- -تهذيب- جو زوال شروع ٿيو. اڄ رڳو -ان- جا کنڊر يادگار طور بيٺل آهن. -بابل- ۾ هڪ تمام ڊگهي مينار جيان عمارت هئي، جنهن کي ”-بابل- جو -برج-“ به چيو ويندو هو. -ان- جي اوچائي 300 فوٽ هئي، جيڪا ستن منزلن تي مشتمل هئي. بابلي -تهذيب- ۽ سنڌو -تهذيب- جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق رهيو آهي. مثال طور: اُر، ڪيش ۽ -تل- آسمار جي قديم آثارن مان مليل اُڪر وارن ٺڪرن تي سنڌو دور جي مخصوص جانورن جون شڪليون ملن ٿيون. ڪن مهرن تي سنڌو لوڪن جي ”خط“ واريون لکتون ڏنل آهن. سُمير ۽ -تل- آسمار وٽ سارگن بادشاهن جي دور وارن ذخيرن ۾ سنڌو لوڪن جي مخصوص طريقي سان ٺاهيل ڪيتريون ئي شيون مليون آهن، جهڙوڪ نقش ڪيل موتين جا داڻا يا مڻڪا ۽ هڏن تي مخصوص گلڪاريءَ ۽ مٽيءَ وارا -ٺڪر- جا برتن. حيرت انگيز ۽ دلچسپ شيءِ نرم چيڪي مٽيءَ جي ٺهيل مُهر آهي، جنهن جي -پٺ- تي لهري ڪپڙي جو نشان يا -ٺپو- صاف لڳل هو. ڪن مهرن تي سنڌو لوڪن جي خاص علامتي نشانن جا ڇاپا لڳل آهن. سنڌوءَ جي هڪ قسم جي مهر تي سمير وارن جي مخصوص مخروطي اکرن جي تحرير موجود آهي. ”ميلوها“ کان جيڪي شيون حاصل ڪيون وينديون هيون، -جن- ۾ سون، عاج، عاج مان ٺهيل گلڪاريءَ واريون شيون، عاج مان تراشيل ميلوها پکي، ڦڻيون، آئينا، دٻليون ۽ سرايون وغيره شامل هيون. تِمر ۽ چُوري جي نالن سان سڃاتل ڪاٺ، جيڪو سنڌ مان -ايران- يا -بابل- ڏانهن موڪلبو هو. -بابل- جي آثارن ۾ سنڌو -تهذيب- جي هڪ مخصوص شهر جهڙيون ڳالهيون ۽ اتي جي ماڻهن جي تمدن جو هوبهو نقل نظر اچي ٿو. جاين جي اهائي مستطيل بيهڪ، پاڻيءَ جي نيڪال وارين نالين جو ڄار، مقرر نموني جا -اوزار- ۽ هٿيار، مهرن وارا -تعويذ-، -جن- تي سنڌوءَ جي جانورن جون شڪليون ۽ تحريرون اُڪريل آهن. اهي وصفون پڻ هن قديم -تهذيب- مان ملن ٿيون.

بابل
بابل
{{{imagealttext}}}
صدام حسين جي سمر محل کان بابل جي آثارن جو جزوي منظر.
Babylon lies in the center of Iraq
Babylon lies in the center of Iraq
محل واقع Iraq
ٻيو نالو Arabic: بابل Babil
سانچو:Lang-akk, Bābili(m)
Sumerian: 𒆍𒀭𒊏𒆠, ká.dingir.raki
سانچو:Lang-arc, Babil
عبرانی: בָּבֶל‎, Bavel
سانچو:Lang-grc-gre, Babylṓn
سانچو:Lang-peo, Bābiru
Elamite: 𒀸𒁀𒉿𒇷 , Babili
Kassite: Karanduniash
 380p 
مقام ھلاہ،بابل گورنريٽ
علائقو ميسوپوٽيميا
جاگرافيائي بيھڪ 32°32′11″N 44°25′15″E / 32.53639°N 44.42083°E / 32.53639; 44.42083 44°25′15″E / 32.53639°N 44.42083°E / 32.53639; 44.42083
قسم Settlement
جو حصو بابلينيا
پکيڙ 9 km2 (3.5 sq mi)
تاریخ
قيام ت. 2300 BC
ترڪ ت. AD 1000
ثقافت اڪيدين، اشورين، ڪاسي، اموري ،چلديئن اشيميند، يوناني، فارسي .
مقام جي باري ۾
قديم آثارن جا ماھر ھارمزد رسام ۽ رابرٽ ڪالڊيوي
حالت کنڊر
ملڪيت سرڪاري
عوامي پھچ ھا

