وڪي مينيا وڪيميڊيا فائونڊيشن جي تحت منصوبن جي صارفن جو سالانو اجلاس آھي، جنھن ۾ وڪيميڊيا منصوبن، ٻين وڪين، آزاد مصدر سافٽويئرز سان لاڳاپيل امور زير بحث آندا ويندا آھن۔
وڪيمينيا | |
---|---|
The Wikimania logo | |
وڪيمينيا 2016 جو گروپ ڦوٽو | |
حيثيت | مصروف |
قسم | ڪانفرنس |
تڪرار | ساليانو منعقد ٿيندڙ |
مقام | مختلف |
افتتاح شدہ | آگسٽ 5, 2005 |
موجوده | August 9–13, 2017 |
ترتيب | مقامي سھڪاري ٽيمون |
قانوني حيثيت | بغير نفعي جي |
ويب سائٽ | |
wikimania |
اجلاس | تاريخ | مقام | کنڍ | شرڪت ڪندڙ | پيشڪش |
---|---|---|---|---|---|
وڪي مينيا2005 | آگسٽ 5–7 | فرينڪفرٽ، جرمني | 380 | سلائيڊز، وڊيو | |
وڪي مينيا 2006 | آگسٽ 4–6 | ڪيمبرج، ميساچوسٽس، آمريڪا | 400 | سلائيڊز ۽ ڪاغذ، وڊيو | |
وڪي مينيا 2007 | آگسٽ 3–4 | تائي پي، تائيوان | 440 | العام نگارخانو | |
وڪي مينيا2008 | جولاءِ 17–19 | اسڪندريہ، مصر | 650 | تلخيصات، سلائيڊز،ویڈیو | |
وڪي مينيا 2009 | آگسٽ 26–28 | بيونس آئرس، ارجنٽائنئن | 559 | سلائيڊز، وڊيو | |
وڪي مينيا 2010 | جولاءِ 9–11 | گدانسڪ، پولينڊ | 500 جي لڳ ڀڳ | سلائيڊز | |
وڪي مينيا 2011 | آگسٽ 4–7 | حيفا، اسرائيل | 720 | پريزنٽيشنز، وڊيو | |
وڪي مينيا 2012 | جولاءِ 12–15 | واشنگٽن ڊي سي، آمريڪا | 1،400 | پريزنٽيشنز، وڊيوز | |
وڪي مينيا 2013 | آگسٽ 7–11 | ھانگ ڪانگ، چين | 700 | پريزنٽيشنز، وڊيوز | |
وڪي مينيا 2014 | آگسٽ 6–10 | لندن، برطانيہ | 1762 | پريزنٽيشنز، وڊيوز | |
وڪي مينيا 2015 | جولاءِ 15–19 | ميڪسيڪو شھر، ميڪسيڪو | انعقاد کان بعد | -- | |
وڪي مينيا 2016 | جون 21–28 | ايسينو لاريو، اٽلي | |||
وڪيمينيا 2017 | 9 کان 13آگسٽ | شيريٽن ھوٽل، مونٽريال، ڪيوبڪ، ڪيناڊا | videos | ||
July 18–22 | ڪيپ ٽائون، ڏکڻ آفريڪا |
2006 ۾ ٻين وڪيمينيا ڪانفرنس 6 کان9 آگسٽ 2006 تي آمريڪا جي رياست مئسچوسٽس جي شھر ڪيمبرج جي ھارورڊ لا اسڪول جي برڪمن سينٽر ۾ منعقد ٿي–500ان جي شرڪت ۾ جمي ويلز، لارنس ليسگ، بريوسٽر ڪاھلي، يوچئي بنڪلر، مچ ڪپور، وارڊ ڪننگھم، ڊيوڊ وينبرگر، ڊئن گلمور شامل ھئا
وڪي مينيا 2014 ھي ڏھين وڪي مينيا ڪانفرنس ھئي جيڪا 8 کان 10 آگسٽ تائين جاري رھي۔ دفتري طور تي نامزدگي ۽ انتخاب جو عمل ڊسمبر 2012 ۾ ئي شروع ٿي چڪو ھو، مئي 2013 تي لنڊن بطور مھمان شھر منتخب ٿي ويو۔
ھن ڪانفرنس ۾ ڪليدي خطاب ايمنسٽي انٽرنيشنل جي جنرل سيڪريٽري سليل شيتي جو ھيو۔ ان سان گڏ ھي پھريون موقعو ھو جڏھن وڪي مينيا ڪانفرنس کي وڪيميڊيا فائونڊيشن جي نئين ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ليلا تري تڪوف خطاب ڪيو۔
ھن ڪانفرنس جي انعقاد کان اڳ ٻہ روزہ ھيڪاٿون جاري رھيو۔
ھن ڪانفرنس جو انعقاد لنڊن جي باربيڪان سينٽر ۾ ٿيو ھو۔
ھن ڪانفرنس ۾ وڪي جي سالاني ڪارڪردگي سان گڏوگڏ پنج موضوع زير بحث ھيا:
وڪي مينيا 2015 وڪي مينيا جو يارھون سالانو اجلاس ھيو، جيڪو 15 کان 19 جولاءِ 2015 ۾ منعقد ٿيو۔ 2015 اجلاس جي 2013 ۾ ٻولي ڪرائي وئي ھئي۔ ميڪسيڪو شھر کي اپريل 2014 ۾ ميزبان شھر جي لاءِ منتخب ڪري ورتو ويو ھو، ان کان علاوہ صرف ٻن شھرن جي لاءِ ٻولي ڏني وئي ھئي جن ۾ ڏکڻ آفريڪا جو ڪيپ ٽائون ۽ منستير، تيونس شھر شامل ھيا۔
2016 وڪي مينيا اجلاس اٽلي جي شھر ايسينو لاريو ۾ 21 کان 28 جون جي دوران ٿي رھيو آھي.
ھن ڪانفرنس جو انعقاد 9 کان 13 آگسٽ 2017 تي مونٽريال، ڪئناڊا جي شيريٽن ھوٽل ۾ ٿيو.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article وڪي مينيا, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.