انساني جسم

انساني جسم کي ٽن حصن ۾ ورهائجي ٿو:

  1. منڍي: جنھن ۾ مٿو، ميڄالو، مُنھن، اکيون، نڪ، ڪن، چپ ۽ وات اچي وڃن ٿا.
  2. ڌَڙُ: هن حصي ۾ هٿ، ٻانھون، سينو، پيٽ ۽ چيلهہ اچن ٿا.
  3. پولُهہ: هي چيلهہ کان هيٺ وارو حصو آهي، جنھن ۾ ٽنگون، پير ۽ اخراج جا عضوا اچي وڃن ٿا.

ڌڙ واري حصي مان پيٽ ۾ ڪيترائي سرشتا آهن، جيڪي زندھ رهڻ لاءِ انسان جي مدد ڪن ٿا. انھن سرشتن ۾ کاڌي، هوا ۽ رت جا مکيہ سرشتا آهن.

انساني جسم جي بناوت: انساني جسم جي هڪ خاص شڪل ۽ بناوت آهي. ان جو سبب هيءُ آهي تہ انساني جسم ۾ هڏين جو هڪ فريم آهي، جنھن کي ”بوتو“ يا ”هڏائون پڃرو“ چئجي ٿو. انساني بوتي يا هڏائين پڃري ۾ 206 هڏيون ٿين ٿيون، جن کي چئن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.

ڊگهيون هڏيون: اُهي ٽنگن، ٻانهن ۽ سيني ۾ ٿين ٿيون، انھن ۾ سوراخن جھڙيون خالي جايون ٿين ٿيون، جن ۾ هڪ نرم مادو ڀريل ٿئي ٿو، جنھن کي هڏين جو گُودو چئجي ٿو.

تراکڙيون هڏيون: اُهي تراکڙي شڪل ۾ کوپڙيءَ ۽ ڪلهن ۾ هونديون آهن. انھن ۾ خالي جايون نہ هونديون آهن.

ننڍيون هڏيون: اهي ڪرائيءَ ۽ مُرين ۾ هونديون آهن.

مڙيل هڏيون: ڪرنگهي ۾ وٽ واريون هڏيون. اهو هڏائون پڃرو گوشت سان ڍڪيل هجي ٿو جنھن ۾ مشڪون، ريشا وغيره ٿين ٿا رت جون سنهيون ٿلهيون ناليون، دماغي تنتون وغيره ان مان گذرن ٿيون. ان مٿان چمڙي ٿئي ٿي، جيڪا بدن کي ڍڪي ٿي.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ڊچ ايسٽ انڊيز1985عسوويت-افغان جنگضمير خالصسون جو معيارEO� 5A-Hقطرجوڪو ودودوروون اٽڪنسنسعودي عرب جي صوبن جي فهرست26 شعبانحرف جررومآمريڪامچيل ڊيلاپنشدسنڌ صوبو (1936-55)1429عآرمينيائي ٻوليراٿفيلڊ اسپتال سکرجمي ويلزهائوس آف ڪامنز يونائيٽيڊ ڪنگڊم1732عجهنڊواسٽرلنگڪولڪتاايرانسنڌ سلامت ڪتاب گھرپاڪستان جي اسيمبلين جا تڪآغا نورمحمد پٺاڻھائڊروجنآئيني جمھوريت1197عاسراريتسنڌي ادبابوالحسن الاشعريايمنسٽي انٽرنيشنلسارڪزرتشت1695عگڏيل آمريڪي رياستن ۾ ڪوروناوائرس مها وبا، 2020سُڳنڌراجا ڏاهروڻن جو عاشقعالمي معياري ڪتاب نمبرڪاڇوپاڪستاني عام چونڊون 2024دٻي جي جنگحيدرآباد ضلعواسماعيل بن جعفرآمريڪا جون گڏيل رياستونمٺا خان زرداريڀارتآرڪٽڪ سمنڊرومن اسڪرپٽڌرتيمحمد بن قاسمآڪسفورڊ يونيورسٽيزاب الڪبير نديانيلا ناز سومروسرگاسو سمنڊپارليامينٽ624ع🡆 More