تاريخ

بابلي تاريخ جي شروعات جي پوري خبر نٿي پوي. ڪجهه غير معتبر معلومات ملي آهي جا سن 4000 ق. م تائين پهچي ٿي. ان معلومات مطابق قديم زماني ۾ ڪلده جي رياست ڪيترين ئي خودمختيار شهري حڪومتن ۾ ورهايل هئي. سارغان اول، جو اغاده شهر جو بادشاهه هو، تنهن سڄي ملڪ کي پنهنجي حڪمراني هيٺ آڻي يڪو هڪ ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جون حدون وڌائي ڀونوچ سمنڊ تائين ڪيائين. تقريباً سن 2200 ق. م وارو زمانو حمورابي جو آهي، جو سڄي بئبيلونيا جو بادشاهه هو. اهو پنهنجي متعارف ڪرايل قانون جي ڪري مشهور آهي. آثار قديمه جي کوٽائي ڪندڙن کي ان قانون جو ذري گهٽ سڄو دستور عمل هڪ وڏي يادگار پٿر تي اڪريل مليو آهي. حمورابيءَ جو قانون پنهنجي قسم جو قديم ترين نوشتو آهي ۽ پراڻي زماني جي رسم رواجن جي اڀياس لاءِ بيحد قيمتي آهي ڪجهه صدين گذرڻ کان پوءِ بابلي مهاجرن وڃي جابلو ملڪ وسايو جنهن کي آشوريا ڪوٺيو وڃي ٿو. وڏي مدت تائين هو ڏاکڻي حڪومت جي هٿ هيٺ رهيا. پر آهستي آهستي آشوري خود مختيار ٿيڻ لڳا، ايتري قدر جو آخر ۾ ميسوپوٽيميا وارين قومن جا مالڪ بڻجي ويا.

بابل 
اشتار ديوي جي مورتي جيڪا بابل ۾ سيڪس ۽ محبت جي ديوي سمجھي ويندي ھئي.

جاگرافي

بابل جا کنڊر ھن وقت بغداد شھر جي ڏکڻ واري پاسي 85 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھن.

بابل 
بابل شھر جو نقشو جنھن ۾ بابل فرات نديء جي ڪناري تي واقع ڏيکاريل آھي
بابل 
2016 ۾ بابل جي سرن جي اڏاوت وارو ڍانچو
بابل 
بابل جا کنڊر 1932 ۾.

حوالا

Tags:

ابراهيمبخت نصرتوريتسائرس اعظمشامعراقعربيعيسيٰميسوپوٽيميا

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

احدزمبابوياسٽٽگارٽسنڌي ماڻھن جي فهرستانساني جسمدُنياسعودي عرب جا صوباڏيوالوجمي ويلزولیم شیڪسپیئرتصنيفکيرٿر جبلجمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن1980عانساني حقمرزا قليچ بيگتبو (اداڪارا)پنجاب، پاڪستانپکيتڪ اين اي 223هم جنس پرستيسينگار شاعريبرڪینا فاسومراڪشسنڌي ٻوليدوھوآخوند شيخ ميان فيضچانهہسيئراگرافيشمن علي ميراليکپروسوارا ڀاسڪر1542عجيڪب آباد سب ڊويزنجين جيڪس روسو1911عچانھايڊنبراگلشن اقبال سب ڊويزنسنڌي ٽوپيڪينيااسلام آبادآبادي جي لحاظ کان ملڪن ۽ تابعدار رياستن جي فهرستآخوند محمد قاسم هالائي21 جنوريڪتابڏيرسوماليالوڻجوزيپي ٽورناٽوسيمرغڏور (ادب)سنڌي ادبي سنگتڊسمبرچلي63عڪم/ طبعي مقدارمحمدشاھ بلوط2012عانسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي2003عوائجر1ميندِي🡆 More